خاص

سنڌڙي ۾ ڪھاڻيڪار ميان گل محمد ڪلھوڙي جي وڇوڙي تي تعزيتي ريفرينس ۽ دستوري گڏجاڻي سانگي شبير ڪنڀر/سنڌڙي

سنڌي ادبي سنگت سنڌڙي شاخ ضلعو ميرپورخاص پاران تاريخ 13 جون 2021ع تي، سنڌ جي يگاني قلمڪار ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عاشق ميان گل محمد جي وڇوڙي تي، امير بخش شر ميموريل لائبريري ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ ميرپورخاص ادبي سنگت جي سٿ سميت علائقي جي باشعور شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي جي صدارت ميرپورخاص جي خوبصورت شاعر عبدالخالق “اسير” ڪئي. گڏجاڻيءَ جو آغاز ادبي تخليقون پيش ڪرڻ سان ٿيو. جنهن ۾ ليکراج ميگھواڙ ۽ عبدالغني شر ڪهاڻيون، حسيب ڪانھيو، علي رضا لغاري، “تنها”، واجد ڪنڀر، “وفا” حضور بخش فضلاڻي ۽ عبدالخالق “اسير” نڪور شاعري پيش ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ميرپورخاص سان تعلق رکندڙ سنڌ جي معروف علمي ادبي شخصيت، ميان گل محمد ڪلهوڙي جي وڇوڙي تي تعزيتي نشست پڻ ٿي. ان موقعي تي ادب دوستن، ميان گل محمد ڪلھوڙو جي شخصيت، سندس تخليقي ۽ تحقيقي ڪم بابت ڳالهائيندي چيو ته ميان گل محمد گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو. ھن ادب جي مختلف صنفن ۾ يادگار ڪم ڪري پاڻ ملهايو. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي علي رضا لغاري چيو ته ميان گل محمد ڌرتيءَ جو عاشق هو. ھو سدائين ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪندو ھو. ميان ھڪ بھترين ڪھاڻيڪار ھئڻ سان گڏ سنڌي ٻولي جو تمام وڏو ڄاڻو ھو. عبدالغني شر چيو ته ميان گل محمد ڪلھوڙو روحاني طور تي اسان گڏ آهي، هو اسان ۾ جاڳي پيو ۽ ايندڙ نسلن تائين جاڳندو رھندو. رائيڌن ڀيل جو چوڻ هو ته ميان گل محمد ڪلهوڙو هميشه نون لکندڙن جي رهنمائي ڪندو هو. ميرپورخاص جي بھترين شاعر “وفا” حضور بخش فضلاڻي چيو ته ميان گل محمد ڪلهوڙي پنهنجي محنت سان ادبي دنيا ۾ پنهنجو الڳ ٿلڳ ۽ منفرد مقام ٺاهيو. شاعر “تنها” واجد ڪنڀر جو چوڻ ھو ته ميان گل محمد سنڌيءَ جي گهمندڙ ڦرندڙ لغات هجڻ سان گڏ سنڌي ٻولي جو عاشق پڻ ھو. سينئر ليکڪ جيرام داس اٻوجهي جو چوڻ ھو ته ميان گل جي وڇوڙي تي نه رڳو ھتي جي ادبي ماحول کي گهڻو نقصان پھتو آهي، پر ان سان گڏوگڏ سموري سنڌ جو تمام وڏو نقصان ٿيو! ميان گل محمد کان اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو ھو. اسان سندس وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏکارا آھيون! ليکراج ميگھواڙ جو چوڻ ھو ته جيڪڏهن ميان گل محمد جو ساٿ ۽ رهنمائي نه ملي ها ته شايد ئي آئون ادب جي دنيا ۾ ايترو اڳتي اچي سگهان ھا. ميان اسان جي لکڻين کي غور سان پڙھندو به ھو ۽ دل کولي پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪندو ھو. قربان شر جو چوڻ ھو ته ميان گل محمد حساس ماڻهو ھئڻ سان گڏ، روحاني طور امير انسان ۽ وڏي دل رکندڙ ماڻهو ھو. امداد ڪانھيو جو چوڻ ھو ته اسان سڀن لاءِ ھي انتھائي ڏک جي گھڙي، ڏک جو عالم ۽ ڏک جو مقام آهي! ميان گل محمد اسان جي سٿ جو سڄاڻ ساٿي ھو ۽ هن جون ساڻس ڪيئي يادون وابسته آهن. ميان گل محمد جو تڏو سندس دل ۾ آهي، ۽ هن چيو ته کيس ساريندي سندس ڪيفيت ڳالهائڻ جھڙي نه آهي! حسيب ڪانھيو جو چوڻ ھو ته ميان گل محمد ھڪ سٺو اديب ھو. ھو جڏهن ڪا نئين ڪھاڻي، نئون مضمون، ڪالم يا شعر لکندو ھو ته جلد از جلد شايع ٿيڻ لاءِ موڪلي ڇڏيندو ھو، پر ايئن بلڪل به نه ھو ته ڪو هو رڳو ڇپجڻ جي حد تائين لکندو ھو، ھن جو ايئن اوچتو ھليو وڃڻ، مختلف مڪتبهءِ فڪر جي ماڻهن کي اداس ۽ اڪيلو ڪري ويو آهي! آتم مل، پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ميان گل محمد ڪلھوڙو سچ پڇو ته پاڻ گلاب جو گل ھو، پر ھيءَ مند، هن گل جي مُرجهائڻ جي نه ھئي! فيض محمد مهر ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ميان گل محمد ڪھلوڙو بردبار شخصيت جو مالڪ ھو، محنت ڪري کائڻ وارو ماڻهو ھو. ھو هر وقت سڀني جي ڀلي لاءِ سوچيندو ھو. ميان گل محمد ۾ سڀ کان وڏي خوبي هيءَ به هئي ته هو ھڪ بھترين استاد هو. گڏجاڻي جي ڪارروائي ارشاد جوڻيجي ھلائي، ارشاد جوڻيجي جو چوڻ ھو ته ميان گل محمد اسان سڀني لاءِ بڙ جي گھاٽي ڇانو جيان ھو، جنهن ڇانو کان ھاڻي اسان سڀ ساٿي محروم ٿي ويا آھيون! گڏجاڻي ۾ موجود ٻين ادبين پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ميان گل محمد ڪلهوڙو هڪ سچو قومي ڪردار، نمائنده اديب، ڪھاڻيڪار، سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ۽ سڀني ادب دوست ماڻهن لاءِ رول ماڊل هو. سندس وڇوڙو سنڌي ادب جي دنيا ۾ قومي سانحي برابر آهي. سندس خال ڀرجڻ مشڪل آهي، صدارتي خطاب دوران ميرپورخاص جي نامياري شاعر عبدالخالق “اسير” ميان گل محمد کي ڀيٽا طور غزل پيش ڪري، ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو!!