وفاقي بجيٽ جو مسودو تيار، ڊيوٽيون ۽ ٽيڪس گھٽائڻ جو امڪان

وفاقي حڪومت 3 ھزار ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي خساري تي ٻڌل بجيٽ جو مسودو تيار ڪري ورتو آھي. بجيٽ ۾ ڊيوٽين ۽ ٽيڪسن ۾ گھٽتائي جو امڪان آھي. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آھي. ان کان سواءِ ملازمن کي ملندڙ ايڊھاڪ رليف ۾ 2 ايڊھاڪ رليف پگھارن ۾ ضم ڪرڻ جا به امڪان ظاھر ڪيا پيا وڃن. درآمدي مشينري تي ڪسٽم ۽ ايڪسائز ڊيوٽين ۾ 3 سيڪڙو تائين لاٿ جو امڪان آھي. وفاقي بجيٽ 12 جون تي پيش ٿيندي. بجيٽ تجويزن جي تيارين ۾ تيزي اچي وئي آھي. ذريعن موجب وفاقي بجيٽ تجويزون 2 جون تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون. وزير اعظم عمران خان 12 جون کان اڳ بجيٽ بريفنگ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ جي ڪل حجم ۾ 10 سيڪڙو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ايندڙ مالي سال ۾ ساڍا 7 ھزار ارب کان وڌيڪ وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ جو امڪان آھي. ايندڙ بجيٽ ۾ بنيادي کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس جي شرح وڌيڪ گھٽ ڪئي ويندي. دوائن تي به ٽيڪس جي شرح گھٽ ڪرڻ جو امڪان آھي. وفاقي ھيلٿ بجيٽ صوبن سان مشورو ڪري تيار ڪئي ويندي. ملڪي سلامتي کي اڳيان رکي دفاعي بجيٽ به وڌائي ويندي. وڏن گھرن ۽ فارم ھائوسز تي لگزري ٽيڪس، وڏين گاڏين، قيمتي ٽائلز سميت امپورٽڊ لگزري شين تي ٽيڪس لڳائڻ جو امڪان آھي