سنڌ جا ٻيٽ ۽ انهن تي وفاقي حڪومت جي پليت نظر

سنڌ ھميشه ھڪ اھڙو خطو رھيو آھي جنھن جي ڌن دولت، مال ملڪيت ۽ قدرتي وسيلن مٿان ازل کان وٺي ڌارين جون يلغارون ۽ غير قانوني نظرون کتل رھيون آهن. اھوئي سبب آھي جو سنڌ سان ڦرلٽ جا داستان جيڪر لکجن ته ھوند دنيا جي يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي ڪرائيندڙ ماھر ئي کٽي پون. امير ترين خطو ھجڻ باوجود سورن ۽ دردن جي ماريل سنڌ سان اھڙي ويڌن ڌارين ته ٺھيو، پر جڏھن پنھنجن به ڪئي ته اھا ھڪ غير قانوني ۽ غير اخلاقي ڪوشش سڏي وئي جنھن سان بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ٿيندي وئي جيڪو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي جنھن ۾ ڪراچي ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي ڀاڄوڪڙن، پناھگيرن ۽ دھشتگردن کي رھائي ڪري اتي جي آباد، سرسبز توڙي بنجر يا خشڪ پُرڪيف زمينن کي گندگين ۽ ڍونڍن جي ڍيرن ۾ تبديل ڪرڻ کانپوءِ پاڻي اندر موجود مھا ساگر جي ڪڇ ۽ اُکڙ جا سرسبز سڪل ٻيٽ به وفاق جي نظرن ۾ اچي ويا آھن جن تي مڪمل حق جيتوڻيڪ عالمي ۽ ملڪي قانون موجب صرف ۽ صرف سنڌ جو ٿئي ٿو جنھن جي دل ڪراچي ۾ ان جي ڌرتي ڌڻين يعني سنڌين جا خانداني پٽ، رستا، ڳوٺ، واھڻ، وستيون ۽ وسنديون موجود آھن پوءِ اھي ابراھيم حيدري کان اڳتي اولھ طرف منوڙو جا جزيري نما ٻيٽ ھجن يا تمر جي ھٻڪار سان واسيل ھاڪس بي جا ٻيٽ ھجن يا وري محبتي ماروئڙن جي ڳوٺ ماڙيپور کان اڳيان جنگجو جوکيه جوان ڀنڊ برادرز جا ديري نما ڳوٺ ھجن يا وري اوٺين جي جھرمٽ ۾ جُھلندڙ “بابا ڀٽ” کان اڳتي ڀنڊن جا ديس ڀنڊار يا سندن ڏاڏاڻن جي ديس ۾ ڏنگي ٻيٽ ھجن، ھر ٻاٻھيو ٻيٽ ھزارين سالن کان وٺي سنڌو ماٿري جو نشان رھندڙ ھڪ تاريخي ٻيٽ رھيو آھي. اچو ته انھن بظاھر ٻيٽ، پر حقيقت ۾ دبئي کان سونھن ۾ سرس خوبصورت اثاثن بابت ڪجھ پرکڻ جي ڪوشش ڪريون ته آخر ڪھڙي مايا ملڪيت جي ڪري وفاقي حڪومت پنھنجي ئي ملڪ جو آئين ٽوڙي تاريخي لتاڙ ۽ وانڇائي وللن وانگر والارون ڪرڻ لاءِ گس پئي ڳولھي!

ھزارين سال اڳ جي تاريخ کي ڏسنداسين ته جٿي سنڌو درياءَ اٿلون کاڌيون اتي سنڌي ساگر اندر مختلف وقتن ۾ مختلف ٻيٽن جا نوان جنم به ٿيندا رھيا ته انھن جا وقت جي رد و بدل سان گڏ اختتام به ٿيندا رھيا، ڪٿي مٺي پاڻي جي ڳچ مقدار ۾ ٻوڏ اچڻ جي ڪري ٻيٽ ڊيلٽا ۾ ملي ويا ته  ڪٿي وري دريا جي پاڻي تي راتاھا ھڻي سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي کي روڪيو ويو جنھن جي ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين کي کائيندو ويو (اڄڪلھ جي صورتحال) ته ان ۾ موجود ڪجھ ٻيٽ به سمنڊ جي پيٽ ۾ گم ٿيندا ويا. اڄ به سامونڊي کاڄ جو شڪار ٿيل ماضي جو ڪاروباري مرڪز “ڪيٽي بندر” تباھ حال موجود آھي ۽ سڀني لاءِ عجب جو مرڪز آھي جنھن ۾ حجامڙو ڪريڪ ۽ ٻيا ٻيٽ سڀني لاءِ سوچڻ جا مقام آھن ته آخر ڪيڏانھن ويو ڪيٽي بندر جو اھو عروج جنھن دور ۾ اھو شھر ڏکڻ ايشيا ۾ ڪاروبار جو اھم مرڪز سڏبو ھو؟ ڇا ان جي تباھي جي پويان حياتياتي ۽ ماحولياتي سبب ھئا جن جي ڪري سامونڊي فطرت جي سونھن ٻيٽن ۽ مھا ساگر سمنڊ سان انسانن منھن اٽڪايو جنھن جي نتيجي ۾ ايڏيون وڏيون تباھيون آيون؟ ان جو جواب موجودہ ڪورونا وبا جي تباھي سان ڀرپور ڪڙي تجربي کانپوءِ سڀني کي سمجھ ۾ اچڻ لڳو آھي ته اھي سڀ رد عمل، فطرت سان ھٿ چراند جا نتيجا آھن.

جيئن ته دنيا جي ائٽمي طاقت جي حامل ھن ملڪ ۾ سامونڊي پٽي رڳو سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ آھي. ٻنھي صوبن ۾ موجودہ ۽ ڪُل ٻيٽن جو تعداد 350 کان وڌيڪ آھي (ڪجھ ٻيٽ ڪڏھن ڪڏھن سامونڊي وِيرن جي ور چڙھيو گم ٿيو وڃن سو اھو تعداد لڳاتار ساڳيو نٿو ٿي سگھي) جن مان ڪجھ بلوچستان ۾ جڏھن ته باقي سڀ ٻيٽ (300 کان وڌيڪ) سنڌ ۾ آھن جيڪي اڪثر ڪري سنڌو ماٿري جي شروعاتي مھاڳي ڪراچي سنڌ ۾ جڏھن ته ڪجھ ننڍا ننڍا ٻيٽ وري ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، جاتي، سر ڪريڪ ۽ بدين جي سامونڊي حصي يعني ڊيلٽا اندر به موجود آھن ۽ ڪجھ ٻيٽ جيڪي سر ڪريڪ ۾ آھن، انھن تي پاڪستان ۽ انڊيا ۾ اڃان تائين فيصلو ناھي ٿي سگھيو. حقيقت ۾ اھي سڀ ٻيٽ ھر لحاظ کان قيمتي آھن جنھن جي ڪري ماضيءَ ويجھڙ ۾ مختلف قبضا گيرن جا قصا به تاريخ جي زينت بڻيل آھن جھڙوڪ: مشرف دور ۾ 2000ع ۾ شروع ٿيل انهن سازشن کي ڏسبو ته تڏھن کان ئي ڪورنگي ڪريڪ جي ڪپ تي قائم ٻن جاڙن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي ٿائلينڊ جي سھڪار سان ٽيڪنيڪل سٽي اڏڻ جو ناڪام منصوبو شروع ڪيو ويو ھو جيڪو ڪم اڌ ۾ رھجي ويو. وري ڪجھ سالن بعد 2006ع ۾ ٻيھر دبئي جي العمار ڪمپني کي انھن سنڌي ٻيٽن جي 12 ھزار ايڪڙ زمين غير قانوني طور وڪرو ڪئي وئي جنھن تي عمار وارن دبئي طرز تي شھر اڏڻ جو منصوبو جوڙيو. ان بعد پ پ وري 2013 ۾ سيف سٽي اڏڻ لاءِ ملڪ رياض ۽ آمريڪي سيڙپڪار ٿامس ڪرامير سان ھي ٻيٽ “ڀڳڙن مُٺ” وڪيا..! جيڪي سپريم ڪورٽ روڪيا جنھن جو اللہ ڪو ڀلو ڪري!جڏھن ته ان سڄي ڪاروباري اڏاوتن ۾ ايم ڪيو ايم پڻ وڏو شوق ان ڪري ڏيکاري رھي ھئي جو ھي اھو زمانو ھو جو اھي پنجن منٽن اندر ڪراچي شھر کي بند ڪرڻ جو “ڏاڍ ڀريو اختيار” رکندا ھئا جنھن جي ڪري انھن ٻوري بند لاشن جي بدنام زمانه رواج جي باني ڀاڄوڪڙن کي ھي ٻيٽ “کارا” نه، پر “سڻڀا” ٿي نظر آيا. ان سلسلي ۾ وري ھن دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ٽيڪي تي ھلندڙ موجودہ وفاقي حڪومت جي سڌ شروع کان سنڌ سان ويساھ گھاتي ڀري رھي آھي ۽ رڳو بھانن مٿان بھانا ڳولھي ڪم ڪيا ويا آھن، جھڙوڪ: ڪجهه عرصي کان عمران خان ۽ سندس حڪومت ڪراچيءَ مٿان پنهنجا لامارا ڏيندو رهيو ۽ پھريان اھا ڪوشش ڪندو رهيو ته ڪنهن نه ڪنھن طريقي سان آئين ۾ صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيندڙ ارڙهين ترميم ختم ڪرائي وڃي، پر ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت پاران جڏھن سخت رد عمل ڏيکاريو ويو ته وفاق وري نوان رستا ۽ طريقا ڳوليا ۽ نيٺ تازي وسڪاري کانپوءِ برسات جو فائدو وٺي ڪراچي مٿان پنھنجو قبضو ڄمائڻ خاطر، غير آئيني طريقي سان وفاقي اداري اين. ڊي. ايم. اي کي استعمال ڪيو ۽ پوءِ وري ھڪ ڪاميٽي ٺھي جنھن جا مول متا اڄ ڏينھن تائين گمنام فلسفي وانگر ٽيبلن جي خانن ۾ اڏوھي جو کاڄ پيا بڻجن. موجودہ حڪومت جھڙيءَ طرح جمھوريت جي جنازي ڪڍڻ ۾ پوري آھي بلڪل اھڙيءَ ريت سندن اھا ميري ۽ ٽيڙي نظر انھن سنڌي ٻيٽن مٿان به اچي اٽڪي آھي جيڪي حقيقت ۾ قدرت طرفان ڪاروبار يا “ڌوڙ ڦلھيار” اڏاوتون ڪرڻ لاءِ نه، پر سمنڊ کي صاف رکڻ، پاڻي کي شفاف رکڻ، سامونڊي جيوتن جي کاڌي جي نظام کي جاري رکڻ، ھوا ۽ خشڪي واري زميني نطام جي رد و بدل ۽ حياتياتي فرق کي واضح رکي ڌرتي جي گولي جي بھتري ڪارڻ ٺاھيا ويا ھئا جن کي صدر ۽ سندس وزيراعظم جھڙا “غريب سياستدان” ھرو ڀرو اچي لڳا آھن، پر کين اھا ڀل آھي ڇو جو ھتي سوين سالن کان سوين حملا آور آيا، پر ڪنھن به سامونڊي فطرت سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي. صدر پاڪستان سميت وزيراعظم وڏي لالچ ۾ اچي غير آئيني طريقي سان گڏجاڻيون ڪري ڪجھ وللون (بد فضيلتائيون) ڪندي نظر پيا اچن. صدر صاحب گورنر وٽ ته آيو، پر سنڌ حڪومت کي تعصب جي انتھا پسندي ڪارڻ ان گڏجاڻي جو ڪو واءُ به ڪونه ڏنو ويو. ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل نمبر 101(5) ۾ صاف صاف گورنر صاحب جا اختيار ۽ انھن جي حد بندي لکيل آھي، پر اسان جو گورنر ته ويچارو اھو آھي جيڪو گورنر ھائوس ۾ به “پي ٽي آءِ گھر” ھلائي رھيو آھي. حقيقت ۾ آئين ۽ اللہ کي حاضر ناظر سمجھي اسلام جي قانونن پٽاندر کنيل حلف مطابق صدر مملڪت ته ملڪ جو اھو سربراھ آھي جنھن کي ته اھڙن تڪرارن ۾ اچڻو ئي ناھي، پر ھتي درياءَ ابتو وھي رھيو آھي! ان ئي سلسلي جي ھڪ ڪڙي “پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي”(Pakistan Island Development Authority)  نالي ھڪ ھٿ ٺوڪي ۽ من پسند قانون سازي ڪري آڻڻ آھي. قانون موجب صوبي ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ڪرائڻ کان اڳ صوبائي رٿا بندي بورڊ کان اجازت وٺڻي پوندي آھي، پر ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت ڪوبه قدم ناھي کنيو. صوبائي وزير اسماعيل راھو پڻ ان سلسلي ۾ بيان ڏيئي چڪو آھي ته ڀنڊار بابت سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ ناھي ورتو ويو جيڪا اصولن، اخلاقن ۽ انساني قدرن جي ڀڃڪڙي آھي جنھن جا خطرناڪ نتيجا ان ڪري به نڪرندا جو ھينئر کان ئي اتي عام ته ڇا، پر سالن پراڻي ڌرتي ڌڻيءَ کي به اچ وڃ کان روڪي، چيڪ پوسٽون ٺاھيون ويون آھن. جيڪڏھن وفاق ان سامونڊي نظام سان ھٿ چراند ڪرڻ لاءِ ڪا رٿا بندي ڪري جڏھن ھيوي مشينري اتي لڏيندو ته ان ڏينھن کان وٺي ڪراچي کان گوادر توڙي ڪيٽي بندر تائين سمنڊ پنھنجي جوابي ڪارروائي به ڪندو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان جا “وڏا ڀائر” پنھنجا ڀڀ ڀرڻ ڪارڻ ۽ خود پسندي جي بيماري ورتل ترقي ۾ انڌا ٿي سنڌ جي قدرتي ماحول سان گڏ سمنڊ جي ڪپن تي اڏيل عالمي سونھن ڪراچي ڊويزن جا اڻ ڳڻيا بندر (ڪلفٽن، ھاڪس بي، منوڙو، ملير، ڪورنگي، ابراھيم حيدري وغيرہ) سڀ وڃائي ويھن ۽ سنڌ جو ساھ ڪراچي جيڪو ھن صدي ۾ ماحولياتي تبديلين وچان اڳ ۾ ئي تڳي رھيو آھي، اھو ويتر وينٽيليٽر تي وڃي آخري پساھ نه کڻي ڇو ته اسان جي ڪرم فرما حڪومتن وٽ ته ايترا وسيلا به ناھن جو اسان ڪنھن قدرتي آفت کي منھن ڏيئي سگھون.

ڀنڊار ٻيٽ جنھن تي نه صرف مھاڻن جي معاشي زندگي جو دارو مدار آھي، پر ان سان سندن روحاني، ثقافتي ۽ مذھبي رشتو پڻ آھي. مختلف ننڍن وڏن ڏينھن تي اتي ھو گڏ ٿي ڪچھريون ڪندا آھن ته گڏوگڏ اتي موجود ھڪ بزرگ سان سندن روحاني لڳاءُ به رھيو آھي. ان بزرگ جو نالو يوسف شاھ آھي، سندن سالياني ميڙي جو منظر ڏسڻ وٽان ھوندو آھي جنھن ۾ ھزارين سامونڊي ماڻھو ايندا آھن. تازو ئي مشھوري ماڻيل ٻيٽ “چرڻا” پڻ ان جي ويجھو آھي. ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻئي ٻيٽ حقيقت ۾ هڪ ڊگهي ٻيٽ جا سلسلا يا پتڻ آهن جيڪي سنڌ جي سامونڊي تاريخ جا وڏا نشان پڻ آھن. ڀنڊار اڀرندي پاسي جڏھن ته ڏنگي ٻيٽ الھندي پاسي آهي ۽ انھن جي پاڙي ۾ ڪورنگي، ڦِٽي ۽ جهري ڪريڪ آهن. ڀنڊار ٻيٽ جي پکيڙ 19 سئو ايڪڙن کان به وڌيڪ جڏھن ته ان جي ڊيگهه 8 ڪلو ميٽر آھي، جنھن جي ڪري ڪلاچي جي ساگر تي موجود ننڍن وڏن جزيرن مان سڀني کان وڏي ۾ وڏو ٻيٽ به ڀنڊار آهي، جنھن تي اڄڪلھ قبضو ڪرڻ لاءِ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ٺاھي (ياد رھي ته اھو پهريون ڀيرو آهي جو ان لاءِ باقاعدي قانون سازي ٿي رهي آهي) سنڌ سان ھڪ ٻي ڊگھي ۽ تاريخي ويساھ گھاتي ڪرڻ جي شروعات ڪئي پئي وڃي جنھن ۾ ان سميت ۽ ٻين ٻيٽن تي ڪراچي بلڊر مافيا جيان انساني رهائش جون رٿائون آڻي، نوان شھر اڏبا ۽ وڌيڪ ڌارين کي آباد ڪيو ويندو جنھن سان سنڌ جي ڊيمو گرافي به مڪمل طور بگڙي ويندي.

سنڌ واسين ھر ڀيري سنڌ دشمن رٿائن کي وڏي واڪي رد ڪيو آھي. ان ڏس ۾ مشھور سماجي اڳواڻ ۽ فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه به ھميشه جيان ان سلسلي کي ننديندي اھو واضح ڪيو آھي ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار سراسر ناجائزي ۽ غير آئيني آھي. ساڻس گڏ في الحال ته ايترا ماڻھو ڪونه آھن، پر اھو ته وقت ٻڌائيندو ته سنڌ جا سماجي سڌارڪ ڪيترو سندس ساٿ ڏين ٿا. ان ڏس ۾ ڪراچي جي مزاحمتي ڪردار جي مالڪ سيد خدا ڏنو شاھ جيڪو سنڌ انڊيجينئس الائنس جو اڳواڻ به آھي، سٺو بيان ڏيندي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق پاران شھر اڏڻ وارين ڪوششن کي کُلي عام سنڌ دشمني ۽ بدنيتي قرار ڏيندي چيو آھي ته اها سڄي زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت آھي جن تي شھر اڏجڻ سان لکين مھاڻن جا مک لنگھه جيڪي ڪورنگي ۽ ڦٽي ڪريڪ وٽان آھن اھي سڀ بند ٿي ويندا جنھن سان بيروزگاري وڌندي ۽ اصل ڌرتي ڌڻي جيڪي نسل در نسل مھاڻا آھن انھن جو معاشي قتل عام ٿيندو.

ڇا ايڏي وڏي والار جي ڪوششن، آئيني لتاڙن کان بعد به سنڌ جا نام نھاد دوست جيڪي وفاق جا ھرو ڀرو ڳيت ڳائين ٿا، ان پليت نظرن تي ڪجھ به ڪونه ڪُڇندا؟ تڏھن ته سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي ٻيٽن ويجھو ئي رھندڙ لاڙ پٽ مزاحمتي شاعر ابراھيم منشيءَ چيو:

جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ،!

پليت پير ڪر پري، ھيءَ ڌرتي منھنجو ننگ آ،!

جنگ جنگ جنگ آ.!

جڏھن به جنگ طبل وڳا، ته ڌاريان ڀونءَ ڇڏي ڀڳا،

ڪئين سوڍا سنڌوءَ پيٽ مان، ٿيا پار انھيءَ پيٽ مان،

جڏھن به ھت ٿا گھِنڊ گُڙن، مرڻ کان مانجھي نا مُڙن،

اچو اچو اچو اچو، ٿيو وقت ڏاڍو تنگ آ،

جنگ جنگ جنگ آ.!

جڏھن به سنڌ سڏ ڪيو، ته پھچي پٽڪي وَرُ ويو،

۽ جوڙي سي جٿا جٿا، ٿي گھورئيون ڌَر مٿان مٿا،

نه ھِچڪيا نه ھَٻڪيا، نه دم دلير دٻڪيا،

اجائي تو اچي ھتي، اڙائي تن سان ٽنگ آ،

جنگ جنگ جنگ آ.!

ڪِلي سندا ھي ڪوڏيا، جبل جيئن ڪنھن نه لوڏيا،

۽ جن جون مائون شينھڻيون، آ موٽ تن لئه مينھڻون،

نه تو ھنن جي تاءُ جي، خبر آ ورتي گھاءُ جي،

ھنن سندو ٻچو ٻچو، سو تير ڄڻ تُفنگ آ،

جنگ جنگ جنگ آ.!

ھي ديس پنھنجي جا ڌڻي ٿا رُڪ روھي ڪن پڻي،

جي ميري اک سان آيا، مٿان سي ڀونءِ ڀڄائيا،

مرن ھي “منشي” ماڳ تي، ۽ پنھنجي ڀونءِ جي ڀاڳ تي،

جيئڻ مرڻ جوو جُوءَ ۾، ھنن جو پنھنجو ڍنگ آ،

جنگ جنگ جنگ آ!!

سنڌ ۽ سنڌين کي پنھنجا تاريخي ٻيٽ بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ کپي؟:

سنڌ جي سڀني ساڃاھوند ڌرين کي پنھنجن اختلافن کي ھڪ پاسي رکي ڪالاباغ ڊيم يا سنڌ جي وحدت خلاف اڳ ۾ اٿيل آوازن وانگر ھن منصوبي خلاف به آل پارٽيز ڪانفرنسون رکڻ کپن ۽ پير پاڳاري صاحب کي نه صرف جي. ڊي. اي، پر پنھنجي حُر پليٽ فارم تان به وفاق کي خبردار ڪرڻ کپي ته ھي ٻيٽ ازل کان وٺي سنڌ جا حصا رھيا آھن جن جي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ فطرت سان ھٿ چراند آھي جنھن جا نتيجا تمام خطرناڪ نڪرندا. سنڌ جي تاريخ جي سونھن رھندڙ انھن مھا ٻيٽن جي خلاف غير اخلاقي ڳٺ جوڙ ٺاھي ھٿ ٺوڪيو قانون آڻڻ خلاف سنڌ جي قلم ڌڻين، صحافين، عالمن، اديبن ۽ غير سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي کي پڻ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ کپي ۽ نه صرف سنڌ، پر پوري ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاھر پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي دنيا کي دانھين ٻڌائڻ کپي ته سنڌ سان ھڪ نئون اڻ کٽڻدڙ ظلم جو داستان رقم ٿي رھيو آھي. ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن ويجھو رھندڙ مختلف سنڌي قبيلن جھڙوڪ: مھاڻا، ملاح، دبلا، ڀنڊ جوکيه، بلوچ، جدڳال، لاکا، پاتڻي، ميربحر، بروھي، لاسي، موريو پوٽا وغيرہ ۽ ٻين پراڻن ڌرتي ڌڻين سان رابطا ڪري فورن اتي جي ارضياتي، تھذيبي ۽ سياسي توڙي سماجي تاريخ قلمبند ڪرڻ کپي ڇو ته جلد ھت لوڌ اچي ويندي پوءِ اھا ويڌن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ به انھن ٻيٽن جا قصا نه ملن.

انھن ٻيٽن جو مستقبل ۽ انھن مان سنڌ کي ڇا ملندو؟:

انھن ٻيٽن تي مستقبل ۾ نوان شهر اڏڻ جا فائدا گھٽ جڏھن ته نقصان گھڻا ٿيندا. فائدو صرف اھو ٿيندو جو ھزارين ايڪڙن تي مشتمل نئون پٽ انسانن کي ملندو. جھڙيءَ ريت منوڙو، ھاڪس بي، ڪلفٽن يا ابراھيم حيدري وارو ڪوسٽل بيلٽ آھي اھڙو ھڪ ٻيو نئون پتڻ ۽ گھمڻ جون جڳھيون ملنديون. ڪراچي اندر ڪافي جڳھيون سنڌين ڀلي وڪڻي چٽ ڪيون، پر اڄ به ڪراچي ڊويزن جي مختلف شھرن جي چؤطرف جا مالڪ اسان سنڌي آھيون. انھن ٻيٽن تي قانون سازي ڪري ڪروڙين رپين ۾ اتي خالي پلاٽ وڪيا ويندا ۽ اصل رھاڪن کي ان قانون اندر ڪابه جڳھ نه ملڻ ڪري سندن ليز وغيرہ جو ڪوبه نظام ئي نه ھوندو ته سڄو ٻيٽ سمجھو سنڌين کان ويو. سوين، ھزارين، لکين ۽ پوءِ ڪروڙين ڌاريا به اجھو پھچندا ۽ سنڌين لاءِ اھي سڀ بيٽ “نوگو ايريا” بڻجي ويندا. ان کان وڌيڪ ٻيا نقصان ڪھڙا ٿيندا، جھڙوڪ: سامونڊي جيوتن جي تباھي عروج تي ٿيندي ۽ سامونڊي جيوتون ناپيدگي ڏانھن وکون کڻنديون. ماحوليات کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو، سمنڊ جي اندر قدرتي نظامن ۾ ٿرٿلو پئجي ويندو ۽ جيوتون سوڙھيون ٿي مري وينديون. گڏوگڏ اٺ لکن کان وڌيڪ غريب مهاڻا بي گھر ۽ بيروزگار ٿي ويندا ڇو ته انھن جي روزگار جا خانداني در شھر اڏجڻ ڪري تبديل ٿي بند ٿي ويندا. ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جا نه صرف سنڌ جي مھاڻن سان ھزارين سالن جا رشتا رھيا آھن، پر سنڌ سان گڏوگڏ مڪران، ايران، پوربندر، ڄام نگر کان وٺي دنيا جي مختلف علائقن جي ديسي توڙي پرديسي مھاڻن سان انھن ٻيٽن جا روح جا رشتا رھيا آھن. ابراھيم حيدري ۾ ھڪ مھاڻي سومار ٻڌايو ته سندس جنم 1945ع ۾ پاڪستان ٺھڻ کان ٻه سال اڳ ٿيو ۽ ھن پنھنجي ڏاڏي کان ٻڌو ته سندن نسل جو ھي ٽيون خاندان آھي جيڪو انھن ٻيٽن سان سڌيءَ ريت لاڳاپيل رھيو آھي. سندن لاڳاپو انھن ٻيٽن کي لنگھ (رستي) طور استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ انھن ٻيٽن تي مڇي مارڻ جي ڪم دوران ساھي پٽڻ لاءِ پتڻ طور استعمال ڪرڻ جو رھيو آھي. انھن مھاڻن ھميشه پنھنجي ھوڙھن، لانچن کي انھن ٻيٽن تان لنگھائي سفر ڪيا آھن. سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي تمر جا ٻيلا نه ھجڻ برابر آھن جيڪي آھن انھن پٺيان ترقي جي نالي ماڻھو واڍي ڪرڻ لاءِ ورَ کڻيو بيٺا آھن. انھن ٻيٽن تي به عاليشان تمر جا ٻيلا موجود آهن جيڪي صنعتڪاري، انساني آبادي، عمارتن جي اڏجڻ ۽ شھر آباد ٿيڻ ڪري لکين انسانن جي رھڻ جي ڪري مڪمل طور ختم ٿي ويندا ۽ انھن جو به اھڙو حال ٿيندو جھڙو 1850ع ۾ ڪراچي جي سمنڊ جي ھر پاسي تمر ئي تمر ھو، ڪنارا صاف ۽ ماحول دوست شھر ھو، پر اڄ ڪروڙين انسانن جي رھڻ جي ڪري سنڌ جو ھي سھڻو علائقو ھڪ بند گھٽي جيان ٿي چڪو آھي. انھن تمر جي ٻيلن جي نقصان تي اسان مستقبل ۾ مھا طوفانن کي ڏسي رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري پشيماني ڪنداسين، پر تڏھن اسان جي ھٿ وس ڪجھ ڪونه ھوندو ڇوته انھن ٻيٽن تي ڪراچي جھڙا ٻيا گھڻائي شھر آباد ٿي چڪا ھوندا!.

***

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments