سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي. ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ هن پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ترجمان ٻڌايو آهي ته وڏو وزير جمعي تي هلڪو بخار محسوس ڪيو هو جمعي تي ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرائي ته سندس ٽيسٽ هاڪاري آئي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي هدايت تي مان پنهنجو پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. هلڪو بخار آهي باقي طبيعت بهتر آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قمر زمان ڪائره جي ٽيسٽ به هاڪاري آئي هئي.

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ راجا پرويز اشرف جي ڪورونا ٽيسٽ به پازيٽو اچي وئي آهي. راجا پرويز اشرف سمورن مائٽن ۽ دوستن کي اپيل ڪئي آهي ته هن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪن. متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ فاروق ستار جي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي چڪي آهي. 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments