سنڌ جي استادن کي لفظ پاڪستان جي هِجي به نٿي اچي: جسٽس فيصل عرب
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته بلوچستان صوبي کي اربين کرپين رپين جي بجيٽ ملندي آهي جيڪا کائي ويندي آهي. بلوچستان ۾ سرڪاري اسڪولن جي خراب صورتحال بابت سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سيڪريٽري ڪاليجز هاشم غلزئي، سيڪريٽري تعليم اسڪولز شير خان ۽ اڳوڻو سيڪريٽري طيب لهڙي عدالت ۾ پيش ٿيو. تعليم کاتي طرفان اسڪولن جي حالت بابت سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس لاڳاپيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته 14 هزار اسڪولن تي ڪيترا ارب خرچ ٿيا؟ هن ريمارڪس ڏنا ته جن فنڊن جو ذڪر آهي ان ۾ ته سمورا اسڪول فائيو اسٽار بڻجي سگهن ٿا، اسان کي ايڏانهن ڏسڻو آهي، هڪ اسڪول تي پنج ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فنڊ ايندو آهي. تعليم واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ائين ناهي ته ان ۾ رڳو 4 ارب رپيا ترقياتي ڪمن جي بجيٽ آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪو پيمانو آهي ڪنهن کي ڪيئن ترقياتي فنڊ ڏنا ويا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪرپشن کي روڪڻ اسان جو مقصد آهي، اسان ڪنهن کي کائڻ پيئڻ نه ڏينداسين، ان جو آڊٽ ڪرائينداسين. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته صوبن کي اربين کربين رپين جي بجيٽ ملندي آهي، 80 سيڪڙو کايو ويندو آهي. هن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته بلوچستان جو پئسو خبر ناهي ڪيڏانهن ڪيڏانهن ويندو آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پئسا ساهه سان گڏ پڪڙي رکو، ڪنهن کي ڦرڻ نه ڏيو. صوبي ۾ تعليمي ادارن بابت چيف جسٽس چيو ته اسڪولن ۾ ڳئون مينهون ٻڌل هونديون آهن. ٻڌڻي دوران جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ استاد رڪشا هلائي رهيا آهن، کين پاڪستان جي هِجي به نٿي اچي. بلوچستان بابت ڳالهائيندي جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏنا ته ڪو نئون مڊل يا هاءِ اسڪول ناهي ٺاهيو ويو، نه ئي انهن کي اپ گريڊ ڪيو ويو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

