سنڌ جي سر موڙ شاعر ”امداد حُسينيءَ“ سان ڳالهه ٻولهه زاهده ابڙو March 2021
زاهده ابڙو: توھان کي لکندي ساٺيڪو سال ٿي ويا آھن. ڇا توھين پنھنجي ڪم کان مطمئن آهيو؟
امداد حُسيني: نه.A big No
زاهده ابڙو: ڪارڻ؟
امداد حُسيني: مطمئن ٿيڻ جو مطلب آھي جمود! ۽ ھڪ شاعر جو بنيادي فرض ئي جمود کي ٽوڙڻ آھي. شاعريءَ جو سرچشمو زندگيءَ مان ڦُٽي ٿو جيڪو ھر دم روان آھي. معنيٰ ته تحرڪ!
سمنڊ ڪڏھن نٿو سمھي- وقت ڪڏھن نٿو بيھي-“ھوا جي سامھون” جي فليپ تي لکيو ٿم:
“لفظ لفظ ٿي سِٽ جُڙي ٿي. سنڌوءَ جي سِيرَ جھڙي سِٽ-
سڄڻ جي سينڌ جھڙي سِٽ- ۽ مون ھي لکين سِٽون اُن
سِٽ سرجڻ لاءِ لکيون آھن جيڪا اتھاس ۾ امر ٿي وڃڻي آهي!”
ان ڪري مطمئن ٿيڻ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ڪڏھن ڪڏھن ته لڳندو آهي ته “مون اڃا لکيو ئي ڇاھي؟!” جيترو لکيو اٿم اوترو ته اڃا ڇپيو به ناھيان! سو اتھاس ۾ امر ٿي وڃڻ واري سِٽ اڃا مون کي لکڻي آهي!
زاهده ابڙو: سنڌي شاعريءَ جا مختلف دور آهن- انھن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
امداد حُسيني: اوائلي لوڪ دور- لوڪ دور- اوائلي ڪلاسيڪل دور- ڪلاسيڪل دور- نيم ڪلاسيڪل دور (ڪافيءَ جو دور) انتهائي اھم دور آهن ۽ اسين انھن شاندار ۽ جاندار دورن تي فخر ڪري سگھون ٿا. مقدار توڙي ميعار جي لحاظ کان. جيڪڏھن اسين پنھنجي شعري اتھاس کي ويدڪ- جُڳ کان کڻون ته اسان جو فخر کان ڳاٽ اوچو ٿي ٿو وڃي. اھي ويد جيڪي سنڌوءَ جي ڪپر تي رِشين رچيا ۽ دنيا ۾ سڀ کان پراچين (ancient) پُستڪ مڃيا ويا آهن. انھن ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جي ساراھ ۾ ڪيترائي منتر آهن. انھن ۾ ساڻيھ جي سِڪَ کي سڀ کان اُتم ڳُڻ چيو ويو آهي- زندگيءَ کان به اُتم. توھان کي اچرج ٿيندو ته ويدن سڀ کان پھرين “جيئو جيئاريو” جو مَتو ڏنو آهي. جنھن کي شاھ لطيف هينئن اُچاريو آهي:
سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار َ
دوست مِٺا دلدارَ ، عالم سڀ آباد ڪرين!
پنھنجي ديس سنڌ جي سُڪارَ سان گڏ سڄي عالم لاءِ اھڙي دعا، جيستائين منھنجو اڀياس آهي، مون دنيا جي ڪنھن به ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ نه پڙھي آهي.
زاهده ابڙو: توھان “سائين سدائين” پڙھيو- جڏھن ته سڀني رسالن ۾ “سائينم” آهي.
امداد حُسيني: سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان جي سھيڙيل رسالي جي! اُن ۾ “سائين سدائين” آھي!
پر اُن ۾ وري ھڪ ٻي کانجاڻ آهي.
زاهده ابڙو: کانجاڻ! ڪھڙي؟
امداد حُسيني: ان “بيت” ۾ پنجاب ۽ لاھور وارين ٻن سٽن مان ھڪ سِٽ ٺاھي وئي آهي! جڏھن ته آھي ٻئي سِٽون ون يونٽ دور ۾ “گنج” ۾ لکيون ويون آهن! اھو ھڪ الڳ قصو آهي- سو ڪڏھن شاھ سائينءَ تي الڳ سان “ڳالھ ٻولھ” ڪنداسين. پاڻ ڳالھ پئي ڪئي “سائينم ۽ سائين” جي اُن کي اُڪلايون. “پراڻي ڪتابت” ۾ “نگُھڻي” جي جاءِ تي “م” لکندا هئا، جيئن: جڏھم، تڏھم يعني جڏھن تڏھن. سو سائينم کي جڏھن پڙھندا آهن تحت اللفظ ته “م” کي گھڻو ڪري “زبر” سان پڙھندا آهن- ۽ ائين “سائينم” پڙھندا آهن جنھن جي معنيٰ ٿيندي “نه” معنيٰ ته: ”سائين سنڌ تي سُڪار نه ڪجئين! “ساڳئي وقت” “سائين سدائين” اندروني قافيا به آهن.
زاهده ابڙو: مختلف دور…؟
امداد حُسيني: ھا جيئن اوائلي لوڪ دور آهي جيڪو منھنجي راءِ ۾ “منظوم چوڻين” جو دور آهي.
سنڌي ماڻھو حيرت انگيز طور تي “تُڪبندي” جي فن جا ڄاڻو بلڪه ماھر هئا. جيئن:
* ڪٿ چور سُڃا
ڪٿ ڍور سُڃا
ان ۾ ٻه لفظ “ڪٿ/سُڃا” ساڳيا آهن. رڳو “چور/ڍور” واري تُڪ مَٽجي ٿي. ان ۾ ڪوبه ڌاريون لفظ ناھي! انھن منظوم چوڻين جا گھاڙيٽا به ڌيان جوڳا آهن. جيئن ڪُل ٽن لفظن اٺن اکرن جي ھيءَ مختصر ترين چوڻي:
* اڳي سو تڳي
ان ۾ “اڳي/تڳي” جي تُڪ به موجود آهي. سڀ لفظ به سنڌي آهن. ساڳئي وقت ان کي اعليٰ معنيٰ پڻ آهي.
منھنجي ڏاڏي بيبي شھر بانوءَ ھيءَ سِٽ مون کي ٻڌائي هئي- ڇا ته سھڻي سِٽ آهي:
جنين آڏو ڀِتِ، سي به سڄڻ ڪر ڏُور
اھا اَمُلھ سِٽ بيت جي گھاڙيٽي ۾ آهي، جهڙي بيت جي پهرين سِٽ!
زاهده ابڙو: interesting
امداد حُسيني: اوائلي لوڪ دور کانپوءِ لوڪ دور آهي- جنھن ۾ لوڪ گيت آهن. لوڪ ڪھاڻيون آهن. ان ڏس ۾ چاليھن کان مٿي ڪتاب ڇپيل آهن. اھا رٿا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هئي. سنڌي ادبي بورڊ مخالفت باوجود ان کي منظور ڪيو.
زاهده ابڙو: ڪنھن مخالفت ڪئي؟
امداد حُسيني: ڊاڪٽر بلوچ جي مخالف لابيءَ، پر ھُن دل نه لاٿي. سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ ھڪ کُڏڻي جھڙي آفيس قائم ڪئي وئي “لغت آفيس.” جنھن ۾ لوڪ ادب رٿا تي به ڪم جو آغاز ڪيو ويو. فيلڊ ورڪ لاءِ سڄي سنڌ جي ماسترن کي متحرڪ ڪيو ويو. اھي مواد موڪليندا هئا- جيڪو چڪاسيو ويندو ھو. ان آٓفيس جو انچارج شيخ محمد اسماعيل ھو ۽ نگران اعليٰ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سائين محمد يعقوب ميمڻ، طالب لوھار، ولي محمد طاھر زادو، ممتاز مرزا، اسدالله شاھ حُسيني اُتي پارٽ ٽائيم جاب ڪندا هئا. منھنجي سَئوٽ شبير ھاتف ۽ مون به “لوڪ ادب رٿا” ۾ ڪم ڪيو آهي. اھو ايڏو وڏو ڪم تڏھن نه ٿئي ھا ته ڪڏھن به نه ٿئي ها! ڇو ته اُھي ماڻهو ئي نه رھن ھا! ان کانپوءِ اوائلي ڪلاسيڪل دور آهي. جنھن ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح، شاھ ڪريم ۽ شاھ عنايت رضويءَ جھڙا شاعر آهن. ڪلاسيڪل دور شاھ لطيف کان شروع ٿئي ٿو. ان دور ۾ سچل، سامي، خليفو نبي بخش جھڙا شاعر مِلن ٿا.
زاهده ابڙو: انگريز دور بابت ڇا چوندا؟
امداد حُسيني: اھو به تمام اھم دور آهي. ان دور ۾ انگريزن اسان کي پريس ڏني. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ “شاھ جو رسالو” جرمنيءَ مان ڇپايو. جنھن لاءِ ھُن مونو ٽائپ ٺهرائي. سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻوليءَ جو پد مليو. نصاب ٺھيو. درسي ڪتاب لکيا ويا. اسڪول کليا ۽ “سنڌي ٻولي” تعليم جو ذريعو بڻجي وئي ۽ سنڌي ٻولي اُسرندڙ ٻولين جي سٿ ۾ شامل ٿي وئي.
اُنھيءَ دور ۾ شاعريءَ ۾ به وڏي اُٿل پٿل آئي. جيتوڻيڪ عروضي شاعري ته سچل کان شروع ٿي:
ثابت “سچل” سچاري، يارن جي ياد ياري
وحدت جنين وساري، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسي!
شاعريءَ ۾ نيون صنفون رائج ٿيون، جيئن غزل، نظم. اھو روايتي دور آهي. اُنھيءَ دور ۾ حافظ حامد، قليچ، خليفو گل، سانگيءَ جھڙا شاعر اسان کي مِلن ٿا. اھو دور ورھاڱي تائين هليو. جنھن ۾ لڏپلاڻ ٿي. پڙھيل ڳڙھيل طبقو ھتان ٿاڏارجي ويو!
زاهده ابڙو: ڇا اوھان سنڌي شاعريءَ کي ان وقتrevive ڪيو؟
امداد حُسيني: 1952 کانپوءِ- ماٺ جي ھڪ ڊگھي دور کانپوءِ سنڌي ادب ۽ اديبن ھڪ ڀيرو وري لکڻ سان پنھنجو پاڻ کي جوڙيو. ادبي تحرڪ 1955 ۾ ٽماھي “مھراڻ” جي اجراءَ سان پنھنجي پوري عروج تي پھتو. ابتدا ۾ جمال ابڙو، شيخ حفيظ، غلام رباني، رشيد ڀٽي ۽ ٻين ڪھاڻي کيتر ۾ نالو ڪمايو- ايئن شاعري ۾ ھَرِي دلگير شاندار تجربا ڪيا. ان سان گڏ نارائڻ شيام، حاجي احمد ملاح، گدائي، مخدوم طالب الموليٰ، اياز، تنوير، نياز ۽ مون ان دور جي شاعريءَ ۾ نوان تجربا ڪيا، نوان موضوع ۽ نوان گهاڙيٽا ڏنا ۽ ان پوري دور جي ڪايا پلٽ ڪئي.
زاهده ابڙو: ڇا ائين چئي سگھجي ٿو ته توھان سنڌي شاعري کي ماڊرن ٽچ ڏنو ۽ “ماڊرن ازم” کي متعارف ڪرايو.
امداد حُسيني: مان ان سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر الياس عشقي جي اھا راءِ ڏيڻ چاهيان ٿو:
“مون کي انھيءَ چوڻ ۾ ڪا ھٻڪ ڪانھي ته امداد سنڌي شاعريءَ جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي.” (“ھوا جي سامھون” جي مھورت تي سن 2000 ۾ ڪيل في البديهه تقرير جيڪا “ڪرڻي جھڙو پل” 2012 ۾ ڇپيل آهي.)
زاهده ابڙو: ان دور جون سماجي ۽ سياسي حالتون ڪهڙيون هيون؟
امداد حُسيني: سنڌ ۽ سنڌين تي ڏکيا ڏينھن آيا. پاڪستان ٺھڻ کان اٺ سال پوءِ ون يونٽ جو نوڙ اسان جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو! ۽ “سنڌ”، جنھن تان “ھند” کي نالو مليو، جا ھزارھا سالن کان قائم دائم هئي ان جو نالو ميساريو ويو! سنڌ جي زمينن، پاڻين ۽ ٻين وسيلن کي “مال غنيمت” وانگر ڦٻايو ويو (جيڪو سلسلو اڄ به جاري آھي)! ريلوي اسٽيشنن تان سنڌيءَ ۾ لکيل نالا ڊاٺا ويا. “شريف ڪميشن” ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنجين درجي تائين واڙيو ويو.
زاهده ابڙو: …سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ جي تحريڪ ڪڏھن شروع ٿي؟
امداد حُسيني: ان ئي دور ۾ “شريف ڪميشن” جي خلاف. اھا تحريڪ سنڌي اديبن شروع ڪئي. ان ۾ “قدامت پسند” به شامل هئا ته “ترقي پسند” به. ڇو ته ٻولي ته سڀني جي هئي. ان تحريڪ جو ڪريڊٽ سنڌي ادبي سنگت کي وڃي ٿو، پر اڳتي ھلي ان تحريڪ ۾ ھٿرادو ڦيٽاڙو وڌو ويو! جنھن ۾ لٿي پٿي توانايون ضايع ٿيون ۽ نقصان ٿيو. شمشير الحيدريءَ سان سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ ملھايل ھڪ رھاڻ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته سي آءِ ڊي ۾ اسان جو ھڪ خواجو آفيسر ھو ناصر علي. اُنھيءَ چيو ته “توھين ٻولي- تحريڪ جون جيڪي ميٽنگون ڪريو ٿا، انھن جي رپورٽ اسان وٽ ساڳئي ڏينھن رسيو وڃي.” مون کانئس پڇيو ته “ڪير ٿو پھچائي؟ ٿوري آنا ڪانيءَ کانپوءِ ھُن ٻه نالا کنيا: (1) مقبول ڀٽي (سنڌي ادبي سنگت جو تڏھوڪو سيڪريٽري جنرل) (2) غلام محمد گرامي.” پوءِ شمشير ڏانھن اشارو ڪري چيائين ته “اسان ته ھُن لاءِ به ٻڌو ھو تهCID جو ماڻھو آهي!” شمشير کي پنھنجي تقرير ۾ ان تي ڳالهائڻ کپندو ھو، پر ھُن ٻِڙڪ به نه ٻاڦي!
پوءِ جڏھن پاڪستان ٽُٽو ته سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ لاءِ ايڪٽ پاس ڪيو ته “جنگ” اخبار ۾ “اردو کا جنازا ھي ذرا ڌوم سي نڪلي” سان حاشيو ڇپيو ويو! ان کانپوءِ لساني فساد ٿيا! ۽ سنڌ جي شھرن جا رستا جيڪي صبح سوير پاڻيءَ سان ڌوپندا هئا، سي سنڌين جي رَت سان ڌوتا ويا. ان ڪوس تي منھنجا ڪيترائي نظم آهن- جيئن “حيدرآباد”:
اسان جي مائرن ۽ ڀينرن جا ٿڻ ڪپيل ھا حيدرآباد
ڊرل چاقن چڪن جا گھاءَ ڇاتين تي ڇپيل ھا حيدرآباد
۽ تن جا ٻارڙا معصوم نيزن تي جھپيل ھا حيدرآباد
تڏھن توکي به ڪجهه آيو ته ھو ياد!-
(ھوا جي سامھون، ص 250)
“شھر” نظم به اُنھيءَ واقعي تي آهي:
آهين ڪير لوڪ نقابن جي پوئيتان
قرآن ٿن ھٿن ۾ ڪڇن ۾ ڇُرا اٿن
ڪوسي لھوءَ جي پياس چپن تي کڻيو گھمن
۽ رات ڏينھن ٻُوٿَ مٿان ٻُٽ ھڻيو وتن
ٻولي به منھنجي ڪا نه ٿا ڳالھاءِ ھُو سگھن
لولي به منھنجي ڪانه ٿا ورناءِ ھُو سگھن
ڄِڀَ تي ڄِڀيون اُماڙ اکين ۾ کنيو وتن
واڇن کي تازو گرم لھو ٿا ھنيو وتن
مارينِ ٿا ڦُرينِ ٿا ۽ ٽھڪ ٿا ڏين
ھي شھر جو بھشت ھو ڌرتيءَ جي گول تي
ھر دل ۾ اڄ دُکي رھيو دوزخ رڳو اُتي
ھي منھنجو شھر آهه يا دشمن جو شھر آ!
(شھر، ص 5)
زاهده ابڙو: شھر ڇڏي- ڳوٺ ڏي ھلون!
امداد حُسيني:
ڄائيس جتي پليس مان، نِپنِس وڏو ٿيس مان
اڄ وائڙو پريشان، اُن ڳوٺ جي ڳليءَ ۾!
(ھوا جي سامھون، ص 133)
اھو شعر في البديھ چيو هيم، تڏھن جڏھن ڳوٺ ۾ سچ پچ به رات جو ماستر واحد بخش “عندليب” جي گھر ڏانھن ويندي دريا ڏانھن پئي ويس ۽ سحر رڙ ڪئي ته “ھي ڪيڏانھن پيو ھلين؟” ۽ پوءِ ھُوءَ ئي منھنجي سُونھي ٿي هئي ۽ مون ڪار ورائي هئي. ان ڪري سحر مون کي ڪار هلائڻ نه ڏيندي آهي ڇو ته مان پنهنجي پورن ۾ ھليو ويندو آهيان!
ٽکڙ بابت “ھوا جي سامھون” تي پنھنجي “مھاڳ/اڀياس” ۾ ڊاڪٽر سحر گھڻو ڪجھ لکيو آهي. ٽکڙ ھڪ رٿابنديءَ سان اَڏيل ڳوٺ آهي. اُن جون گھٽيون سڄڻ جي سينڌ جيان سڌيون آهن. سڀ پاڙا ڌار ڌار ٺھيل آهن. مُھاڻن جو پاڙو، ڳنڀيرن جو پاڙو، حافظن جو پاڙو، کٽين جو پاڙو، جمعدارن جو پاڙو، واڻين جو پاڙو، ويڙھيچن جو پاڙو، سيدن جو پاڙو… انھن سڀني ذاتين جا “جُونِ واھ” تي تڙ به ڌار هئا. اچرج جي ڳالھ اھا آهي ته ٽکڙ جو اھو نقشو حافظ حامد ليڪيو ھو- جيڪو نابين ھو!
مون ٽکڙ کي ڀڄندي ڀُرندي اُجڙندي ڏٺو! بُک ۽ بد امنيءَ جي وَر چڙھيل ڏٺو! ورھاڱي کانپوءِ واڻيا ھليا ويا! کٽي به لڏي ٽنڊو محمد خان ھليا ويا! موچين جي پوري گھٽي هئي. اهي به لڏي ويا. دائود موچي جنھن جون ٺاهيل جُتيون مير عبدالحسين خان “سانگي” پائيندو هو- ان جو گھر به ڪراچيءَ لڏي ويو. مون کيس آخري عمر ۾ ڏٺو ھو. قدآور، اڇو ڳورو. ھو ڪراچيءَ کان ڀڄي ڳوٺ آيو ھو ۽ پوءِ سندس پُٽ کيس واپس وٺي ويا هئا! پيڃارا به لڏي “جھِرڪن” ھليا ويا! اٺ آڏاڻا هئا جن مان مون صرف ٻه ڏٺا- حاجي وليءَ ۽ حافظ سليمان جا اجرڪن جا ڪارخانا به کٽين سان گڏ کڄي ويا! غلام مصطفيٰ ميمڻ “ادبي انجمن ٽکڙ” ٺاھي. محمد صالح “پروانو”، ماستر آچار “نظير” ۽ ماستر واحد بخش “عندليب” سندن ٻانھن ٻيلي هئا. انھن ھڪ وڏي ادبي ڪانفرنس به ڪرائي هئي. جنھن ۾ وڏن اديبن شرڪت ڪئي هئي. پوءِ “ادبي انجمن ٽکڙ” جي باني غلام مصطفيٰ ميمڻ کي اھو چئي ته “ھي توھان ڇوڪرن جو ڪم نه آهي.” ۽ “ادبي انجمن ٽکڙ” ھُن کان کسي ٻين کي ڏني وئي ۽ ايئن اُھا ختم ٿي وئي! ۽ غلام مصطفيٰ ميمڻ تي ڪيس به ڪيا ويا ۽ اُھي (جمعدار) به نيٺ ڳوٺ مان لڏي ويا! ڪو وقت ھو جڏھن منھنجا رستا ڳوٺ ڏانھن ويندا هئا ۽ مان اسڪول (نور محمد ھاءِ اسڪول) مان ڀڄي ڳوٺ ھليو ويندو هئس ۽ اُتان وري مون کي کنڀي اسڪول پُڄايو ويندو ھو!
اھڙو وقت به آيو جو ڳوٺ ۾ اسين روز “طرحي مشاعرو” ڪندا هئاسين. “طرح” گھڻو ڪري منھنجي ئي ھوندي هئي. منھنجو سَئوٽ شبير “ھاتف” ٻاھران جڏھن به سنڌ ايندو ھو ته ڳوٺ ۾ مشاعرو رکندا هئاسين، جيڪو سڄي رات ھلندو ھو. جنھن ۾ ملا ڪاتيار مان “مسڪين” ملا ڪاتياري، گدا، ساز ۽ ھيرڻ جاڳير مان حيدري سومرو به شريڪ ٿيندا هئا. اُھي مشاعرا به ڪڏھوڪو ختم ٿي ويا. ڳوٺ سان منھنجو جيڪو ڳانڍاپو رھيو ۽ نه رهيو! اُن تي منھنجو ھڪ نظم “بند گھٽي” آهي جيڪو “ڪرڻي جھڙو پَل” (2012) ۾ ڇپيل آهي، اُن جو آخري بند توهان سان ونڊيان ٿو:
ھاڻ ساڳي گھٽيءَ جي مُھڙ تي بِھي
سوچيان ٿو ته “مان
گھر وڃان؟
ڪھڙي منھن سان وڃان!
متان
آرسيون مون کي ڄاڻڻ سُڃاڻڻ کان انڪار ڪن!”
(ص 269)
ڳوٺ ۾ جيڪو روز طرحي مشاعرو ڪندا هئاسين اُن ۾ محمد ابراھيم “داغ”، ابو طالب “خيام”، عثمان علي “غازي”، “سعيد” ٽکڙائي، ماستر آچار “نظير”، ماستر واحد بخش “عندليب” ۽ مان شريڪ ٿيندا هئاسين. ھڪڙي طرح هئي:
“عاشق ته ھرڪو آهه ڏٺو مون ڏَٽو مُٽو”
اُن سان “سعيد” ٽکڙائيءَ مقطع ۾ هينئن گرھ ملائي هئي جيڪا مون کي ياد رھجي وئي آهي:
ڇو ٿو سعيد عشقِ صنم ۾ سڙين سُڪين
“عاشق ته ھرڪو آهه ڏٺو مون ڏَٽو مُٽو!”
زاهده ابڙو: ٽکڙ جي ڪھڙن شاعرن کان توھان متاثر ٿيا؟
امداد حُسيني: ڪنھن به شاعر کي پڙھڻ ۽ ڪڙھڻ يا اُن کان متاثر ٿيڻ الڳ الڳ ڳالھيون آهن. ٽکڙ سنڌي شاعريءَ ۾ ھڪ “مڪتب فڪر” رھيو آهي. ان ڏس ۾ حافظ حامد جو پنھنجو مرتبو آهي. ھُن غزل ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ جا ڪردار سسئي، مارئي… به آندا. ان کانپوءِ ھُن جي “مارئي” جي ٽيھ اکري آهي. اُن ۾ ھڪ سِٽ آهي:
پکي پارڪر منھنجا پوندا پٿر!
زاهده ابڙو: اھا ٽيھ- اکري ڇپيل آهي؟
امداد حُسيني: “تذڪرہءِ شعرائي ٽکڙ” ۾ ڇپيل آهي. اھا سِٽ ڄڻ سندس اڳ ڪٿي آهي ۽ ھڪ تڪرار جي ڪري حافظ حامد ڪڇ جي “ڄاريلي ڳوٺ” ۾ پنھنجن مريدن وٽ ھليو ويو ھو ۽ اُتي ئي سندس وفات ٿي. اُتي ئي سندس تُربت به آهي. اھو ڳوٺ ھاڻي ھند ۾ آهي. سو حافظ حامد، حافظ شاھ، مخلص، دلگير… جا رند پنڌ، سڀاءُ، گھاڙيٽا، لھجو الڳ آهي. پنھنجي ھمعصر “سعيد”، شبير “ھاتف” ۽ پاڻ لاءِ به ساڳي ڳالھه ڪندس. حافظ حامد ايم اي جي ڪورس تي به رکيل آهي. مان ته تڏھن به ڪورس تي رکيل هئس جڏھن اڃا ايم اي ۾ داخل به نه ٿيو هئس! تڏھن سنڌي ڊپارٽمينٽ پاران “سوکڙي” مئگزين نڪتو ھو. ان جو شاعريءَ وارو ڀاڱو شاھ لطيف کان شروع ٿي مون تي ختم ٿي ٿيو (شرط نظم). منھنجي شاعريءَ ۾ ٻھراڙي، شھري ۽ بين الاقوامي موضوع آهن، جيڪي ٻين وٽ ناھن.
حافظ حامد، قليچ، خليفي گل تي گھٽ لکيو ويو آهي. وري به جس ھجي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي جنھن “ڪليات سانگي” مرتب ڪئي، پر مجموعي طور اسان پنھنجي شاعرن کي اُھا مڃتا نه ڏئي سگھيا آهيون. حافظ حامد جو خطبو به جمعي تي مسجد ۽ عيد نماز تي عيدگاھ ۾ پڙھيو ويندو آهي. سندس ڪلام “ارمغان حامد” سندس پُٽ محمد ھاشم “مخلص” ڇپايو ھو جيڪو ھاڻي اڻلڀ آهي. ان ريت سنڌيءَ ۾ پهرين صاحب ديوان شاعر “خليفي گل محمد” جو ديوان به محمد صديق ميمڻ “سنڌي ادبي سوسائٽي” پاران ورھاڱي کان اڳي ڇپايو ھو جيڪو به اڻلڀ آهي. ان ڏس ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي پنھنجو فرض ادا ڪرڻ گھرجي.
زاهده ابڙو: ٽکڙ ۾ ٻيا به شاعر هئا، اوھان جي فيمليءَ ۾ شاعر… اديب…؟
امداد حُسيني: ٽکڙ جي ماڻھن لاءِ مشھور ھو ته اهي ڳالهائيندا ئي شاعريءَ ۾ هئا. منھنجي ڪٽنب ۾ گهڻا اديب شاعر هئا ۽ آهن. سيد ميران محمد شاھ (اوّل) جنھن “سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالھ” لکي ۽ “مفيدالصبيان” جھڙا ابتدائي نثري ڪتاب لکيا، سو منھنجي ڏاڏيءَ بيبي شھر بانوءَ جو پيءُ ھو. مان پنھنجي ڏاڏيءَ کان متاثر آهيان. جنھن جون آکاڻيون ٻڌڻ ري ننڊ نه ايندي هيم. شاھ لطيف به پھرين کانئس ٻڌم. پھاڪا، چوڻيون ۽ لوڪ بيت به کانئس ٻڌم:
آھورن جي آسري، جھنگ نه چُنائون
سائو گاھ ملير جو، بيٺي ڏٺائون
منھنجو ھڪ نظم “ڏاڏيءَ جي ياد ۾” (ھوا جي سامھون، ص 137) ۽ منھنجي طويل نظم “شھر” جو ھڪ بند ڏاڏيءَ تي آهي:
۽ ٻار راند کيڏندا چوسول ۾ هئا
ٿڪجي ٿي پيا ته ڳل رکي ڏاڏيءَ جي جوٽ تي
آکاڻين ٻڌڻ کانسوا ڪو نه ٿي سُتا. (ص 9)
ٻيو مان عام ماڻھوءَ کان متاثر آهيان. شاھ لطيف ته سدا کان منھنجو سُونھون ۽ سرواڻ آهي:
لطيف تنھنجو نانءُ
مون لئه ڏات ۽ ڏانءُ
سيد حاجي محمد حافظ شاھ (منھنجي ڏاڏي اسداللہ شاھ جو ڀاءُ) ڪافيءَ جو ھڪ اھم شاعر آهي. ان جي ڪلام ۾ ھڪ سِڪَ ڇڪ آهي. سوز گداز آهي. سندس ڪلام اسان جي گھرن جون شيدياڻيون مائي حوا، امان سينت، مائي خاتون، ادي بصران، مائي مِرِي، مائي کنڊل ڳائينديون ھيون. مڱڻھارڻيون مائي زينون، مائي راستي، مائي سڪينه به ڳائينديون ھيون. اُھي “سعيد ٽکڙائيءَ” جو ڪلام به ڳائينديون هيون. جن کي ٻڌي منھنجي به دل ٿيندي هئي ته اهي منھنجو ڪلام به ڳائين. پوءِ انھن منھنجو ڪلام به ڳايو:
ڇو ٿا ڇڏيو ڪُلھن تي ڇڙواڳ وار ڇوڙي
ھي نانگ نيٺ دل کي نيندا نپٽ نھوڙي
ايئن منھنجي شاعريءَ جي شروعات سُريلي شاعريءَ سان ٿي. ايئن ئي منهنجو ريڊيو لاءِ 1970 ۾ جھُونگاري لکيل ڳاج:
“جيڏل شال جُڙي رهين،
هو! جيڏل شال جُڙي رهين”
پڻ انھن ڳايو، اھو ڪلام اڄ به اسان جي راڄ جي شادين ۾ دھل ۽ تاڙين جي ٿاپ تي ڳائبو آهي.
سو، ڳالھ پئي ڪيم پنھنجي ڏاڏي سيد حاجي محمد حافظ شاھ جي- (جيڪو شبير شاھ ۽ نورالھديٰ شاھ جو نانو آهي). سندس اوطاق تي ڪچھري ۽ راڳ رھاڻ ٿيندي هئي. موٽيو شيدي، عيسو شيدي، نُورُو ميمڻ سندس ڪلام ڳائيندا هئا. مون اُھي رس رھاڻيون ته ڪونه ڏٺيون، پر عيسيٰ شيديءَ کي مون ٻڌو. ھو بازار ۾ رات جو گھَڙَي تي حافظ شاھ جو ڪلام ڳائيندو هو. سندس ڪلام به عيسيٰ شيديءَ کان پڇي لکيو ويو جيڪو ڀاءُ قاضي اسدالله شاھ “اسد/بيخود “ڇپايو جيڪو ھاڻ اڻلڀ آهي. ان ڪلام جو نئون ڇاپو ڪمپوز ٿيو پيو آهي ڪجھ سالن کان… ان جو مھاڳ مون لکيو آهي، پر نورالھديٰ شاہه کي به اُن تي ڪجھ لکڻو آهي …اڃا…!
منھنجو ڏاڏو علامه قاضي سيد اسدالله شاھ “فدا” عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ھو ۽ عالم ھو پاڻ ٽکڙ مان “بھار الاخلاق” نالي رسالو ڪڍندو ھو، جيڪو لاھور مان ڇپجندو ھو. سندس عاليشان لائبريري هئي، جنھن ۾ ڇھ ھزار ڪتاب هئا. ان مان کانئس پوءِ قيمتي ڪتاب، جن تي سونو پاڻي چڙهيل هو، چورائجي ويا، ڪي زبون ٿي ويا… باقي “ڪتابن جي بي حرمتيءَ” جو ڪارڻ ڄاڻائي دريا ۾ لوڙھيا ويا. سندس رڳو اُھو ڪلام ھٿ آٓيو جيڪو “بھار الاخلاق” ۾ ڇپيل ھو!
منھنجي سئوٽ “سعيد” ٽکڙائيءَ جو ڪلام به ڪتابي صورت ۾ نه آيو آهي. “سعيد” منھنجو سينيئر ساٿي رهيو. سٺو استاد ھو، سندس اکر موتين جا داڻا، سٺو مصور، سٺو ڳائڻو، ڪو به نئون ساز کڻندو ھو ته ٻن ٽن ڏينھن ۾ سکي ويندو ھو. ھارمونيم، بينجو، بانسري، مائوٿ آرگن، وايولين وڄائيندو هو، لاجواب شاعر ھو. سندس بنهه ويجهن مائيٽن جي ڏنل ڏکن سُورن، ھُن کي نشن پتن ۾ غرق ڪري ڇڏيو. سندس ڪلام “دوسو مڱڻھار” ڇير ٻڌي، پيشواز پائي، ناچو ٿي نچندو ۽ ڳائيندو ھو:
“تنھنجي برہ ڪيس بدنام- نينھن رکايم نالا نرالا ڙي يار”
“سعيد” جو ڪلام “تذڪرہءِ شعرائي ٽکڙ ۽ “مھراڻ” ۾ ڇپيل ۽ ريڊيو حيدرآباد تان پڻ نشر ٿيل آهي. سندس اڻپورو ڪلام مون وٽ آهي جنھن تي مون کي لکڻو آهي. ھتي مان ٽکڙ جي ٻن سگھڙن: “آڍو فقير” ۽ “واحدنو ڳنڀير” جو نالو ضرور ڳڻائيندس. بلڪه واحدني ڳَنڀير جو ھي نظم به ڏيندس، جيڪو جديد نظم آهي ۽ آغا سليم کي ڏاڍو وڻندو ھو:
ڪارا بنگلا- ڪار بلوري
پي شراب ڇرڪي ڇوري
پيتي کانپوءِ چُپُ چُپات
مِٺي به ماٺ- مُٺي به ماٺ
ڪُڇُون ٿا ته پُونِ ٿا ڪُڪُڙَ ڪاٺ
مِٺي به ماٺ- مُٺي به ماٺ
زاھدہ تو مون کي ھڪ دائري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. “ ٽکڙ“ جي دائري ۾، پر مان ھر دائري کان مُڪت آهيان! مون ته توکي اھو به نه ٻڌايو آهي ته ٽکڙ کي ٽکڙ ڇو چوندا آهن؟ نه ئي تو پڇيو آهي! يا مون ته توکي اھو به نه ٻڌايو ته “ٽکڙ“ کي “وسين ملوڪ شاھ” به چوندا آهن؟ توکي خبر آهي ته دنيا ۾ سڀ کان سولي ڳالھ ڪھڙي آهي؟
زاهده ابڙو: توھان ٻڌايو!
امداد حُسيني: انٽرويو ڪرڻ! سنڌ الاجيءَ لاءِ محمد قاسم ماڪا مون کان انٽرويو ڪرڻ چاھيو. (ٻين جا به ھُن ڪيا آهن). کانئس پڇيم ته “ڪير ڪندو؟” ان تي ھُن عجيب غريب مُرڪَ سان پاڻ ڏانھن اشارو ڪيو. کانئس پڇيم “تو مون کي پڙھيو آهي؟” ته ان تي به ساڳي عجيب غريب مُرڪَ مُرڪيو! توکي خبر آهي ته دنيا ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم ڪھڙو آهي؟
زاهده ابڙو: توهان کان ٻڌڻ ٿي چاهيان!
امداد حُسيني: انٽرويو ڪرڻ! ان ڪري به مان انٽرويو ڏيڻ کان لنوائيندو آهيان.
زاهده ابڙو: لنوايو نه ماڻھو ٻڌڻ گھرن ٿا توھان جي واتان…
امداد حُسيني: اڄ تائين ته ڪنھن به نه پڇيو آهي! نه ئي پڇندو! سو، ٻڌڻ ته الائي ڪير ٿو چاھي! عام ماڻھو ته ويچارو پڙھيل ئي ناهي. اُھو مانيءَ جي دائري تائين محدود آهي! پڙھيل ڳڙھيل وري پنھنجي ذات جي گھيري ۾ آهي. ٻولڙيا آهن، لابيون گابيون آهن، سرڪاري- نيم سرڪاري ادارا آهن، انھن جا رسالا/جرنل آهن ته ايڊيٽر ناھن! لائبريري آهي ته لائبريرين ناھي! سيڪريٽري به ناھي! اھڙن ادارن ۾ اھڙا ماڻھو به ڀرتي ٿيا جن جا امتحان ئي ٻين ڏنا هئا! (۽ جن اھو پاڻ به مڃيو!) انھن ادارن جي ڪروڙن ۾ بجيٽ آهي. اُھا ڪٿي ٿي خرچ ٿئي؟ پبلشنگ ادارن ۾ ڪنھن به ڪتاب جي ماسٽر ڪاپي ٺھي ٿي؟ ثقافت کاتي جيڪي به “شاھه جا رسالا” (گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي…) ڇاپيا آهن انھن ۾ ڦيرگھير (پڙھڻي/صورتخطي وغيرہ جي) ڪئي وئي آهي… ڇو! پروف جون انيڪ چُڪون آهن انهن ۾. جيڪي ھر ڇاپي ۾ رپيٽ ٿين ٿيون. “گنج” سان به ساڳيا ھاڃا آهن! ان ڏس ۾ ڪڏھن ڪنھن انھن کان پڇاڻو ڪيو آهي؟
سنڌي ادبي بورڊ “قليچ” جو ھڪ ڊرامو ڇپيو جنھن ۾ مونث/مذڪر جون غلطيون ھيون (ان مان ھڪ لفظ “تاج” جو جمع “تاجون” اڄ به مون کي ياد آهي). مون ان وقت جي سيڪريٽريءَ اعجاز منگيءَ سان ڳالھ ڪئي. ھُن مون کي لکت ۾ ڏيڻ لاءِ چيو جا مون ڏني، پر ڇا ٿيو؟ مون ان جي اصل اسڪرپٽ جي پڇا ڪئي ته اهو لائبريريءَ ۾ ھو ئي ڪونه! “مھراڻ” پڙھي مون لکڻ سِکيو. پوءِ اُن ۾ ڇپيس ۽ ايڊٽ به ڪيم. ھاڻ اُن جو حال ڇاھي؟ نگران اعليٰ ۽ ايڊيٽوريل بورڊ جا نالا!!! ان جو مواد، ڇپائي، پني، بائينڊنگ… جو معيار ڇاھي؟ سرڪيوليشن ڇاھي؟
سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ھڪ ڪتاب ڇپيو. جنھن ۾ گاريون به ھيون، ان جو مھاڳ ڊاڪٽر فھميدہ جو لکيل ھو. مون سرفراز راڄڙ (تڏھوڪي چيئرمين) سان ان بابت ڳالھ ڪئي. ھُن به لکت ۾ ڏيڻ لاءِ چيو جا مون ڏني، پر ٿيو ڇا؟ ڪجھ به نه!… توکي خبر آهي ته انٽرويو ۾counter questioning جي وڏي اھميت ھوندي آهي.
زاهده ابڙو: سا ته آهي.
امداد حُسيني: پر توھان ته ڪيو ئي ڪونه!
زاهده ابڙو: جھڙوڪ؟
امداد حُسيني: جھڙوڪ مون “لغت آفيس”/“لوڪ ادب رٿا” جي ڳالھ ڪئي هئي، اُھا ڇو بند ڪئي وئي؟ ان جو فرنيچر ۽ اسڪرپٽ ڪاڏي ويا؟ ڪنھن کان پڇون؟ مان جڏھن به سنڌ يونيورسٽي (اولڊ ڪئمپس) ويندو آهيان تڏهن “لغت آفيس” کي ضرور ڏسڻ ويندو آهيان ۽ پري کان ئي اھا ڀڙڀانگ آفيس ڏسي اکيون آليون ٿي وينديون آهن ۽ مان تيزيءَ سان ٻاھر نڪري ايندو آهيان! ان ڏس ۾ مون وٽ ڪجھ رٿائون به آهن… پر…!
زاهده ابڙو: توھان شاعري امداد حُسيني جي نالي سان ڪئي ۽ ڪھاڻيون سانول جي نالي سان ڪيون، ٻنھي ۾ فرق ڪيئن ڪندا؟
امداد حُسيني: اھو فرق ته ٻين کي ڪرڻ کپي نه! ٻيو ته اھو سوال اڳي به ڪيو ويو آهي. ٽيون اھو ته ھاڻي توھان وٽ سوال شايد ختم ٿي ويا آهن! توھان جي ڄاڻ لاءِ عرض آهي ته مون شاعري “سانول” جي نالي سان به ڪئي آهي:
”رانئڻ ماڻڻ جي رُت آئي، سِڪ ٿي
”سانول“ سرس سوائي،
وسري ويئڙيه قول ڪيئي جي،
شابس توکي ھوءِ ميان
وسريئه لوءِ الوءِ ميان
وو وو وو وو ووءِ ميان!“ (ڪافي).
**
ڄاتل اڻڄاتل ماڻھن جي، ھُن ھيڏي ساري محفل ۾، سِڪ مان ڏوران وڏي واڪي
“سانول سائين” ڪري سَڏڻ سان، ڇا ڇا نه اسان کي ياد آيو، ڇا ڇا نه اسان کان وسري ويو!”- (غزل).
سو آئيندي “امداد حُسيني سانول” جي نالي سان لکندس ته اھو سوال به ختم ٿي ويندو. ھر تخليقڪار کي ھڪ تخليق کانپوءِ ٻي تخليق ڏانھن وڃڻو آهي. اُتي بيھي ناھي رھڻو ! ۽ ايئن ھو ھر تخليق ۾ مختلف به ھوندو آهي. ايئن ھُن جا تجربا، ٻولي،treatment ، گھاڙيٽو، ڪردار، منظر، locations به مختلف ھونديون آهي.
مون آڏو منھنجي ھر تخليق ڄڻ پنھنجي “پھرين ۽ آخري تخليق” ھوندي آهي. اھڙو اظھار “ڪِرڻي جھڙو پَل” جي پهرئين نظم “او منھنجا رب!” ۾ هينئن ڪيو اٿم:
جڏھن
تيز هوائون پئي لڳيون
تڏھن
منھنجي من ۾ ڪو به نه ھو او منھنجا رب!
سواءِ تنھنجي
۽ مون
ڪيڏي سِڪَ اُڪير سان
ڪيڏي ڌيان ۽ گيان سان
اَتي شرڌا سان
تنھنجي لاءِ
ھڪ نظم پئي لکيو
ڄڻ اُھو منھنجو پھريون نظم ھجي
ڄڻ اُھو منھنجو آخري نظم ھجي.
زاهده ابڙو: زندگيءَ جو اهڙو ڪو دلچسپ واقعو جنهن ۾ شاعري جي طاقت جو اظهار ٿيو هجي.
امداد حُسيني: ها هن وقت هڪڙو ٽکڙ جو واقعو ياد ٿو اچي (مسڪرائيندي) هڪڙو گولو شيدي هوٽل وارو ان وٽ روز صبح جو چانهه پيئڻ ويندا هئاسين پنج ڇهه شاعر ان وقت به ٽکڙ ۾ هئا جيڪي روز اسان گڏجي گولي جي چانهه پيئڻ ويندا هئاسين. گولي جي چانهه اڄ ڏينهن تائين مون کان وسري ناهي. هڪڙي ڏينهن اسين ويٺا هئاسين چيائين، “سائين توهان چانهه پي وٺو ته توهان کي هڪڙي دانهن ڏيڻي آهي.” چانهه پئي پيتي سين چيوسينس ابا هاڻي ڏي دانهن چيائين، “ڪولهين جو گلاس آئون هتي رکي ويندو آهيان اهو رات ڪير چورائي ويو آهي، اهو گلاس جنهن ۾ هو اچي چانهه پيئندا هئا ۽ پاڻي ته ٻُڪ ۾ پيئندا هئا، وري ان گلاس کي ڌوئي رکي ويندا هئا.” ظاهري ڳالهه آهي ته اهو ڪنهن مسلمان ئي کنيو هوندو، چيوسينس ته “هاڻي ڇا ڪريون” ڪنهن چيو ته پئسا ڏيوس گلاس جا، گلاس جا پئسا ڏبا ته وري ڪو ٻيو کڻي ويندو تنهن تي مون چيو ته ڀئي شعر ٿا لکون، جنهن تي مون سِٽ ڏني، ٻئي ٻي سِٽ ڏني، ايئن ڇهه ست سِٽون ٿي ويون ۽ آئون پني تي لکندو ويس پوءِ ايئن ڪيوسين جو هوٽل جي ٿنڀي تي ان جي ٻاهرين بازار واري پاسي پني کي چنبڙائي ڇڏيوسين. هاڻي جيڪو ماڻهو صبح ساڻ بازار ۾ اچي پهرين اچي ان کي پڙهي وري جيڪو اڻ پڙهيو هجي ان کي پڙهي ٻڌائي، ايئن ٿوري دير ۾ اهو جيڪو شعر لکيل هو سڄي ڳوٺ ۾ وائرل ٿي ويو، اهو به اسان جي ڳوٺ ۾ هڪڙو طريقو هوندو هو ته شعر کي ماڻهو پڙهندا هئا ته سڀني کي خبر پوندي هئي. اوطاق تي ڪو نئون ڪلام ڳائبو هو ته اهو به وائرل ٿي ويندو هو. ٻئي ڏينهن اسان وري گولي شيدي جي هوٽل تي پهتاسين، گولي چيو، “سائين توهان چانهه پي وٺو ته توهان کي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان.” چانهه پي ورتيسين ته “گولي ٻڌايو ته سائين چور گلاس واپس رکي ويو آهي ۽ پنو پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي.” ان پني تي جيڪو شعر اسان لکيو هو ان ۾ رڳو گاريون هجن، ڪچيون پڪيون ان چور کي اهڙيون گاريون لکيل هيون، بس پوءِ حيا وارو چور هو جو گلاس واپس رکي ويو. چوڻ جو مقصد اهو هو ته شاعري ۾ ايڏي طاقت آهي، وڏي سگهه آهي، وڏو جوهر آهي، پر اها شاعري شاعري هجي. شاعري ۾ جيڪڏهن شاعري آهي ته اها اثر رکندي، شاهه سائين جي شاعري اڄ ڏينهن تائين ڇو زنده آهي. هر عام خاص ماڻهو ان کي ٻڌڻ وڃي ٿو. شاهه سائين جيڪو انقلابي پيغام ڏنو آهي ان کي اسان سمجهيو ئي ڪونهي.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو
زاهده ابڙو: همسريءَ جي پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
امداد حُسيني: پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪريو، پنهنجن ماڻهن سان پيار ڪريو. جيڪا ڳنڍ هٿن سان ڇڙي سگهي ٿي ان تي ڪاتي وهائڻ جي ضرورت ناهي. ڳالهين وسيلي جيڪي به مسئلا آهن انهن کي حل ڪريو. پنهنجن ٻارن جو خاص خيال رکو. پنهنجن ٻارن کي اڪيلو نه ڇڏيو، انهن کي گهڻيون ڳالهيون سمجهايو، انهن جا دوست ٿي رهو. جيڪڏهن ٻار پڙهي آيو آهي يا نه پڙهي آيو آهي يا ڇا پڙهي آيو آهي انهن کان ان بابت پڇو. جيڪڏهن اوهين اڻ پڙهيل آهيو تڏهن به ان کان پڇو انهن ڳالهين سان مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. جيڪي توهان لاءِ لکن ٿا انهن سان پيار ڪريو، جيڪو توهان لاءِ ڇپجي ٿو ان کي پڙهو، ان کي خريد ڪريو، ان کي پکيڙيو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته پاڻ ۾ ٻڌي ڪريو.
***

