سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو. حيدرآباد، هوسڙي، سيري، ٽنڊو ڄام، ڪنڊيارو، مٺياڻي، راڻيپور، وڳڻ، پکو، بهرام، ميرو خان، قادر پور، سرحد، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ بخشاپور ۾ وسڪارو ٿيو. حيدرآباد ۾ برسات بعد 500 کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ٿي ويا، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ۾ بند ٿيل بجلي بحال نه ٿي. ڪراچي ۾ اڄ گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آھي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾منجهند جو ٿنڊر سيلز ٺهڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ بعد تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي.