پٽ پنهنجي ماءُ جي شاديءَ تي پنهنجي ويڳي پيءَ لاءِ محبت ڀريو پيغام ڏنو
سوشل ميڊيا تي هڪ جوڙي جي شاديءَ جي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو پنهنجي والده جي ٻي شاديءَ جي موقعي تي پنهنجي ويڳي پيءَ کي هڪ محبت ڀريو پيغام ڏيندي چئي رهيو آهي ته مان ڪنوار جو نوجوان پٽ جورڊن آهيان، پنهنجي ويڳي پيءَ لاءِ خلوصِ دل سان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري رهيو آهيان ۽ سندس ماءُ سندس تقرير ٻڌي خوش ٿي رهي آهي، هن ۾ جورڊن کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو “مان ڪنوار جو پٽ آهيان ۽ هاڻي باقاعده گهوٽ جو ويڳو پٽ به آهيان، ويڳي پيءَ سان بيهي ڪري پنهنجو پاڻ کي خوش قسمت محسوس ڪري رهيو آهيان، ڇو ته هن پنهنجي زندگيءَ جي محبت يعني منهنجي ماءُ سان شادي ڪئي آهي، جيڪا دراصل منهنجي زندگي جي پهرين محبت آهي” جورڊن پنهنجي هن جذباتي ۽ مذاحيه تقرير جي آخر ۾ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي ويڳي پيءَ جي شادي واري موقعي تي سندن ٿورا مڃيا ته هنن کيس موقعو ڏنو ته هو پنهنجي فيملي کي مڪمل ٿيندي ڏسي سگهيو آهي.