سنڌ جي نوجوان آرٽسٽ سنڌو نواز گهانگهرو کان (فيبروري 2018) ۾ ورتل انٽرويو

انٽرويو

سنڌ جي نوجوان آرٽسٽ سنڌو نواز گهانگهرو کان (فيبروري 2018) ۾ ۾ ورتل انٽرويو

منظور ٿهيم، ڊاڪٽر اشوٿاما، زاهده ابڙو

تعارف: آئون ڪنڊيارو ۾ ڄائي هئس، چوٿين درجي تائين ڪنڊيارو ۾ ڪو ايڊيوڪيشن ۾ پڙهيس ۽ پوءِ حيدرآباد مان ميٽرڪ تائين ماڊل اسڪول ۾ پڙهيس، سپريئر ڪاليج مان انٽر ڪئي ۽ پوءِ ڪراچي هليا وياسين، ان وقت تائين مون کي آرٽ جي باري ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ نه هئي ته ان جي باقائده تعليم حاصل ڪري سگهجي ٿي، منهنجو ارادو ته انجنيئر ٿيڻ جو هو. ڪراچي ۾ اينٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ ويس ته اتي مون کي خبر پئي ته منهنجو لاڙو فائن آرٽس جي طرف آهي. اسڪول کان ڪاليج تائين پڙهائي ۾ ڏاڍي سٺي رهيس ۽ تقريري مقابلن ۽ راندين ۾ حصو وٺندي هئس. گهر جو ماحول ادبي هو. اسان جي گهر ۾ هميشه ادبي هلڪي سان تعلق رکندڙ ماڻهن علي بابا، الطاف شيخ، امر جليل، امداد حسيني جو اچڻ وڃڻ رهيو. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان ننڍا هئاسين ۽ اسان کي اهو احساس ئي ڪونه هو ته ڪي اهي ايترا وڏا انسان آهن. اهي اسان کي پنهنجي خاندان جي ٻين فردن وانگر محسوس ٿيندا هئا، هاڻي جڏهن انهن کي ڏسان ٿي ته مون کي محسوس ٿئي ٿو ته اهي ڪيڏا نه وڏا ماڻهو هئا جن سان منهنجو ننڍپڻ گذريو. بابا وٽ سٺن ڪتابن جو ذخيرو آهي. علي بابا ايندو هو ته پنهنجا لکيل ڪتاب اسان کي تحفي ۾ ڏيندو هو، آئون ڇهين درجي ۾ هيس تڏهن کان مون علي بابا کي پڙهڻ شروع ڪيو. خورشيد قائمخاني اسان جي گهر هر خميس جي ڏينهن تي ايندو هو، بابا اسان ڀينرن کي انهن ڪچهرين ۾ ويهاريندو هو ته جيئن اسان انهن دانشورن سان گڏ ويهي ڪجهه سکي سگهون. جنهن سان اسان جي اندر وڌيڪ ذهني پختگي پيدا ٿي. خورشيد قائمخاني اسان سان گڏ جڏهن به ويهندو هو ته اسان کي دنيا جي مختلف علمن ۽ آرٽ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندو رهندو هو ته اسان ڪٿي ڪٿي ڪم ڪري سگهون ٿا. ان وقت ۾ ته مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ايندي هئي آئون ننڍي هئس، هو اسان کي پنهنجن تجربن ۽ دوستن جي باري ۾ ٻڌائيندو هو. مديحه گوهر جي باري ۾ ٻڌائيندو هو ته هوءَ تمام سٺي آرٽسٽ آهي ۽ هوءَ سندس سٺي دوست آهي. ان کان علاوه ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. انهن سڀني شين اڻ سڌي طرح آرٽ ڏانهن منهنجو لاڙو پيدا ڪيو.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: خورشيد قائمخاني جو خانا بدوشن ۽ هتان جي اصلي رهاڪن تي تمام گهڻو توجهه رهيو، ڇا سندس تربيت توهان جي دل ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪا حساسيت پيدا ڪئي.

سنڌو: هن خانا بدوشن لاءِ جيڪو ايريا ٺاهيو آهي اتي ڪنهن کي به نه وٺي ويندو آهي. آئون ڪڏهن ڪڏهن اتي ويندي هئس ۽ انهن خانا بدوشن سان ملندي هئس جن سان هو گڏجي ويهي کائيندو به هو مون کي ڏاڍي حيرت به ٿيندي هئي ته ڪو ماڻهو ڌارين جي لاءِ ايتري محبت ڪيئن ٿو رکي سگهي. آهستي آهستي سمجهه ايندي وئي ته رشتا صرف رت جا ناهن ٿيندا، رت جي رشتن کان به ڪجهه رشتا تمام مٿانهان ٿيندا آهن. اڳتي هلي هن اها پراپرٽي خانا بدوشن جي حوالي ڪري ڇڏي. مون ۽ منهنجي ڪجهه دوستن “وال آف هيومينيٽي” جي نالي سان هڪ سرگرمي شروع ڪئي. مان سمجهان ٿي ته ان جي پٺيان اهي سڀ ماڻهو جيڪي اسان جي تربيت ۾ شامل رهيا انهن جو اثر آهي، جو منهنجي اندر ڪجهه چيئرٽي ڪرڻ جو اهو احساس موجود آهي.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: توهان مديحه گوهر ۽ مليحه گوهر جي ڳالهه ڪئي جن “اجهوڪا” لانچ ڪئي، مون کي لڳي ٿو ته توهان جو آرٽ طرف رجحان به انهن جي اثر هيٺ آهي، ڇا توهان سان انهن جي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي.

سنڌو: نه منهنجو انهن سان ڪوبه اهڙو واسطو نه رهيو، انٽر تائين ته مون کي آرٽ جي ڪا خبر ئي نه هئي، انٽر کانپوءِ جڏهن آئون ڪراچي ويس اتان منهنجي زندگي ۾ تبديلي آئي. ڪراچي ۾ جنهن سوسائٽي سان اٿڻ ويهڻ ٿيو اهي ٻار اهڙا هئا جن لاءِ آرٽ هڪ عام ڳالهه آهي. اهي ننڍي هوندي کان پنهنجن گهرن ۾ انهن سڀني شين کي ڏسن ۽ ٻڌن ٿا ۽ مختلف تجربا حاصل ڪن ٿا. تنهنڪري انهن جو ڪم ڪرڻ جو رجحان به اسان جهڙن نوجوانن کان مختلف آهي جيڪي سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن يا ٻهراڙين مان اچن ٿا. انهن کي ڏسي مون کي لڳندو هو ته هي ته الڳ ماڻهو آهن. هڪ ڏينهن سينٽر تي آئون آرٽ واري سائيڊ تي هلي ويس جتي مون کي ڏاڍو سٺو لڳو ۽ آرٽ طرف رجحان پيدا ٿيو۽ پوءِ گهر اچي بابا سان ڳالهه ڪيم ته منهنجي دلچسپي ته آرٽ ۾ آهي. بابا مون کي آرٽ جو سبجيڪٽ آپشنل طور کڻڻ جي صلاح ڏني. منهنجي ٽيچر منهنجي ڪم جي ساراهه ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته منهنجي ڪم ۾ پختگي آهي. پوءِ خبر پئي ته دنيا ۾ تمام گهڻيون شيون آهن جن کي سکي سگهجي ٿو ۽ پنهنجو ڪيريئر به ٺاهي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور ۾ سنڌ جي شاگردياڻي کي ڪيئن آجيان ڏني وئي؟

سنڌو: اين. سي. اي ڪاليج ۾ داخلا ملڻ تمام وڏو اعزاز آهي ۽ مون کي لڳندو آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ ڇوڪرين ۾ شايد آئون پهرين ڇوڪري هجان جيڪا اتي پڙهي آئي هجي. اين. سي. اي ۾ جن ٻارن کي داخلا ملندي آهي اهي پوري پاڪستان جا اهي شاگرد هوندا آهن جيڪي گهڻا حساس هوندا آهن ۽ انهن جو آرٽ ڏانهن سکڻ جو رويو تمام گهڻو سنجيده هوندو آهي. مون جيڪو به ڪجهه سکيو اتان ئي سکيو ان کان پهرين مان ڪجهه به نه هئس. اتي ثانيه سعيد، سرمد کوسٽ، علي نور، پرويز هود ڀائي. ان کان علاوه انڊيا، سڊني ۽ نيو يارڪ مان ٽيچرز ايندا هئا جيڪي اسان کي مختلف سبجيڪٽ پڙهائيندا هئا. هن وقت جيتري به مون کي ڄاڻ آهي اها ان اداري جي ڪري ۽ انهن استادن جي ڪري ئي آهي.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: آرٽ جي توهان ڪهڙي شعبي ڏانهن ويا؟

سنڌو: حالانڪه آئون فائن آرٽس جي شاگرد هئس پر مون کي ان وقت احساس ٿيو ته فلم ميڪنگ مستقبل جو مضبوط ميڊيم هوندو ۽ مون فلم ميڪنگ کي چونڊيو. فلم جي ذريعي توهان پنهنجو پيغام پوري دنيا تائين ٿوري وقت ۾ پهچائي سگهو ٿا. فائونڊيشن ايئر جي هر سيميسٽر ۾ توهان کي مختلف شيون پڙهائيندا آهن. جنهن ۾ ايڊورٽائزمينٽ، ڊاڪيومينٽري، ڇهه ڇهه مهينا انهن جو ڪورس هوندو آهي ۽ سيميسٽر جي آخر ۾ توهان کي ان جون ٽي پراڊڪٽس ڏيڻيون هونديون آهن. اين. سي. اي ۾ فائن آرٽس، فلم ميڪنگ، ٽيڪسٽائل ڊزائننگ، ڪميونيڪيشن، آرڪيٽيڪچر ۽ هاڻي ڪلچرل اسٽڊيز به شامل ڪيو ويو آهي. هن وقت جيڪي شعبا مون کي اهم لڳن ٿا اهي ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪسٽائل ڊزائننگ آهن. سنڌ جي ٻارن کي ڪميونيڪيشن (گرافڪس) ۾ وڃڻ کپي. ڇو جو هن وقت هر شيءِ گرافڪس جا ماهر ٺاهين ٿا بل بورڊس کان وٺي ويب سائيٽس تائين اهي ماڻهو ئي ٺاهين ٿا ۽ سنڌ جو شاگرد اتي نظر نٿو اچي. جڏهن مان اتي وئي هئس ته اسان کي ڪابه بنيادي ڄاڻ نه هئي پر هاڻي ته ڪافي ادارا موجود آهن جيئن ڄامشورو ۾ CEAD ۽ ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ادارا آهن جتان اهي بنيادي شيون سکي ۽ پوءِ اين. سي. اي تائين پهچي سگهن ٿا. توهان کي حيرت ٿيندي ته هر ڊپارٽمينٽ ۾ سنڌ جون ٽي سيٽون هونديون آهن جيڪي اسان جا ٻار آساني سان ڀري سگهن ٿا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ مان جيڪو ٽئلنٽ وڃي ٿو اهو رڳو ڪراچي مان وڃي ٿو، ڇو ته انهن کي خبر آهي ۽ اهي ئي اميدوار هوندا آهن ۽ گهڻو ڪري اهي شاگرد هوندا آهن جنهن جي خاندان ۾ اڳ ۾ ڪو نه ڪو آرٽسٽ موجود هوندو آهي تنهنڪري اتي انهن جي رسائي سولي ٿئي ٿي. توهان کي حيرت ٿيندي ته اين. سي. اي ڪاليج ۾ مشهور آهي ته سنڌ مان جيڪي شاگرد اچن ٿا اهي قدرتي آرٽسٽ هوندا آهن جيڪو هڪ وڏو ڪامپليمينٽ آهي.

منظور ٿهيم: سنڌ جي آرٽ ڪاليجز ۽ اين. سي. اي جي تعليمي معيار جي وچ ۾ توهان ڪيئن ڀيٽ ڪندوَ.

سنڌو: منهنجو خيال آهي ته انهن جي ڪا ڀيٽ ڪونهي، زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. ڇو ته اين. سي. اي وارن وٽ تمام زبردست قسم جا استاد موجود آهن جيڪي توهان کي اهڙي طريقي سان سيکارين ٿا جو توهان کي خبر به نٿي پوي ته توهان سکو پيا. هو توهان کي انهيءَ ڳالهه لاءِ آماده ڪندا آهن ته پاڻ شين کي ڳوليو. ٻاهرين ملڪن کان استاد اچن ٿا جيڪي مختلف سبجيڪٽ پڙهائين ٿا، شبانه اعظمي، نصير الدين شاهه، سرمد کوسٽ، ثانيه سعيد اهي اسان کي پڙهائيندا هئا. شاگردن کي گهڻو Exposure ملي ٿو جنهن سان گهڻ رخي Learning ٿئي ٿي، اتي مختلف سوسائٽيز ٺهيل آهن جيئن “الف آداب” اها ڊراما سوسائٽي آهي، “نوٽنڪي” ۽ “ميوزڪ” جتي جرمني ۽ يونان جا استاد اچي پڙهائيندا آهن جيڪي اسان کي ڇهه ڇهه مهينا ورڪشاپ ڪرائيندا هئا، اهي ڊائريڪٽر شپ شاگردن ۾ منتقل ڪندا ويندا آهن. سنڌ ۾ تعليم جي معيار کي وڌائڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هتي ٽيچرز جو معيار اهو ناهي جيڪو هجڻ کپي، اتان جي استادن جو رويو اهڙو آهي جو آرٽ کي هو مذهب جي حيثيت ڏين ٿا. هتان جي استادن جو رويو تمام سطحي آهي جنهن کي ڏسي ٿوري مايوسي ٿيندي آهي. هتان جو ٽيچر شاگرد جي سکيا کان لاتعلق نظر اچي ٿو شاگرد جي سکيا ان جي لاءِ ڪو مسئلو ڪونهي هن کي پگهار ملي ٿو ۽ پگهار کڻي گهر وڃي ٿو. ان کان علاوه هتي جيڪو ڪم آئون ڏسان ٿي اهو اصلي ڪونهي، ڪيترائي پراجيڪٽس شاگردن جا اهڙا هوندا آهن جيڪي ڪاپي ڪيل هوندا آهن جيڪا يقينن هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ان قسم جي رويي سان ٻارن جو ٽئلنٽ ضايع ٿئي ٿو. آرٽسٽ جي ڪم ڪرڻ لاءِ اها ڳالهه تمام گهڻي اهم آهي ته هن جو خيال اصلي هجي. ان ۾ شاگردن جو به ڏوهه آهي ته اهي محنت ڪرڻ نٿا چاهين انهن کي گهڻو ڪري ان ڳالهه جي ڳڻتي هوندي آهي ته کين مارڪون ملي وڃن ۽ هو پاس ٿي ڊگري حاصل ڪري وٺن. ان قسم جو رويو اداري ۽ اتان نڪرندڙ شاگرد ٻنهي لاءِ نقصانڪار آهي.

زاهده ابڙو: سنڌ ۾ ادارن کي اهڙو ڇا ڪرڻ گهرجي جنهن سان استادن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌي سگهي ۽ اين. سي. اي جي برابري ڪري سگهن.

سنڌو: هتي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳو رجحان اهو آهي ته سينئر ماڻهو ڪنهن به با صلاحيت نوجوان کي جاءِ نٿو ڏيڻ چاهي، جيڪي نوجوان ٻاهران يا ٻين وڏن ادارن مان پڙهي اچن ٿا انهن ۾ نوان رجحان موجود هوندا آهن ۽ وڌيڪ صلاحيت هوندي آهي ۽ اهي وڌيڪ بهتر ڪم ڪري سگهن ٿا. تيستائين سنڌ جا تعليمي ادارا پنجاب جي تعليمي ادارن جي برابري نٿا ڪري سگهن. ڪجهه اين. سي. اي جا گريجوئيٽس اهڙا آهن جن کي اڃا تائين ڪابه نوڪري ناهي ملي، جيتوڻيڪ انهن کي تمام گهڻو ڪم اچي ٿو پر انهن جو خانداني پسمنظر اهڙو ناهي جو انهن جي ڪو پٺڀرائي ڪري سگهي.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: توهان کي اتان جي مقامي سوسائٽي تي اين. سي. اي جو اثر ڪيتري حد تائين نظر اچي.

سنڌو: لاهور ۾ الحمرا هال ۾ هڪ لٽريچر فيسٽيول ٿيندو آهي جتي اوهان کي اسي سالن جي پوڙهي کان وٺي چئن سالن جي ٻارن تائين ماڻهو نظر ايندا، جيڪو مشاهدو هتي ڪونه ٿيندو. هتي اسان جا فيسٽيولز رونشي لاءِ ڪيا ويندا آهن، جنهن جو ڪو سنجيده مقصد نه هوندو آهي. اتي ماڻهو ليکڪن کي ٻڌڻ ايندا آهن، هتي اسان وٽ ليکڪن وارا سيشن اڪثر خالي نظر ايندا جتي ميوزڪ ۽ رونشو هوندو اتي توهان کي رش نظر ايندو. ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ مون ٿورو غور ڪيو آخر اهو فرق ٻنهي سماجن ۾ ڇو آهي. مون کي اهو ئي سبب نظر آيو ته هنن جون ٽي چار پيڙهيون آرٽ ۽ لٽريچر سان لاڳاپيل آهن ۽ اتان جي ماڻهن جو ذوق اعليٰ آهي تنهنڪري آرٽ لاءِ انهن جا رويا به سنجيده آهن.

زاهده ابڙو: آرٽ جي ڪجهه صنفن جيئن ڳائڻ، موسيقي جا ساز وڄائڻ ۽ ڇوڪرين جو ڪلاسيڪل ڊانس اسان وٽ ناپسنديده سمجهيا وڃن ٿا توهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو.

سنڌو: سنڌ ۾ آرٽ جي لاءِ شايد قبوليت جو درجو اهو نه آهي جيڪو پنجاب ۾ آهي ڇو ته اسان وٽ خواندگي جي شرح به گهٽ آهي ۽ ٻيو غربت به گهڻي آهي اهي ٻئي شيون گڏجي اسان جي سماج کي آرٽ ۽ فن کان پري ڌڪين پيون پر پنجاب ۾ پڙهيل لکيل ۽ ترقي پسند طبقو آرٽ کي پسند ڪري ٿو ۽ ماڻهو مالي طور تي خوشحال به آهن جنهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. آئون جڏهن پڙهائڻ لاءِ ويندي آهيان ته مون کي پنهنجو پيغام شاگردن تائين پهچائڻ ۾ مسئلو ٿيندو آهي جو اهي ان ڳالهه کي سمجهي نه سگهندا آهن. ڇو ته انهن جو بنيادي ڪم ٿيل نه آهي ۽ کين اهو ماحول مليل نه آهي. اين. سي. اي ۾ تعليم دوران مون ڪڏهن به شاگردن کي مارڪن لاءِ استادن جي پٺيان ڦرندي نه ڏٺو اهڙي قسم جو ڪوبه تصور ڪونهي، هتي سسٽم ان جي ابتڙ آهي. اسان جي شاگردن کي ان رجحان کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان جو استاد به ان ۾ ڏوهاري آهي جو هو انهن شاگردن کي فيور ڏئي ٿو جيڪي سندس جيءُ حضوري ڪن ٿا. اسان وٽ نوڪري ڏيڻ لاءِ معيار ان جي قابليت نه پر رشتيداري يا ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪو ٻيو سماجي تعلق آهي جيڪڏهن اهو ئي معيار اسان قائم رکيو ته اسان جا ادارا وڌي ويجهي نٿا سگهن. آرٽ سماج جي واڌ ويجهه لاءِ تمام ضروري آهي جنهن سماج ۾ آرٽ موجود ڪونهي اهو سماج مرده سڏجي ٿو. اسان جا ماڻهو ڪميونيڪيشن جي فيلڊ ۾ تمام گهٽ ٿا وڃن جيڪا تمام گهڻي وسيع آهي. دنيا جي هر شيءِ ڪميونيڪيشن ۾ اچي ٿي. اسان جي سرڪاري ادارن ۾ ان جي لاءِ تمام گهڻيون نوڪريون موجود آهن پر اسان وٽ افرادي قوت تيار نٿي ڪئي وڃي.

منظور ٿهيم: هڪ آرٽ گريجوئيٽ جي حيثيت سان توهان هتي ڪهڙا چئلينجز محسوس ڪريو ٿا؟

سنڌو: سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته هتي ماڻهو هر شيءِ جو جڳاڙ ڳولهين ٿا، چاهي اهو استاد هجي يا شاگرد. شاگرد  اسائنمينٽ کي آخري لمحن ۾ جڳاڙ ڪري پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. آرٽ هڪ اهڙي دنيا آهي جنهن ۾ شوق جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. شاگردن کي آرٽ جي لاءِ چريائپ جي حد تائين شوق پيدا ڪرڻو پوندو. هتي آئون شاگردن ۾ اهو شوق نٿي ڏسان ۽ اهو شوق پيدا ڪرڻ وارو يقينن استاد هوندو آهي. استاد جو ڪردار ڏاڍو ڍلو آهي. هن وقت اسان جي ادارن کي ان شيءِ جي سخت ضرورت آهي ته ٻاهران کان استاد گهرايا وڃن ته جيئن اهي شاگردن کي بين الاقوامي سطح جي تعليم ڏئي سگهن. هتي الميو اهو آهي ته ٽيچرز اهو سبجيڪٽ پڙهائي رهيا آهن جنهن ۾ انهن کي مهارت ڪونهي. منهنجو مقصد آهي ته اهو ڪم ان ماڻهو کي نه ڪرڻ گهرجي جيڪو هو نٿو ڪري سگهي، شيون پنهنجي جاءِ تي صحيح رکيل ڪونه آهن. شاگردن کي صحيح رهنمائي نٿي ڏني وڃي. استادن کي منهنجي اپيل آهي ته هو هن ميدان ۾ محنت ڪري پڙهائين. استادن جي ڀرتي کان پهرين انهن جي قابليت کي ضرور جاچيو وڃي ته ڇا جنهن شيءِ لاءِ انهن کي رکيو پيو وڃي اهي ان ڪم ڪرڻ جي قابل به آهن يا نه. هتي ماڻهو پنهنجا پنهنجا دڪان کولي ويٺا آهن.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: اسان جي پڙهندڙن کي پنهنجي ٿيٽر جي سرگرمي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.

سنڌو: ڀٽ شاهه تي مون پهريون ٿيٽر ڪيو هو اهو منهنجي لاءِ هڪ وڏو موقعو هو. سڀئي ان ڳالهه کي ڏاڍو مان ڏيئي رهيا هئا ته پهريون ڀيرو ڪنهن سنڌي ڇوڪري اسٽيج ڊرامو ڊائريڪٽ ڪيو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي ٿيٽر جو گهڻو تجربو ڪونهي پر ان هوندي به منهنجو هي تجربو ڏاڍو سٺو رهيو. شو دوران تمام گهڻي خاموشي هئي، آڊينس ڏاڍو ميچوئر هو. يقين ڪريو ته لاهور ۾ به ايترو ميچوئر آڊينس نه آهي. شو کانپوءِ ٿرپارڪر ۽ مٺي جا ڪي نوجوان مون سان ملڻ آيا، جيڪي ٿيٽر جي لاءِ ڏاڍا پرجوش پئي نظر آيا ته اهي به ڪم سکڻ چاهين ٿا. منهنجو خيال آهي ته نوجوانن کي ان طرف راغب ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٿيٽر مان سماج جي تبديلي جو تمام وڏو ڪم وٺي سگهجي ٿو. نوجوان ان ۾ پنهنجو ڪيرئير ٺاهي سگهن ٿا. نوجوانن کي هڪڙي صلاح ضرور ڏينديس ته مهرباني ڪري جڳاڙ جو رستو اختيار نه ڪن، جيڪو به ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ان کي پوري طريقي سان سکن. اين. سي. اي ۾ اسان کي استاد صرف رهنمائي ڏيندا هئا ۽ پوءِ اسان پاڻ هر شيءِ جي ڳولا گوگل تي ڪري سکندا هئاسين. جيڪي ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا يا ٻهراڙين مان اچن ٿا اهي تمام گهڻا باصلاحيت آهن بنسبت شهر جي ٻارن جي. اسان هر سال انڊيا ۽ ترڪي ٻارن جو وفد وٺي ويندا آهيون، هن دفعي اسان انهن ٻارن کي وٺي وينداسين جن جو تعلق ٻهراڙين سان آهي ته جيئن انهن کي دنيا ڏسڻ جو موقعو ملي جنهن سان هو پنهنجي زندگي کي تبديل ڪري سگهن ٿا.

زاهده ابڙو: ٻارن جو وفد جيڪو توهان پرڏيهه وٺي ويندا آهيو ان جي باري ۾ اسان جي پڙهندڙن کي ٿورو تفصيل سان ٻڌايو.

سنڌو: سڄي دنيا ۾ نوجوانن جي لاءِ ڪنوينشن ٿيندا آهن، يوٿ ايڪسچينج پروگرام ٿيندا آهن. هينئر اسان نوجوانن کي ملائيشيا ۽ انڊيا وٺي وينداسين، جنهن ۾ دنيا جا وڏا وڏا آرٽسٽ ايندا ۽ ورڪ شاپس ٿيندا، هر فيلڊ ۾ سکيا ڏني ويندي آهي، جنهن ۾ اسڪرپ رائيٽنگ کان وٺي اسڪلپچر ميڪنگ شامل هوندو آهي. پوءِ پروگرام جي آخر ۾ انهن سڀني سان گڏجي نوجوانن کي پرفارم ڪرڻو پوندو آهي. جنهن ۾ روٽين تمام سخت هوندو آهي، ڏينهن جي شروعات يوگا ڪلاسز کان ٿيندي آهي ۽ پوءِ پوري ڏينهن جو شيڊيول هوندو آهي جنهن تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو آهي، جيڪو هڪ مزيدار تجربو هوندو آهي. اها ڳالهه ٻڌائيندي هلان ته ان ڪنوينشن ۾ ڪنهن به يونيورسٽي جو ڪوبه نوجوان وڃي سگهي ٿو، ضروري نه آهي ته ان جو تعلق آرٽ سان هجي.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: سڄي دنيا ۾ سماجي تبديلي ۾ آرٽ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ ۾ جنهن قسم جي سياسي ۽ سماجي صورتحال آهي ڇا ان ۾ آرٽ ماڻهن جي احساسن کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ٿي سگهي ٿو، جيئن اسٽريٽ يا پوليٽيڪل ٿيٽرز آهن ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.

سنڌو: سماجي تبديلي ۾ آرٽ جو هڪ تمام اهم ڪردار رهيو آهي، اين. سي. اي ۾ جيڪي نمائشون ٿينديون آهن اتي سماجي مسئلن کي ئي اجاڳر ڪيو ويندو آهي. هن وقت جيڪي سماج ۾ مسئلا آهن جيئن خودڪش حملا، ڇوڪرين سان زيادتيون، بم ڌماڪا انهن تي وڌيڪ ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته آرٽ ڪٿان نڪري ٿو، آرٽ توهان جي اندر مان نڪري ٿو. آرٽسٽ جي اندر جيڪا مونجهه هوندي آهي ان کي پنهنجي فن جي ذريعي ڪڍندو آهي. آئون تمام گهڻي فيمينسٽ آهيان منهنجو ڪم ان جي عڪاسي ڪري ٿو. اسٽريٽ ٿيٽر سڄي دنيا ۾ ٿين ٿا لاهور ۾ به تمام گهڻو رجحان آهي، مختلف سوسائٽيز ان تي ڪم ڪن ٿيون. سنڌ ۾ به سماج جي تبديلي لاءِ ان تي گهڻو ڪم ٿي سگهي ٿو. هن وقت اسان کي رڳو مومل راڻي ۽ ليليٰ چنيسر کي ڪونهي ڏيکارڻو پر سماجي مسئلن کي مخاطب ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو ڪم تمام سنجيدگي سان ٿي سگهي ٿو جنهن جو مقصد ئي سماج کي تبديل ڪرڻ هجي. ڪمرشل بنيادن تي اهو ڪم ٿيڻ ممڪن ڪونهي. الحمرا هال ۾ اسان ڪارو ڪاري تي هڪ ٿيٽر ڪيو، جنهن جي اسان کي ڏاڍي سٺي موٽ ملي. ڪا اهڙي آرگنائيزيشن هجي جيڪا ان قسم جي سرگرمي کي هٿي ڏئي ته پنهنجي مدد پاڻ تحت ماڻهو اهو ڪم ڪري سجاڳي پيدا ڪري سگهن ٿا. حيدرآباد ۾ جيڪڏهن ٻه ٽي اسٽريٽ ٿيٽر ٿي وڃن ته هڪ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي. هيستائين اسان وال آف هيومينٽي جي ذريعي ماڻهن کي سجاڳي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان کان علاوه ڪچين آبادين ۾ ٻارن کي مختلف قسمن جون نصيحت آميز فلمون ڏيکارڻ جو به بندوبست ڪندا آهيون ته جيئن هو ان مان ڪجهه سکي سگهن.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: هڪ آرٽ جي استاد جي حيثيت سان توهان سنڌي اليڪٽرونڪ ميڊيا جي ڪارڪردگيءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو.

سنڌو: سچ اهو آهي ته سنڌي ميڊيا مڪمل طور تي ڪمرشلائزڊ آهي ۽ ڪنهن خاص مقصد تحت ڪم نٿي ڪري ۽ اتي ڪي باصلاحيت ماڻهو به موجود ڪونه آهن جنهن جي ڪري انهن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي. ٻيو ته هو ڪنهن با مقصد ڪم لاءِ بجيٽ ڪڍڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهن، هر شيءِ گهٽ بجيٽ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي، ان لاءِ معيار توهان جي اڳيان آهي.

منظور ٿهيم: توهان پنهنجي آرٽ کي سماج سان ڪيئن ٿا ڳنڍيو جتي فيوڊلزم، انتها پسندي ۽ مرداڻو معاشرو آهي اتي توهان ماڻهن جو بيانيو آرٽ سان ڪيئن تبديل ڪندوَ.

سنڌو: آئون پاڻ خود ڪو ايڏو وڏو قدم کڻڻ جي صلاحيت ته نٿي رکان پر جيڪڏهن توهان کي تبديلي آڻڻي آهي ته توهان کي حڪومت جي پاليسين خلاف ۽ سماج جي روين خلاف وڃڻو پوندو. مون هڪ اسائنمينٽ تي ڪم پئي ڪيو جنهن جو موضوع هندو ڇوڪرين جي زبردستي مذهب جي تبديلي هو، ان لاءِ مون کي ادارو موڪلڻ ڏيڻ جي حامي نه ڀري رهيو هو. سوچو ته ايترو وڏو ادارو به ان شيءِ کان خوفزده آهي ۽ اهڙن مسئلن تي شاگردن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ٿو پر منهنجي ضد جي اڳيان هنن مون کي موڪل ته ڏني جيڪا ڪنهن حد تائين مشروط هئي.

منظور ٿهيم: سياسي طور تي ڪجهه تحريڪون هلن پيون جيڪي ماڻهن جي سماجي آزاديءَ ۽ بنيادي حقن جي بحالي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون آهن، توهان آرٽ کي سياست جو حصو بڻائي تبديلي آڻڻ جا حامي آهيو يا الڳ رکي ڪم ڪرڻ جا.

سنڌو: منهنجو خيال آهي ته حڪومت سان گڏجي ڪم ڪجي. ڇو ته حڪومت وٽ تمام گهڻا وسيلا هوندا آهن ۽ مون محسوس ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪافي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، پر اهڙن ماڻهن کي ٿي کڻي جن کي صحيح ڪم جي سمجهه ڪونهي ان ڪري انهن جا پروگرام ان معيار جا ثابت نٿا ٿين جيترو انهن تي خرچ ڪيو ٿو وڃي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪي ماڻهو گرافڪس تي ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي گرافڪس جي خبر ڪونهي تنهنڪري انهن جو رزلٽ به تمام هيٺانهين سطح جو هوندو آهي.

زاهده ابڙو: آرٽ کي ٻارن جي شروعاتي تعليم سان ڳنڍيو وڃي جو اهو سليبس جو حصو بڻجي اسان جي معاشري کي سٺا آرٽسٽ ڏيئي سگهي.

سنڌو: بنيادي تعليم کان وٺي ٻارن کي آرٽ جي تعليم ڏني وڃي ۽ سٺا آرٽ ٽيچر به متعين ڪيا وڃن. ان کان علاوه ننڍن ٻارن کي آرٽ جون مختلف سرگرميون ڪرايون وڃن جنهن سان هو رنگن جي سڃاڻپ ۽ مختلف تجربا ڪن، پنهنجن خيالن کي آرٽ جي ذريعي ظاهر ڪرڻ جو فن سکي سگهن. سڌريل ملڪن ۾ پڙهائي کان وڌيڪ ٻارن کي آرٽ جي سرگرمين جي ذريعي سيکاريو ٿو وڃي، جنهن ۾ هو وڌيڪ سکن ٿا. اسان وٽ ٻارن کي صرف شين کي رٽايو ٿو وڃي جنهن سان ننڍا ٻار اسڪول ڏانهن وڃڻ لاءِ دلچسپي وڃائي ويهن ٿا.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: آءِ. ٽي جو انقلاب سنڌ جي معاشري کي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي توهان جو ان باري ۾ ڇا خيال آهي.

سنڌو: آءِ. ٽي جي ذريعي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي تيزي سان تبديلي اچي رهي آهي ۽ اها تبديلي ان جي صحيح استعمال سان لاڳاپيل آهي. سنڌ ۾ اسان جو نوجوان ماڊرن گيجٽس ته استعمال ڪري ٿو پر انهن جو استعمال ڪيئن ۽ ڪٿي ڪرڻ گهرجي اهو هڪ وڏو سوال آهي. اسان جي نوجوانن کي صحيح ڊائريڪشن ۾ هلڻو پوندو جيڪڏهن ائين نه ٿيندو ته اسان جو اهو مقصد حاصل ٿي نه سگهندو جنهن سان اسين سماج ۾ تبديلي آڻي سگهون. اڄڪلهه جو نوجوان ٽيڪنالاجي جو تمام گهڻو استعمال ڪري رهيو آهي ۽ سڄي دنيا سان ڳنڍيل به آهي هن وٽ تمام گهڻا موقعا به آهن ضروري آهي ته هو انهن سڀني شين کي سمجهي ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ با مقصد طريقي سان ڪم ڪري پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي.

زاهده ابڙو: اسان جي نوجوانن کي ٻڌايو ته ڇا مووي ميڪنگ ۾ شارٽ ڪورسز ڪرڻ کانپوءِ ڪيريئر شروع ڪري سگهجي ٿو يا ان جي لاءِ پروفيشنل تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي؟

سنڌو: شارٽ ڪورسز کان پوءِ توهان ڪنهن يونيورسٽي جي لاءِ اپلاءِ ته ڪري سگهو ٿا ته اتي وڃي توهان تعليم حاصل ڪريو ان کان پهرين توهان پنهنجو ڪيريئر شروع نٿا ڪري سگهو ۽ نه ئي ڪرڻ گهرجي. شارٽ ڪورسز توهان کي صرف ڪجهه بنيادي ڄاڻ ڏين ٿا پر مهارت نٿا ڏين. شارٽ ڪورسز کانپوءِ ڪيريئر شروع ڪرڻ منهنجي نظر ۾ جڳاڙ آهي.

زاهده ابڙو: هڪ عورت آرٽسٽ هجڻ جي حيثيت سان توهان کي ڪهڙا چئلينجز آهن؟

سنڌو: اسان جو سماج ڇوڪرين کي اڃا تائين اهڙن پيشن ۾ قبول نٿو ڪري. ڪجهه مخصوص پيشا آهن جن ۾ ڏسڻ ٿو چاهي. ڇوڪريون جڏهن ٻاهر نڪرن ٿيون ته تمام گهڻو غير محفوظ محسوس ڪن ٿيون. اسان جي سماج کي پنهنجن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۽ ڇوڪرين کي بهادري سان هر ميدان ۾ جنهن ۾ هو چاهين ٿيون ڪم ڪرڻو پوندو، ان سان ئي سوچ تبديل ٿي سگهي ٿي. ڀٽ شاهه جو پروجيڪٽ شروع ۾ مون کي ڏيڻ کان لنوايو پئي ويو ته مان شايد نه ڪري سگهندس ۽ پوءِ اهو منهنجي لاءِ هڪ چئلينج بڻجي ويو. ڇوڪرين لاءِ موقعا به آهن ته خطرا به گهڻا آهن. اسان جون ڇوڪريون به اڃان ميچوئر رويو نٿيون رکن جنهن جي ڪري گهڻا ڌڪ کائين ٿيون.

زاهده ابڙو: اين. سي. اي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ معيار ڇا آهي ۽ ڪهڙا شرط آهن؟

سنڌو: انٽر پاس ڪوبه شاگرد اين. سي. اي لاءِ اميدوار ٿي سگهي ٿو سبجيڪٽ جي ڪابه پابندي نه آهي. سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته پرسنٽيج جي به ڪا حد مقرر نه آهي. هڪ ٽيسٽ ورتو ويندو آهي جنهن ۾ توهان جي بنيادي ڊرائنگ چيڪ ڪئي ويندي آهي. ان کان علاوه جنهن ڊپارٽمينٽ ۾ توهان وڃڻ چاهيو ٿا ان سان لاڳاپيل ڪجهه سوال پڇيا ويندا آهن. ٽيسٽ پاس ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو نه آهي، اصل ۾ انٽرويو تمام ڏکيو مرحلو هوندو آهي. انٽرويو پئنل اميدوار کي ان ڳالهه تي ڪونه جاچيندو آهي ته ان کي ڪم ڪيترو ٿو اچي پر هو توهان جي دلچسپي ۽ ايمانداري کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. جيڪڏهن توهان غلط بيان ڪئي آهي ته توهان کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. جيڪا شيءِ توهان کي نٿي اچي ان جي لاءِ سچ ڳالهايو ته اها شيءِ توهان کي نٿي اچي.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: مووي ميڪنگ ۾ توهان جا مستقبل جا منصوبا ڇا آهن؟

سنڌو: مستقبل ۾ آئون ڊاڪيومينٽريز تي ڪم ڪرڻ ٿي چاهيان، جيڪي اسان جي سماج جي عڪاسي ڪري سگهن ۽ مسئلن کي سڄي دنيا جي اڳيان پيش ڪرڻ ٿي چاهيان. هينئر مون هڪڙي بين الاقوامي مقابلي ۾ حصو ورتو آهي ۽ ان ۾ منهنجي چونڊ به ٿي وئي آهي، جلد ئي اسان جو ورڪشاپ شروع ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ سوئس ايجنسي اسان کي سکيا ڏيندي. پاڪستان مان ڪل ويهه اميدوار چونڊيا ويا آهن. بيچ لگزري هوٽل ۾ پنجن ڏينهن جو ورڪشاپ ٿيندو. ان کانپوءِ اسان کي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ لاءِ فنڊنگ ڪندا.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments