سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون کي هڪ مهيني تائين وڌائي ڇڏيو.
ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ۾ هڪ مهيني لاءِ واڌ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي محڪمه داخلا سنڌ طرفان لاڪ ڊائون ۾ هڪ مهيني واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. بيان چيو ويو آهي ته 15 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون کي وڌايو ويو آهي ۽ 1 جولاءِ تي لاڳو پابنديون 15 آگسٽ تائين برقرار رهنديون. سنڌ جي گهرو کاتي موجب عوامي هنڌن، پارڪن ۽ سئنيما هالن کي هڪ مهيني لاءِ بند رکيو ويندو . جڏهن ته 15 آگسٽ تائين بين الصوبائي ٽرانسپورٽ به بند رهندي. ياد رهي ته هن کان اڳ سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن 30 جولاءِ تائين لاڪ ڊائون وڌايو هو…..

