سنڌ حڪومت کي ٻاهران ايندڙ امداد جو هڪ داڻو به ناهي مليو
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ٻاهران ايندڙ امداد جو هڪ داڻو به ناهي مليو. وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت کي ٻاهرين امداد جو هڪ داڻو به ناهي مليو، جيڪو سامان آيو آهي اهو اين ڊي ايم اي ورهائي رهي آهي، ائين ناهي ته سامان ورهائجي نه پيو، پر گهرج ايتري آهي جو نظر ئي نه پيو اچي. هن چيو ته ماڻهو ڏکيائين ۾ آهن ته مان ڪوشش ڪندس ته سياسي ڳالهه نه ڪريان، پر ڪڏهن ڪڏهن نه چاهيندي به زبان کُلي ويندي آهي، وڏي صوبو جو ڪو ڏوهه ناهي، هڪ سياسي جماعت جو آهي، انهن جي ذهني حالت درست ناهي.

