پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سنڌ دشمني ۾ متحده پي ٽي آءِ جو هراول دستو آهي، شهرين کي جيئرو ساڙيندڙ ڪهڙي منهن سان مهاجرن جي حق جي ڳالهه ڪن ٿا: سيد ناصر شاهه

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ دشمني ۾ سڀ کان اڳيان هوندي آهي، شهرين کي جيئرو ساڙيندڙ ڪهڙَي مُنهن سان مهاجرن جي حقن جون ڳالهيون ڪن ٿا، متحده وارا ڪراچي جِي پرواهه ڇڏين، اهو ٻڌائين رحمان ڀولا ڪير آهي؟: صوبائي وزير ناصر شاهه متحده اڳواڻن جَي بيانن جِي مذمت ڪندي چيو آهي ته متحده جا ڪجهه اڳواڻ اڃا تائين پنهنجَي قائد جِي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم وارا ڀاڙي تي ماڻهو ڳوليندا رهيا پر پوءِ به نه ملين، ايم ڪيو ايم وارا ريلين لاءِ اسان کان اڌارا ماڻهو وٺندا ڪن، آدمشماري تي سڄي سنڌ هڪ آهي پر ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت وٽ باندي بڻيل آهي. ايم ڪيو ايم سنڌ دشمني ۾ پي ٽي آءِ جو هراول دستو آهي