سنڌ ماءُ ڪهاڻي شميم مري

مان ڪتو آھيان ۽ ڪتي جو ڪم ئي آھي لور لور ڪرڻ سو آئون به پيو لور لور ڪندو آهيان. ڪڏهن هتي ته ڪڏهن هتي. منهنجو انسانن جيان هڪ گهر هڪ ٺڪاڻو ته آھي ڪونه. نه وري مون کي ملڪيت آھي جو ان جي سارسنڀال لاءِ هڪ هنڌ ويهان، نه ئي ڪا نوڪري ڪرڻي اٿم جو صبح اوڏانهن وڃان ۽ شام ٿڪجي ٽٽجي گهر موٽان. شڪر ٿو ڪريان جو نوڪري ناهي ڪرڻي نه ته روز باس جهڙي ڪنهن يزيد جي ٻڌڻي پوي ها ۽ بدلي ۾ وري ڪنهن مرون مروان جيئن خلق خدا کي ڏاڙهيندو ۽ گگ ڳاڙيندو وتان ها.

انسان هن زمين تي ڀلا ڪيو به ڇا آھي سواءِ فتني ۽ فسادن جي. اسان ڪتا جيڪڏھن وقتي عقل وڃائي ڇتا ٿيون ته وڌ ۾ وڌ ڪو هڪ اڌ انسان يا وري پاڻ جهڙو ڪو جانور ڏاڙھي ويهون! پر هي انسان جيڪر ڇتو ٿئي ته سڄي جو سڄو سماج ڏاڙهي تباھ ڪريو ڇڏي. نسلن جا نسل ماري تباھ و برباد ۽ خراب ڪريو ڇڏي. منهنجي پڙ ڏاڏي کان روايت آھي ته اهڙو ئي هڪ انسان آمريڪا ۾ ڇتو ٿي پيو هو ۽ ان ڏسندي ئي ڏسندي جاپان جا ٻه وڏا شهر هڪ لحظي اندر ئي تباھ ڪري ڇڏيا. سالن جي محنتن سان آباد ٿيل شھر اک ڇنڀ ۾ ئي ڪپھ جيئان اڏامي ڌرتي تان ايئن غائب ٿيا ڄڻ هئا ئي ڪونه.

اسان جي ڀونڪڻ تي اعتراض ڪندڙ هي انسان هڪٻئي کي جهڙن لقبن سان مخاطب ڪن ٿا سو ته ٻڌي ڪري اسان ڪتا به شرم ۾ ڪنڌ جهڪايو اتان نڪريو وڃون. تڏهن به اهو انسان ٿيو اشرف المخلوقات! ۽ اسان ٿياسين غليظ ۽ ناپاڪ ڪتا جن کي ڏسي ڪري به گھڻن نام نھاد مسلمانن جو وضو به ٽٽيو وڃي. خير ڳالھ پئي ڪئيسين منهنجي لور لور ۽ نُوس نُوس جي. هفتو کن اڳ جي ڳالھ آھي مان نُوس نُوس ڪندو ٿر کان ٿورو اوريان هڪ شهر وڃي پھتس. شھر الائجي ڪهڙو هو مون ڪتي کي ڪهڙي خبر پر شهر جي بس اڏي ڀرسان هڪ هنڌ پاسي تي ڦٽي ڪيل برياني ڏٺم ته بيهي رهيس. ڪتو سو عادت کان مجبور ڪريل برياني منجهان انساني اوبر ڇڏيل هڏا ڳوليندي بس جي ڪنڊيڪٽر واتان پنج ڪوٽ پنج ڪوٽ جا لفظ ڪن تي پيم ۽ حواسن سمجھيو ۽ ڀانيم ته اهوئي شهر جو نالو آھي. برياني ۾ اوبر ڪيل هڏا کائي پيٽ جو دوزخ ڀريم ۽ پوءِ مڙيئي جسم ۾ ڪجھ ساھ پيم ته وري پنڌ پيس. ٿوري دير ۾ ئي ڀانيم ته شهر پريان ٿي ويو آھي ۽ مان ڪنهن ٻھراڙيءَ ۾ اچي ويو آھيان. سانجهي نما شام هجڻ باوجود هن ٻهراڙيءَ ۾ آدم زاد جي غير معمولي رش ڏٺم. آمد و رفت ڪافي هئي ۽ هڪڙيون گاڏيون آيون پئي ۽ ٻيون وري ويون پئي. مون ڪتي جي به لالچي حس ڀڙڪو کاڌو ۽ مان به انسانن کان پر ڀرو ٿي اوڏانهن هلڻ لڳس. جيئن ته مان انسان نه آھيان ان ڪري منهنجي ٻڌڻ جي شڪتي انسانن کان مٿي هوندي آھي، ان ڪري پر ڀرو هوندي به آواز منهنجي ڪنن تائين صاف صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيا.

هڪ انسان ڳالهائي رهيو هو ته هي سڀ عمل اسان سنڌين لاءِ ٻڏي مرڻ جهڙو مقام آھي. اسان جي پنج هزار سال تاريخ گواھ آھي روءِ زمين تي اسان سنڌين جهڙو مهذب سماج شايد ئي ڪٿي جڙيو هجي. اسان ئي دنيا جھان کي مهذب ۽ تھذيب سان آراستا ٿيڻ سيکاريو. دنيا جو پهريون گول ڦرندڙ ڦيٿو ايجاد ڪرڻ وارا به اسان. دنيا جي اگھاڙن انگن کي بهترين ڪپڙو ٺاهي اوڍائڻ وارا به اسان. ڀلا اگهاڙن انگن کي ڪپڙو اوڍائيندڙ به ڪڏهن انگ تان ڪپڙا لاهڻ وارا ٿيا؟

سمجھ ۾ نٿو اچي هي ٿي ڇا ويو آھي اسان کي؟ ھن واقعي ته منهنجي سنڌ جي قديم روايتن کي پاڙئون پاتال لوڏي ڇڏيو آھي. پوري دنيا اسان تي ٿُو ٿُو پئي ڪري اسان ته ڪنڌ کڻڻ جهڙا به ناهيون رھيا. اھڙن لوسي لوفرن ۽ لوٺين کي ته سر عام خصي الخارج ڪري عبرت جو نشان بڻايو وڃي.

بروبر ايئن ئي ڪجي هڪ ٻن کي خصي ڪبو ته ٻيا به سمجهي ويندا. هڪ ٻئي همراھ پهرئين سان سُر ملائيندي ڳالھ سان پنهنجي ڳالھ ملائي.

پر ادا هي سڀ تڏهن ٿئي جڏهن سرڪار به اهو چاهي، پر وڏي سرڪار کي ته پنهنجي سنڌ سان آھي ڪو اصلي نسلي وير سو اهو ڇو چاهيندي ته پنهنجي سنڌ ۾ امن هجي ۽ سنڌي خوشحال ۽ ناموس وارا هجن. مون کي ته لڳي پيو وڏي سرڪار هٿ وٺي هي سڀ حرڪتون ڪرائي ٿي ته جيئن سنڌ بدنام خوار ٿئي ۽ اسان دنيا ۾ رسوا ٿيون. هن واقعي جا اصل پس پرده ڪردار به پوليس جا پاٿاريدار آھن ۽ ضلعي جو ايس پي به ته وڏي ڀاءُ جي قوم مان آھي. گروھ مان ڪنهن ٽئين ڳالھ سان ڳالھ ڳنڍي ۽ ٻين هن جي ها سان ها ملائي.

مون ڪتي کي ته ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو ان نيت سان ته من ڪجھ سمجھ ۾ اچي وڃي، مان سمجهڻ ڪاڻ هيڏي هوڏي لوڻا سوڻا هڻڻ لڳس. پريان کان اوطاق جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪتِي ڏٺم ته لنگهي وڃي ان جي ڀر ۾ بيٺس. مون کي ايئن پاڻ ڏي ايندو ڏسي ڪي گهڙيون ته هن ڪاوڙ ۾ ڏندن کي ڪرٽو ڏنو، پر ٻئي پل ۾ ئي منهنجي خوبصورتي ۽ جسماني مضبوطي ڏسي پنهنجا نرم نرم وار منهنجي پٺي تي گهمايائين. هن جي وارن جي گرمي ۽ نرمي مون کي به پگهرائڻ شروع ڪيو! ته اسان ٻئي اتان اٿي پريان اوندانهين ڪنڊ تي اچي بيٺاسين. ٿوري دير بعد ئي اسان هڪٻئي ۾ چنبڙي پياسين. اسان ٻئي ائين جهومڻ لڳاسين جيئن اتي جا هاري شام جو اڇو پاڻي پي پيا جهومندا آهن. جهومندي ۽ هڪٻئي ۾ پاڻ مائيندي مون کانئس ڳوٺ ۾ ٿيندڙ چھل پهل جو پڇيو. منهنجي سوال تي منهن بڇڙو ڪيس. توکي وري انسانن جي احوالن پڇڻ جو ڇو اچي الڪو لڳو آھي. ڪي پل خاموشي سان جهومڻ ڏين ها. انسانن جو ڇا آهي هي ته اسان ڪتن کان به ٻه هٿ سرس ڪريل آھن. اسان ڪتا اگر ڇتا به ٿيون ٿا ته مالڪ کي نقصان ڏيڻ بدران مالڪ جي جوءِ ڇڏيو وڃون، پر هي انسان ته ننگا ٿي بيهو رهن ۽ هڪٻئي ۾ وڃيو هٿ وجهن.

پر ٿيو ڇا!۔ مون سندس ڳالھ اڌ ۾ ڪٽيندي چيو؟

منهنجي ڳالھ ڪٽڻ تي منهن ٺاهيائين. ڀلا ڇو نه ٺاهي نخرا ڪرڻ جنس مخالف جو ڪم آهي.

سڄي ڳالھ ته مون کي به ناهي خبر جو ڪالھ مان به ڳوٺ ۾ نه هيس.  شهر مان موٽيس ته رستي ۾ تو جهڙو هڪ ٻيو ڪتو ملي ويو. اکين ۾ درخاستن جا دفتر ڏٺامانس ته مان به ترسي پيس. جڏهن ڳوٺ پهتس ته خبر پئي ڦلڪڙين جي ڇوڪري پريان ڦنجاتين جي ڇوڪر سان گهران نڪري وئي آھي. ڇوڪري جا ڀاءُ هئا ڏنگا هنن نينگر جي ڀيڻ ۽ ماڻهنس کي ھٿيارن جي زور تي اگهاڙو ڪري پوري ڳوٺ ۾ ڊوڙايو ۽ پوءِ اڌ رات تائين ٻنهي سان زوري زنا ڪري کين پريان ٻني ۾ منهن ٻڌي واڙي ڇڏيائون جن کي پوليس صبح اچي اتان بازياب ڪرائي ڊاڪٽرياڻي وٽان چڪاس ڪرائڻ کانپوءِ مائٽن حوالي ڪيو. ڇوڪري ته خواريءَ سببان ٻه دفعا کوھ ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ به ڀڳي، پر مائٽن جهلي ورتس. هاڻ ان پٺيان ماڻهو پيا اچن پڇڻ ۽ ھمدردي ڪرڻ. ايئن چئي هوءَ چپ ٿي ته مون کان ڏک ۾ ٿڌو شوڪارو نڪتو.

پوءِ ڇا ٿي سمجهين ڪجھ ٿيندو به يا وئي عزت ٻنهي جي کڏ ۾؟

ڦلڪڙي چون ٿا ڦنجاتين سڄو ڊرامو ڪيو آهي ته جيئن اسان جي ڀڄايل ڇوري نه موٽائڻي پوين وري ڦنجاتي چون پيا ته ڊراما به ڪي عزتن تي ڪبا آھن ڇا؟ عزتن جو ڊرامو ڪري سڄي دنيا جي خواري کڻڻ ڪا مشڪري آهي جو اسان کڻنداسين؟

هاڻ جيڪو به ٿيندو اهو ٿيندو ڊاٽرياڻي جي رپورٽ تي ۽ سڀني کي ان جي رپورٽ جو انتظار آھي. ڊاٽرياڻي ڪٿي جي آهي. مون وري سوال ڪيومانس.

منهنجي سوال تي ڪي پل مون کي گهوريائين. جيسين توکي تنهنجي سوالن جا جباب نه ملندا تو مجو وٺڻ نه ڏيندين. اچ ته ڊاٽرياڻي جو در به توکي ڏيکاري اچان. هن جهٽڪي سان پاڻ ڇڏايو ۽ اڳيان اڳيان هلڻ لڳي مان به پڇ لوڏيندو سندس پٺيان هلڻ لڳس. اڌ ڪلاڪ جي هل هلان کان پوءِ اسان ڊاٽرياڻي جي گهر پڳاسين. مون سواليه نظرن سان هن ڏي نهاريو ته هن مون کي خاموشي سان مٿي نهارڻ جو چيو. ڏٺم ته اسان هڪ کليل دري هيٺ بيٺل هئاسين. اندران ڪن ٻن مائين جي ڳالهائڻ جو آواز پئي آيو.

ٻڌ جينان رپورٽ جو ڇا ڪيئي؟ پڪ پيم ته جينان ڊاٽرياڻي هئي جنهن کان ڪا دوست رپورٽ جو پڇي رهي هئي.

جوابدارن جي حق ۾ ڏيئي ڇڏيم. مڌم مگر سپاٽ آواز منهنجي ڪن ۾ پيو؟

پر ڇو؟ اهو تنهنجي پيشي سان بدديانتي ناهي؟ تنهنجي کنيل ان قسم سان ويساھ گهاتي ناهي جيڪا تو ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ وقت کنيئي. ٻي عورت وري چيو؟

ها ڪيم بدديانتي پاڻ سان به ۽ پنهنجي پيشي سان به پر ڇا ڪيان ها، سوال منهنجي سنڌ جي عزت جي هو.

سنڌ جي عزت جو ان ماءُ ڌيءَ جي عزت سان ڪهڙو تعلق؟ تو جوابدارن جي حق ۾ فيصلو ڏيئي اسان سڀني عورتن کي اهڙن بي رحم ڦورن ۽ رهزنن جي رحم و ڪرم تي ناهي ڇڏيو جن جو ڪم ئي ڦرڻ، ظلم ڪرڻ ۽ زيادتيون ڪرڻ آھي؟ ٻي عورت جرح ڪرڻ لڳي ۽ مان ڪتو به هن جي دليلن کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيس. دل چيو پنهنجا ٻئي اڳيان وارا پير کڻي کيس سلام ڪيان.

سنبل مان مڃان ٿي منهنجي هن ڪوڙي رپورٽ جي ڪري ماڻهو ۽ ميڊيا سڀ هن مظلوم ماءُ ۽ ڌيءَ تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪري کين ڪوڙو ڪندا ۽ هي ڏوهاري آزاد ٿي وري تو ۽ مون جھڙين عورتن سان ڏاڍايون ڪندا، پر سنبل مان مجبور هئس. هڪ پاسي منهنجي سنڌ هئي ته ٻئي پاسي هي ٻه عورتون. ڏس هي عورتون نه هتان جون هن نه وري هنن جا مائٽ هتان جا. هي ته هرو ڀرو اسان جي سنڌ جي وسيلن تي چٽي آھن. هتان کائي پي سڀاڻي ويندا پنهنجي ملڪ. پاڻ لاءِ مقدس ته موهن جي دڙي جي هيءَ سنڌ آھي. اسان جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ مهذب پڻو آھي. سنڌ جي ساک جو سوال هو. مان جي صحيح رپورٽ ڏيان ها ته عالمي دنيا اڳيان اسان جا ڪنڌ شرم کان جهڪي پون ها، پر منهنجي هن غلط رپورٽ سان ڪوڙي ئي صحيح، پر اسان جي سنڌ جي ساک ته بچندي نه. ڊاڪٽرياڻي جي آواز ۾ فخر هو. ڄڻ ته سنڌ ماءُ تي ڪو وڏو احسان ڪيو هجيس. مون ڪتي کان وڌيڪ اتي بيٺو نه ٿيو ۽ مان لڙڪن هاڻين اکين ۽ ٿڪل پيرن سان اڳتي وڌيس. سوچيم اسان ڪتا ڪيڏا به ڪميڻا هجون پر حضرت انسان کان گهٽ..!

5 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments