سنڌ کي بهتر انسان گهرجن نه ڪي جيالا
علم
شعور ڏيندو آهي، شعور غلط ۽ صحيح ۾ تفريق ڪندو آهي، شعور سوال اٿاريندو آهي، شعور جواب ڳوليندو آهي، شعور انسان کي عظمت جي بلندين تي وٺي ويندو آهي، جتي هو ڪائنات جا راز ڳولهڻ ۾ مشغول ٿيندو آهي. عام انسان ۽ جانور جي وچ ۾ اگر فرق آهي ته اهو صرف شعور جو آهي نه ته جانور جا عمل، کائڻ پيئڻ، نسل وڌائڻ ۽ مري وڃڻ انسان کان مختلف نه آهن. انسان کي عظمت ملي ٿي شعور جي ڪري جنهن جو ذريعو علم آهي پوءِ اهو علم نصابي ڪتابي هجي يا تجربي جي بنياد تي پوءِ انسان انهيءَ علم کي ٻين انسانن جي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ شروع ڪيو. آڳاٽي زماني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو عمل هوندو هو، استاد ۽ مدرسا نه هجڻ جي برابر هوندا هئا ۽ اگر هوندا به هئا ته ڪوهين دور. ان وقت علم حاصل ڪرڻ بنهه مشڪل هوندو هو. سالن جا سال تپسيا ڪرڻي پوندي هئي. مدرسا هلائڻ ان کان مشڪل ڪم هوندو هو. ڇو ته، نه صرف استاد مهيا ڪرڻ، پر شاگردن جي لاءِ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام به منتظم کي ڪرڻو پوندو هو، جنهن جي هو ڪابه في نه وٺندو هو. بس ڪجهه نيڪ انسان اهڙين درسگاهن کي پنهنجي خرچ تي هلائيندا هئا وري ان مان فيضياب ٿيندڙ شاگرد پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ اهڙي قسم جون درسگاهون قائم ڪندا هئا. سچ پڇو ته اهي نيڪ سيرت انسان ئي هئا جن جي ڪاوشن جي ڪري دنيا ايتري ترقي ڪئي آهي جو هن وقت ڪمپيوٽر جي دور کان به اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙي شعور جو هڪ مثال ان وقت نظر آيو جڏهن بلوچستان جي تباهه ڪارين کي اکين سان ڏسڻ لاءِ وزيراعظم پاڪستان اتي پهتو ته هڪ ڇوڪرو جنهن جي عمر 13 سال هئي ۽ هو اٺين جماعت جو شاگرد آهي، هڪ ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ ۾ وزيراعظم صاحب کي مليو ۽ ڪيتري نه اخلاق ۽ اعتماد سان نه صرف پنهنجي تعليم جي گذارش ڪيائين، پر اهو به چيائين ته پوري بلوچستان ۾ سندس کان وڌيڪ قابل ٻار موجود آهن انهن جي تعليم جو جوڳو انتظام ڪريو ته جيئن اهي علم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار بهتر نموني سان ادا ڪري سگهن. ٻار ته پٺاڻ هو، پر هن ايتري ننڍي ڄمار هجڻ باوجود پوري بلوچستان جي ڳالهه ڪئي. سنڌ ۾ اگر ڪو شهري ٻار هجي ها خاص طور تي ڪراچي جو ته چوي ها ڪراچي کي تعليم ڏيو ۽ سنڌ جي ٻارن جي ڪراچي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا بند ڪريو. ان ۾ شايد ان ٻار جو ڏوهه نه هجي ها ڇو ته هن کي گهر کان ئي اهڙي نفرت جي تعليم ملي آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ ڪو الڳ الڳ ملڪ آهي ۽ ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ نه آهي. اهڙي نفرت نه صرف عمران خان، پر ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي پڻ وڌائي آهي. عمران خان جو اهو چوڻ ته ڪراچيءَ تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو حڪومت ڪن ٿا جيڪا ڳالهه مذمت جوڳي آهي. هاڻ اچون ٿا سنڌ حڪومت طرف گذريل 14 سالن کان هڪ ئي پارٽي جي حڪومت آهي. ڪاغذن ۾ تعليم تي 14 سالن ۾ بنا شڪ جي اندازن 3 هزار ارب رپيا خرچ ٿيو آهي، پر سنڌ جي تعليم جي صورتحال انتهائي خراب آهي. هن وقت جڏهن آءِ بي اي جي امتحانن مان پاس ٿيل استاد جوائننگ ڪرڻ جي لاءِ ٻهراڙي جي اسڪولن ڏانهن وڃن پيا ته انهن اسڪولن جون تصويرون ڏسي روئڻ ٿو اچي. توهان يقين ڪندو ته حيدرآباد کان صرف 30 ڪلو ميٽر پري ڄامشوري ضلعي جو هڪڙو ڳوٺ پيٽارو وليج آهي جتي پرائمري بوائز اسڪول، پرائمري گرلس اسڪول ۽ هڪ مڊل اسڪول قائم آهي جن جي بلڊنگ موجود آهي. جي ها! هي اهو ئي پيٽارو آهي جنهن جي ڀر ۾ پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج قائم آهي جيڪو سنڌ جو پهريون ڪيڊٽ ڪاليج هجڻ جو شرف رکي ٿو، پر ان ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان جا خرچ ڀرڻ عام پيٽاري جي ڳوٺاڻي جي وس کان ٻاهر آهن. انهيءَ ڪري اهو ڳوٺاڻو پنهنجن ٻارن کي انهن گرلس، بوائز ۽ مڊل اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جتي جڏهن جوائننگ لاءِ استاد ويا ته انهن اسڪولن جا دروازا ٽٽل هئا، دريون غائب هيون مين دوازو اندر کلي نه پئي سگهيو. اسڪول جي چوديواري اندر ديوين اوهان ديوتائن وارين ديوين جو نه سمجهجو، پر ديوي جي ٻوٽن جو راڄ هو. مطلب 3 هزار ارب خرچ ڪرڻ کانپوءِ به اوهان اسڪول جي بلڊنگ کي بهتر نه ڪري سگهيا آهيو. جيڪڏهن چوديواري آهي ته واش روم نه آهن جي واش روم آهن ته پيئڻ جي پاڻي جو ڪوبه بندوبست ڪونهي، استاد انهيءَ ماحول ۾ ڪيئن پڙهائي. سون تي سهاڳو اهو آهي ته جڏهن هڪ نوجوان استاد جيڪو ڪنهن پرائيويٽ ڪمپني ۾ نوڪري ڪري پيو جتي پڻ ان کي موچاري پگهار ملي رهي آهي، پر نوجوان کي ٻارن کي پڙهائڻ ۽ انهن کي بهتر بنائڻ فرض سمجهي استادي جهڙي مقدس پيشي ۾ وڃڻ جو خيال آيو آهي ۽ هو امتحان پاس ڪري استاد بڻجي چڪو آهي. جڏهن هو جوائننگ جي لاءِ ان اسڪول جي هيڊ ماستر وٽ ويو ته ان هيڊ ماستر کيس چيو ته اها پرائيويٽ نوڪري نه ڇڏجانءِ ۽ هتي به نوڪري ڪجانءِ پيو. بايو ميٽرڪ وارا پنهنجا دوست آهن انهن جو ذمو منهنجي مٿان آهي بس هفتي ڏهين ڏينهن چڪر پيو هڻجانءِ، بايو ميٽرڪ وارن کي مڙئي ڪجهه ڏينداسين پيا. اوهان جي پرائيويٽ نوڪري به هلندي رهندي. اها آهي سنڌ صوبي جي تعليم جي حالت ۽ بنا تعليم جي اسان صرف جيالا ۽ واٺا ئي پيدا ڪري سگهون ٿا جن وٽ ڪاغذي ڊگريون هونديون، پر انهن کي تعليم صرف واٺاگيريءَ جي مليل هوندي. اهي اسان جي سماج کي ڪيترو بهتر ڪندا يا کوکلو ڪندا، اهو توهان مون کان وڌيڪ سمجهي سگهو ٿا. آهي ته مشڪل پر وري به سنڌ حڪومت کي گذارش ڪريون ٿا ته سنڌ جي ٻارن جي تعليم جو نه صرف جوڳو انتظام ڪيو وڃي، پر ان جي مٿان چڪاسن جو سرشتو به قائم ڪيو وڃي ته جيئن نصاب مطابق ٻارن کي تعليم حاصل ٿي سگهي ۽ اهي ٻار اڳتي اچي بهتر انسان ٿين نه ڪي جيالا.
***