سنڌ ۾ شادي هال، بزنس سينٽر ۽ بيوٽي پارلر مڪمل بند، نوٽيفڪيشن جاري

گهرو وزارت ڪورونا ايس او پيز بابت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جيڪو 17 مئي تائين عمل جوڳو هوندو. سنڌ جي گهرو کاتي جي حڪم نامي موجب شام جو 6 وڳي کان صبح جو سحري تائين سمورو ڪاروبار بند رهندو، سنڌ ۾ جيلن جي قيدين جي پڻ ملاقات بند ڪئي وئي آهي. جڏهن ته خانگي توڙي سرڪاري تعليمي اداره بند ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب مئريج هالز، بزنس سينٽرز، ايڪسپو هالز، مزار، بيوٽي پارلرز، ٿيم پارڪس، اميوزمينٽ پارڪس ۽ سئنيمائون مڪمل بند رهنديون. جڏهن ته جمعي ۽ آچر تي ڪاروبار ۽ شاپنگ سينٽرز بند رهندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي سرڪاري دفترن ۾ 20 سيڪڙو عملو صبح جو 9 کان 2 وڳي تائين ڊيوٽي تي موجود رهندو، وفاقي حڪومت ۽ خانگي ادارا صرف 50 سيڪڙو ملازم گهرائڻ جا پابند هوندا. نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو. نوٽيفيڪشن موجب سنڌ جي اسپتالن ۾ ايڪٽو سرجري تي پابندي هوندي، تراويح جي اجتماعن ۽ يوم علي جا جلوس قومي اتفاق راءِ سان ٿيندا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments