سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان شروع، پيپر وقت کان اڳ آئوٽ
سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان شروع ٿي ويا، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر بورڊز تحت فزڪس جو پيپر ورتو پيو وڃي، اڪثر امتحاني سينٽرن تي فزڪس جو پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿيڻ جون شڪايتون سامهون اچي ويون، امتحاني سينٽرز اندر توڙي ٻاهران قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود ڪاپي جي ڌُم متل آهي، ڪراچي بورڊ تحت فزڪس جو پرچو صبح ساڍي نوين وڳي شروع ٿيو جيڪو 9 لڳي 34 منٽن تي آئوٽ ٿي ويو، تعليمي بورڊ ميرپورخاص تحت اڄ کان نائين ۽ ڏھين جا ساليانه امتحان شروع ٿي ويا، ٽن ضلعن ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ به اڄ فزڪس جو پيپر ورتو پيو وڃي، امتحانن لاءِ ٽنھي ضلعن ۾ 81 مرڪز قائم ڪيا ويا آھن، امتحانن ۾ 20 ھزارن کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺي رھيا آھن، نقل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ تعليمي بورڊ ميرپورخاص پاران 10 کان وڌيڪ ٽيمون جوڙيون ويون آھن، جيڪي مخلتف سينٽرن جو دورو ڪنديون، هوڏانهن نوابشاھ ۾ پيپر ڏيڻ وقت اڌ ڪلاڪ پهريان ئي فزڪس جو پيپر آئوٽ ٿي ويو، پيپر آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ جواب به واٽس ايپ گروپن ۾ حل ٿي شاگردن تائين پهچي ويا، ايم سي ڪيوس به ٽڪ ٿي ويا، لاڙڪاڻي، دادو، قمبر، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي، سانگهر، ميهڙ، ڪي اين شاهه، سيوهڻ، ٽنڊو ڄام، ڏهرڪي، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪاپي جون شڪايتون سامهون آيون آهن.