خاص

مڙس پاران پئسا نه ڏيڻ سبب ڪيترائي مهينا بک تي سمهندي هئس: ڪومل رضوي

پاڪستاني گلوڪاره ڪومل رضوي انڪشاف ڪيو آهي ته مان شادي کانپوءِ جڏهن عمان ۾ موجود هئس ته مون کي مڙس جي سلوڪ سبب ڪيترائي مهينا بک تي سمهڻو پيو. اداڪاره تازو ئي هڪ نجي ٽي وي چئنل جي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي ناڪام زندگي بابت ڳالهيون ڪيون. گلوڪاره چيو ته جيڪڏهن هڪ ڇوڪري  ازدواجي زندگي ۾ پاڻ کي بي يارو مددگار سمجهي ته ان جو پڙهيل لکيل مضبوط ۽ خود مختار هجڻ معنيٰ نٿو رکي. ڪومل رضوي ٻڌايو ته مان پنهنجي مڙس کي 6 سالن تائين برداشت ڪيو هو ذهني طور تي بيمار هو ۽ مون کي مارڪٽ به ڪندو هو. هن ٻڌايو ته شادي شده زندگي جي دوران ڪيترائي ڀيرا بک تي ستس ڇو ته مڙس پئسا نه ڏيندو هو ان وقت عمان ۾ رهندي هئس ۽ ڪوبه ڪم نه ڪندي هئس. 4 سال قيد رهيس ان دوران ڪڏهن ٽيوشن پڙهائي ڪجهه پئسا ڪمايا، پر مون به پڪو فيصلو ڪيو ته هاڻ ڪجهه ڪرڻو آهي. جنهن کانپوءِ ڪورس ڪيو ۽ رڌ پچاءُ کي اوليت ڏني، جنهن کانپوءِ مان عمان جي اسٽورن ۾ کاڌو سپلاءِ ڪندي هئس. هن چيو ته جڏهن مڙس مون کي تشدد ڪري زخمي ڪيو ته والدين کي شڪ ٿي ويو ۽ انهن مون کي واپس اچڻ جي لاءِ چيو. جنهن کانپوءِ هڪ ڏينهن والد آيو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ پاڪستان واپس وٺي آيو. ڪومل رضوي اڄ جي عورتن جي لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته مان شايد پهرين ڇوڪري آهيان جيڪا اهو چئي رهي آهي ته ڇوڪرين وٽ تعليم هجي يا نه هجي، پر هنر جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي.