جرمني جي آءِ ٽي انجنيئر آءِ ڪيم نالي ڪئمرا تيار ڪري ورتي
جرمني سان تعلق رکندڙ هڪ آءِ ٽي انجنيئر عجيب و غريب پروٽو ٽائپ ويب آءِ ڪيم نالي ڪئمرا تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي شڪل انساني اک جهڙي آهي. آءِ گيم کي ڪمپيوٽر مانيٽر سان گڏ جوڙي سگهجي ٿو ۽ وڊيو ڪال جي دوران هي ساڄي ۽ کاٻي پاسي گهمڻ کان علاوه پلڪون به ڇنبي ٿي. پهرين نظر ۾ هي بالڪل انساني اک جيان نظر ايندي آهي ۽ ان جي پاسي ۾ جهريون به آهن آءِ گيم ۾ 30 پرنٽ ٿيل سليڪون جو ماسڪ استعمال ڪيو ويو آهي. هن کي اوپن سورس رکيو ويو آهي جنهن جو مطلب آهي ته اوهان گهر ۾ پاڻ پنهنجو ورزن به ٺاهي سگهو ٿا. آءِ گيم کي مارل تيسر ۽ ان جي ٽيم جرمني جي سارلينڊ يونيورسٽي ۾ هيومن ڪمپيوٽر انٽر ايڪشن ليب ۾ تيار ڪيو آهي. هي ٽن اهم حصن تي ٻڌل آهي. ڪيمرا ۾ لڳل سينسرز مختلف رد عمل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. آءِ ڪيم نالي ڪئمرا مان ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن هي هڪ زنده انسان جي اک ڏسي رهي آهي.

