سنڌ ۾ هنر مند هٿن جو پورهيو ۽ وارثي وارو سوال دولت رام کتري

سنڌ جو خطو قديم تهذيب ۽ شاهوڪار ثقافت سان مالا مال رهيو آهي. شاهوڪار تهذيب ۽ صدين جي ثقافتي سڃاڻپ رکندڙ سنڌ ۾ ثقافتي هنرن کي هڪ وڏي اهميت حاصل رهي آهي. ثقافتي هنرن ۾ اجرڪ، ٽوپي، گج، ٻانڌڻا، پڙا، ٻانڌڻيون، چنيون، رلي، مٽي جا ٿانو، ڪاشي ۽ جو هنر ۽ ٻين هنرن کي هڪ خاص اهميت حاصل رهي آهي. اجرڪ ٽوپي، ٻنڌڻا پڙا، ٻانڌڻيون، چنيون ۽ گج کي سنڌي لباس جو هڪ اهم حصو سمجهيو ويندو آهي. موجوده وقت ۾ جيڪڏهن جائزو وٺجي سنڌ جا  اڪثر هنر زوال پذير ٿي رهيا آهن. سنڌ جي ثقافتي هنرن ۾ ٻانڌڻا، پڙا، چنيون، رلي ۽ گج خاص اهميت جا حامل آهن. سنڌ ۾ انهن هنرن ٺاهڻ جا مختلف شهرن ۾ مرڪز پڻ قائم ٿيل آهن.

اجرڪ سنڌ جي قديم ثقافت جو حصو آهي، اجرڪ ۽ ٻانڌڻا پڙا ٺاهڻ جو ڪم هينئر ته گهڻائي ماڻهو ۽ ڪيترن ئي ذاتين وارا ڪن ٿا، پر اصل هي ڪم مسلمان کترين ۽ هندو کترين جو آهي، جيڪي پنهنجن ابن ڏاڏن کان اهو ڪم ڪندا پيا اچن، جڏهن ته سنڌ ۾ سومرا ذات سان لاڳاپيل ماڻهو اهو رنگ جو ۽ رڱاوت جو ڪم ڪن ٿا.

ٻانڌڻا پڙا ۽ چنيون عورتن جي لباس جو خاص حصو آهن. ٻانڌڻا پڙا ۽ رڱاوت جو ٻيو ڪم هندو کترين جي گهرن ۾ عام جام ڪيو وڃي ٿو. اهو ڪم سنڌ ۾ مٺي، هٿونگو، عمرڪوٽ، نيو ڇور، غلام نبي شاهه، کپرو ۽ سانگهڙ ۾ عام جام ڪيو وڃي ٿو. مٺي ۾ رڱاوت جي ڪم جا 10    وڏا ڪارخانا پڻ موجود آهن. ٻانڌڻن پڙن ۽ چنين ٺاهڻ جي عمل دوران ڪافي محنت ڪئي ويندي آهي. ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ اهو هنر ڪيترن ئي گهرن جي روزگار جو ذريعو پڻ بڻيل آهي. ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي ٻھراڙي جون اڪثر عورتون اهو ڪم پنهنجن گهرن ۾ ڪنديون آهن. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ٻانڌڻا پڙا پائڻ جو رواج گهٽجي ويو آهي، پر سنڌ ۾ سماٽ ذاتين جهڙوڪ: مهر، مڱريا، نهڙي، سميجا، راهمان، سومرا ۽ ٻين ذاتين ۾ ٻانڌڻو پڙو عورتن جي پوشاڪ جو حصو آهي. جڏهن ته شادين مرادين ۾ پير صاحب پاڳاري جا مريد ۽ مٿي ذڪر ڪيل انهن ذاتين وارا ماڻهو مختلف رسمن ۾ پڙا استعمال ڪندا آهن. انهن جي ڏاج توڙي بري جي رسمن ۾ ٻانڌڻو، پڙو ضرور هوندو آهي.

گج پراڻي زماني ۾ سنڌ جي عورتن جي عام پوشاڪ هئي، پر موجوده دور ۾ گج گهريلو عورتون ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردياڻيون شوقيه طور استعمال ڪنديون آهن، ٿر ۾ سگهڙ عورتن جا ٺهيل خوربصورت گج وڏن شهرن ۾ ڳرين رقمن عيوض وڪامجن ٿا.

ثقافتي هنرن ۾ رلي جي هنر کي به خاص اهميت حاصل آهي. رلي جو ڪم ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ عام جام ڪيو وڃي ٿو. هڪ رلي تي 800 کان وٺي 2500 رپين تائين خرچ ايندو آهي. رلي جو ڪم سگهڙ عورتون (گهريلو عورتون) پنهنجن گهرن ۾ ڪنديون آهن. دستڪاري جي هنر ۾ رومال پڻ ٺاهيا ويندا آهن، رومالن تي سگهڙ عورتون آريا سئي جي مدد سان ڀرت ڀرينديون آهن. اجرڪ، گج، ٻانڌڻا، پڙا، ٻانڌڻيون، چنيون، رلي ۽ ٻيا هنر سنڌي ثقافت جو اھم حصو آهن. موجوده حالتن ۾ مختلف هنرن جو ڪم ڪندڙ هنرمند ماڻهو ۽ ڪاريگر مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سرڪاري سرپرستي نه هجڻ سبب سنڌ جا ڪيترائي هنر زوال پذيري طرف وڌي رهيا آهن. سنڌ ۾ اصلوڪو سنڌي لباس پائڻ جو رواج گهٽجڻ سبب مختلف شهرن ۾ رڱاوت جا ڪارخانا (اجرڪ، پڙا ۽ چنيون ٺاهڻ جا ڪارخانا) بند ٿي ويا آهن. سنڌ جا صرف چند شهر آهن جتي اهو رڱاوت جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، خاص طور تي مٺي ۾ ٻانڌڻا، پڙا ٺاهڻ جا پنج ڪارخانا موجود آهن. جڏهن ته رڱاوت جي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ نير ۽ عليجر رنگ ٻين ملڪن کان ايندو آهي (جيڪو ھاڻي اچڻ بند ٿي ويو آهي)، جن تي حڪومت طرفان ڳرا ٽيڪس مڙهيل آهن. اهڙي ريت مارڪيٽ ۾ هن وقت عليجر رنگ ۽ نير 4000 کان 4200 رُپيا في ڪلو جي حساب سان ملندو آهي. حيدرآباد ۾ رنگ ملڻ جو صرف ھڪ دڪان موجود آهي. هن مهانگائي جي دور ۾ رڱاوت جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن يا ته گهڻا ڪاريگر اهو رڱاوت جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا آهن. اجرڪ، پڙا ۽ ٻانڌڻيون، چنيون ٺاهيندڙ ڪاريگرن کي سرڪار طرفان ڪي به گھربل سهولتون  ميسر ٿيل ناھن. مقامي سطح تي رڱاوت جي مارڪيٽنگ گهٽ هجڻ سبب ڪيترن ئي ڪاريگرن رڱاوت جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. کپرو، ھٿونگو، عمرڪوٽ، غلام نبي شاھ، ھالا، مٽياري، ڀٽ شاهه ۾ رگاوت جا اڪثر ڪارخانا پڻ بند ٿي ويا آهن. اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور جي مارڪيٽن ۾ رڱاوت جي هنر جي تمام گهڻي ڊمانڊ آهي، پر ڪاريگرن وٽ محدود وسيلا هئڻ ڪري اهي اُتي پهچڻ کان قاصر آهن. جڏهن ته واپاري سنڌ جي ڪاريگرن کان سستي اگهه تي مال خريد ڪري اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ٻيڻو ٽيڻو ناڻو ڪمائين ٿا. رڱاوت جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن ۾ اڪثر خطرناڪ بيماريون پڻ پيدا ٿينديون آهن. رڱاوت جي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف ڪيميڪلن جي دز (ڦاڪ) سبب اهي ڪاريگر دم ۽ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. عورتن ۽ مردن ۾ مسلسل ويهڪ جي ڪري انهن ۾ عرق النساءِ نالي هڪ بيماري پڻ ٿيندي آهي. جڏهن ته رڱاوت جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن ۾ گوڏن ۽ سنڌن جي سور جون بيماريون عام جام ٿينديون آهن. ساڳي ريت هٿ جي هنر جو ڪم ڪندڙ مختلف سگهڙ عورتن ۽ ڪاريگرن جي سرڪاري سرپرستي نه ٿيڻ ڪري انهن جي دستڪاري وارو  هنر زوال پذير ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ هنري سکيا جا مرڪز تمام گهٽ آهن يا جن شهرن ۾ ثقافتي هنرن جا مرڪز آهن اُتي اهي گهربل سهولتون موجود نه آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد جا اڪثر واپاري ٿر جي ڳوٺن مان گج، رليون، دستڪاري هنرن جون ٻيون شيون سگهڙ عورتن کان سستي اگهه تي خريد ڪري انهن کي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ وڪرو ڪري ڪروڙين رپيا ڪمائيندا آهن، پر اسان جي سنڌ جون سگهڙ عورتون انهن ساڳين حالن ۾ آهن. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي ثقافتي هنرن جي وارثي لاءِ سرڪاري سرپرستي جي ضرورت آهي. سنڌ جي ثقافتي هنر ٺاهيندڙ ڪاريگرن جي سهائتا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سرڪاري سطح تي انهن ڪاريگرن کي وسيلا مهيا ڪري ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٿر سميت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رڱاوت ۽ دستڪاري جي حوالي سان جتي به اهو ڪم ٿئي ٿو ته انهيءَ ڪم کي (مختلف هنرن) کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت طرفان وڏي پئماني تي ثقافتي سينٽر جوڙيا وڃن. سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ وڏا هنري سکيا گهر قائم ڪيا وڃن. سرڪار طرفان ڪاريگرن جي فن جي پذيرائي ۽ مارڪيٽنگ لاءِ ڪاريگرن جي مدد ڪئي وڃي. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ حڪومت خاص طورتي ثقافت کاتي کي تحرڪ وٺڻ گهرجي ۽ ثقافت کاتي سنڌ کي سنڌ جي ثقافتي هنرن جي وارثي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان سنڌ جي هنرمند ماڻهن جي وارثي ڪريون ۽ انهن جي هنرن جي قدرداني ڪريون ۽ انهن لاءِ گهربل وسيلا مهيا ڪريون ته جيئن هو پنهنجي ثقافتي ڪرت کي زنده رکيو اچن. سنڌ ۾ ثقافتي هنرن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ جيڪي به هنرمند ماڻهو آهن ان جي هنر ۽ آرٽ کي سرڪاري سطح تي ترقي وٺرائي وڃي ته جيئن زوال پذير ٿيندڙ هنر پنهنجي اصل اوج تي اچي سگهن. رڱاوت سميت سنڌ ۾ جيڪي به هٿ جا هنر آهن انهيءَ جي مارڪيٽنگ ۽ پذيرائي لاءِ ڪاريگرن کي موقعا فراهم ڪري ڏنا وڃن. جيڪڏهن ثقافتي ھنرن جي وارثي نه ڪئي وئي ته ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ سنڌ جي ثقافت جا اصلوڪا ھنر پنهنجي اوج وڃائي ويهندا.

dolatr60@gmail.com

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments