بلاگخاص

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه قسط: 5

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط: 5

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه

الطاف شيخ

1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم ختم ٿيڻ بعد لي انگلينڊ روانو ٿيو، جتي پهرين “لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس” ۾ پڙهيو. ان بعد يونيورسٽي آف ڪئمبرج ۾ داخلا ورتي، جتي هن Fitzwilliam ڪاليج مان قانون (Law) جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ڪاليج جيڪو فقط Fitz جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو، 1869ع ۾ شروع ٿيو. هن ڪاليج مان ڪيترين ئي اهم شخصيتن “لا” پڙهيو. هڪ ٻه جن کي آئون سڃاڻان ۽ توهان به واقف هوندوَ، هن ريت آهن: انڊيا جو بنگالي اڳواڻ سڀاش چندر بوس جيڪو 39-1938ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو صدر ٿي رهيو، شنڪر ديال شرما انڊيا جو نائون صدر 97-1992ع، احمد رشيد افغانستان جو صحافي جيڪو هيٺئين انگريزي ڪتاب جو مصنف به آهي Taliban: Militant Islam, Oil & Fundamentalism in Central Asia ۽ اسان جي سپريم ڪورٽ جو 1992ع کان 1994ع تائين جو چيف جسٽس ناصر اسلم زاهد.

“لي ڪئان يو” انگلينڊ ۾ به تعليم ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ گريجوئيشن ۾ ڊبل اسٽار (ڊبل فرسٽ ڪلاس آنرس) حاصل ڪيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هو 1949ع ۾ واپس پنهنجي وطن سنگاپور آيو. جاپانين جي قبضي دوران “لي ڪئان يو” اهو ئي سوچيندو رهيو ته انگريز پنهنجي پر ۾ پاڻ کي ڀلي پهلوان سمجهندا هجن، پر هو کين جاپانين جي حملي کان بچائي نه سگهيا ۽ پوءِ ليءَ اهو ئي فيصلو ڪيو ته سنگاپور تي اتي جي رهواسين جي حڪومت هجڻ ضروري آهي. سنگاپور ۾ موٽڻ بعد ليءَ ٽي چار سال وڪالت ڪئي، ان بعد 1954ع ۾ پيپلز ايڪشن پارٽي (PAP) نالي سياسي جماعت ٺاهي. 1955ع جي اليڪشن ۾ لي “تنجنگ نگار” واري علائقي جي سيٽ کٽي ۽ مخالف ڌر جو ليڊر ٿيو.

1959ع وارين چونڊن ۾ لي جي پارٽيءَ PAP ايڪونجاهه مان ٽيتاليهه سيٽون حاصل ڪيون ۽ لي سنگاپور جو وزيراعظم ٿيو. “لي ڪئان  يو” ڪڏهن ڪڏهن سيمينار يا ڊنر پارٽين ۾ چرچي چرچي ۾ چوندو هو ته: “مون پنهنجي زندگيءَ ۾ چار قومي ترانا ڳايا: گاڊ سيو دي ڪنگ، ڪِميگايو، نيگاراڪُو ۽ ماجولا سنگاپورا.”

جن ڏينهن ۾ ليءَ سنگاپور ۾ جنم ورتو انهن ڏينهن ۾ سنگاپور برطانيه راڄ ۾ هو، جيئن اسان جو جنم ۽ ٻين جو 14 آگسٽ 1947ع کان اڳ برٽش انڊيا ۾ ٿيو. جيئن منهنجي برٿ سرٽيفڪيٽ تي 14 نومبر 1944ع هالا نوان، برٽش انڊيا لکيل آهي. ملڪ کي خود مختيار ٿيڻ کان اڳ سنگاپور ۾ به اسان وانگر برطانيه وارو قومي ترانو God Save the Queen ڳايو ويو ٿي، جيڪو هن ريت آهي:

God Save the Queen!

Send her victorious,

Happy and Glorious

Long to reign over us:

God Save the Queen!

دل کي ڳالهه وڻي يا نه وڻي، پر برطانيه جي راڻي صاحبه لاءِ روزانو صبح جو اسڪول جي اسيمبلي ۾ “اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي” يا “لب پي آتي هي دعا” يا قرآن مجيد جي ڪا سورت پڙهڻ بعدران “منهنجا مولا اسان جي راڻي صاحبه کي سلامت رک… کيس وڏي حياتي ڏي ته اسان تي راڄ ڪندي رهي… ڳايو ويندو هو.

بهرحال اڄ به اسان جا لکين مسلمان جيڪي انگلينڊ يا ڪئناڊا ۾ رهن ٿا ۽ اتي جي شهريت اختيار ڪئي اٿن، پاسپورٽ ورتو اٿن، اهي راڻي صاحبه لاءِ دعائن جو ترانو پڙهندا رهن ٿا، پر هاڻي اهي خوف يا غلامي جي ڪري نه پر اتي رهي آسودي زندگي ماڻڻ خاطر، پوءِ انهن ۾ ڪي ته غريب مجبور آهن. هو پورهيت آهن ۽ اتي به پورهيو ڪري پنهنجن ٻچن لاءِ اٽو ۽ لٽو مهيا ڪن ٿا ته ڪي وري اسان جا بدنام سياستدان، ڪامورا ۽ ٺڳ واپاري ۽ ظالم وڏيرا آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي مسڪيني جي حالت ۾ وجهي پئسو کڻي وڃي ڌارين ملڪن ۾ پناهه ورتي آهي، جيئن سندن وٺ پڪڙ به نه ٿئي، جيئن پنهنجي وطن کان پري رهي سڪون سان عيش جي زندگي گذارجي… بقول “لي ڪئان يو” جي، “جيڪڏهن اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ملڪ کان ٻاهر پئسو نه ڪڍن ته اسان جا ملڪ به يورپ جهڙا سکيا آسودا ٿي پون.” ان ئي اصول تي هلي لي ڪئان يو ۽ مهاتير محمد سنگاپور ۽ ملائيشيا کي اوج تي پهچائي ڇڏيو، جيڪي ملڪ 1975ع تائين به اسان جي ملڪ کان گهڻو گهڻو پٺتي پيل هئا. اڄ سنگاپور ۽ ملائيشيا جا سياستدان پنهنجي ملڪ جي بسن ۾ چڙهن ٿا. هنن مان ڪو ٻاهرين ملڪ ۾ بيمار ٿئي ٿو ته به پاڻ کڻائي پنهنجي ملڪ ۾ علاج لاءِ اچي ٿو. هو سياست کي عوام جي خدمت ڪرڻ سمجهن ٿا.

“لي ڪئان يو” جنهن ٻئي تراني “ڪِمي گايو” جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو جاپان جو قومي ترانو آهي، اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو ان کي ڳائڻ کان ذري گهٽ بچي وياسين، نه ته ٻي جنگ عظيم دوران جنهن رفتار سان جاپاني هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملايا تي قبضو ڪري برما جي بارڊر تي اچي پهتا هئا، هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تي بم نه ڪري ها ته جاپاني ننڍي کنڊ ۾ پهچي وڃن ها ۽ اسان جي ماڻهن کي به سنگاپورين ۽ ملئي ماڻهن وانگر جاپان جو قومي ترانو پڙهڻو پوي ها:

ڪِمي گايو                        Kimigayo wa

چي يوني                               Chiyo ni

ياچييوني                               Yachiyoni

سازاري ايشي نو                    Sazare-ishi no

اي وائو تو ناري تي               Iwao to Narite

ڪوڪي نو                               Koke no

موسو مادي                            Musu made

هي ترانو جاپان جي شهنشاهه ۽ ان جي راڄ جي برقرار رهڻ جي دعا آهي: شل تنهنجو راڄ، هزارين سالن تائين هلندو رهي… اٺ هزار ڄمارون… جيسين پٿريون ٽڪر ٿي وڃي… ساوڪ سان ڀرپور.

سنگاپور تي جاپانين جو 1945ع تائين راڄ رهيو، ان بعد وري انگريز جي قبضي ۾ اچي ويو. 1963ع ۾ انگريز پنهنجي وطن روانا ٿيا ۽ سنگاپور ۽ ملايا گڏجي هڪ ملڪ ٺاهيو ۽ سنگاپور ۾ اهو قومي ترانو وڄڻ لڳو جيڪو اڄ ملائيشيا ۾ ڳايو وڃي ٿو.

منهنجو ملڪ                                         Negara Ku

اها ڌرتي جتي منهنجو رت وهيو   Tanah Tumpahnya Darahku

ان جي زنده رعيت                                    Rakyat Hidup

هڪ آهي ۽ ترقي جي راهه تي                   Bersatu dan Maju

شل رب جي رحمت وسي                          Rahmat Bahagia

خوشحالي ۽ امن                                   Tuhan Kurnikan

شل اسان جي بادشاهه جو                                Raja Kita

تخت سلامت هجي                              Selamat Bertakhta

سنگاپور ۽ ملايا جو ميلاپ گهڻو نه هلي سگهيو. سنگاپور وارن جدا نٿي ٿيڻ چاهيو، پر ملايا وارن پنهنجو ان ۾ فائدو ڏٺو ته سنگاپور جيڪو چينين سان ڀريو پيو آهي، جيڪي ملايا جي ماڻهن کان هر ڪم ۾ اڳڀرا آهن، انهن کان جدا ٿيڻ کپي. 1965ع ۾ ملايا بورنيو ٻيٽ جي صباح ۽ سرواڪ رياستن سان ملي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو ۽ سنگاپور اڪيلي سر ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي. سنگاپور جون شروع کان ۽ اڄ تائين چار قومي زبانون هلنديون اچن: انگريزي، چيني، تامل ۽ ملئي. …(هلندڙ)…