سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط: 2
سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه
الطاف شيخ
گهمڻ کان علاوه اسان ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري ميٽنگن، سيمينارن ۽ مختلف ڪورس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ٽي چار ڏينهن يا هفتو ٻه سنگاپور ۾ رهندا هئاسين. سنگاپور جيڪو سٺ ڏهاڪي تائين به ڪجهه نه هو، اهو اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي تائين يورپ جو ڏيک ڏيڻ لڳو هو. ان ۾ سڄو ڪريڊٽ اتي جي سياستدانن جو خاص ڪري ملڪ جي وزيراعظم “لي ڪئان يو” جو چئي سگهجي ٿو. ساڳي وقت سنگاپور کي ڏسي ملائيشيا به سڌرڻ لڳو جتي پڻ ايماندار سياستدانن ڪري خاص ڪري مهاتير محمد جي محنتن ۽ نيڪ سوچن ڪري سڌارو اچي رهيو هو. اسان ملائيشيا يا سنگاپور ۾ نوڪريون ڪرڻ ورا ڌاريان… خاص ڪري بنگلاديش، انڊيا، پاڪستان ۽ سريلنڪا جا، پنهنجن ملڪن کي پٺتي پوندو ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور کي اڳيان نڪرندو ڏسي اتي جي وزيراعظمن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئاسين. قومي ڏينهن، اوپن هائوسن ۽ سيمينارن ۾ انهن سان ملاقات ٿيندي هئي ته اسان سندن واکاڻ ڪندي نه ڍاپندا هئاسين. ڏور اوڀر توڙي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ مذهبي ڏينهن تي يعني عيد، ڪرسمس ڊي، چائنيز نيو ايئر تي هن پاسي جي ملڪن جا اهم سياسي ماڻهو عوام سان ملڻ لاءِ پنهنجي گهر جا دروازا کولي ڇڏيندا آهن ۽ هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۽ ٽي وي ذريعي اعلان ڪيو ويندو آهي ته سڀاڻي عيد نماز بعد مهاتير محمد جي گهر اوپن هائوس جي دعوت هر عام ۽ خاص ماڻهو کي ڏجي ٿي، پوءِ اها دعوت صبح کان شام تائين پئي هلندي آهي. ٽيبلن تي کاڌا سجايا پيا هوندا ۽ هرڪو ايندڙ مهاتير سان ملي پنهنجي پسند جي شيءِ کائي موڪلائي ويندو هو يا ٿوري دير لاءِ ويهي ڪچهري ڪندو هو. امن امان وارا ڏينهن هئا، آدمشماري گهٽ هئي. اسان جهڙا ڌاريان به ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا. بهرحال آخري اوپن هائوس مون 1990ع ۾ اٽينڊ ڪيا ان بعد دنيا ۾ عام ٿيندڙ دهشتگردي ڪري اهي اوپن هائوس ڄڻ خواب ٿي ويا. سياستدانن ۽ وڏن ماڻهن جي گهرن ۽ آفيسن ۾ بنا اطلاع جي وڃي ساڻن ملڻ يا ڪچهري ڪرڻ جو سلسلو ڄڻ بند ٿي ويو. اسان پاڪستانين لاءِ به ان سال کان ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اچڻ لاءِ ويزا وٺڻ ضروري ٿي. نه ته انهن ملڪن توڙي ٿائلينڊ ۽ انڊو نيشيا ۾ جنهن وقت موڊ ٿيندو هو رڳو ٽڪيٽ وٺي هوائي جهاز ۾ چڙهبو هو. ڪوالالمپور، سنگاپور، جڪارتا يا بينڪاڪ جي هوائي اڏن اتي لهڻ سان مڪاني اميگريشن آفيسر پاسپورٽ تي ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندا هئا.

مٿين ڳالهه مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهي ملڪ اسان لاءِ ڄڻ ٻئي گهر مثل هئا، جتي ڪيترائي مڪاني ماڻهو ۽ هم وطني اسان جا دوست هئا. ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ته اڄ ڏينهن تائين اتي ٽڪيو پيو آهي. ايتري قدر جو رهائش لاءِ هن سنگاپور ۾ ئي گهر ورتو آهي. اڄ به ان پاسي منهنجو وڃڻ ٿيندو آهي ته هن سان ضرور ملاقات ٿيندي آهي نه ته مهيني ڏيڍ فون ذريعي هو ان تر جون خبرون ڪندو رهندو آهي. خاص ڪري اسان جي سنڌي هندو دوستن ۽ بنگالي ڪلاس ميٽن جون جيڪي اڄ سنگاپور جا citizen آهن. هُن هِن ڀيري جڏهن اهو ٻڌايو ته پاڻ وارو همراهه گذاري ويو آهي ته مون پنهنجن هڪ ٻن ڪلاس ميٽن جا نالا کنيا.
“اهي سڀ خوش چاق چڱا ڀلا آهن.” هن وراڻيو.
“ته پوءِ ڀلا ڪهڙو همراهه گذاري ويو آهي؟” مون تجسس مان پڇيو.
“لي ڪئان يو صاحب!” هن جواب ڏنو.

“ويري سئڊ!” منهنجي وات مان نڪتو ۽ پوءِ کيس چيم “لي ڪئان يو” ته “همراهه” نه ٿيو. هو ته پنهنجو “SIR” ۽ دلپسند شخصيت هو. جنهن جهڙي انسان لاءِ دعائون گهرندا هئاسين ته اهڙو ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ به ڄمي ۽ اسان جي ملڪ ۽ عوام جي به خوشحالي ٿئي.
واقعي سنگاپور جو هي قائد اعظم محمد علي جناح وانگر قابل وڪيل اسان جو ڪو دوست نه هو، پر هن سان 1968ع کان 1990ع تائين واري عرصي دوران دوستانه تعلقات رهيا. هن هر پڙهيل ماڻهوءَ جو قدر ڪيو ٿي ۽ ان کي عزت ڏني ٿي. منهنجو ڏهه ٻارنهن سال ته هن ملڪ ۾ جهاز کي وٺي اچڻ ۽ ڏهه سال کن ڀر واري ملڪ ملائيشيا ۾ نوڪري دوران سنگاپور ۾ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اچڻ لڳو رهيو ٿي ۽ انهن سيمينارن ۽ قومي ڏينهن تي ٿيندڙ فنڪشنن ۾ اسان هن شخص کي ڏسندا رهياسين ٿي. هو جنهن محنت ۽ اورچائيءَ سان سنگاپور کي ٺاهڻ ۾ لڳو رهيو ٿي، ان اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو.
شروع وارن ڏينهن ۾ اسان جا ڪيترائي جهازران ساٿي چوندا هئا ته سنگاپور جهڙي ٺڳ ملڪ کي راهه تي آڻڻ ناممڪن آهي. لي ڪئان يو کي کپي ته وڃي وڪالت ڪري. چيني اها بدمعاش قوم آهي، جنهن کي مائوزي تنگ جهڙي ماڻهو ڏنڊي جي زور تي ئي سڌو ڪيو. باقي هي “لي ڪئان يو” فقط قائدا قانون ٺاهيندو وتي.
پر يارو! اسان ڏٺو ته سنگاپور جو هي وزيراعظم نه فقط قائدا قانون ٺاهيندو رهيو، پر کيس انهن تي عمل ڪرائڻ به آيو ٿي. مثال طور: سنگاپور جيڪو ننڍڙو ٻيٽ آهي، جنهن جي ڪل ايراضي 720 چورس ڪلو ميٽر آهي. سنڌ جو سڀ کان ننڍو ضلعو مٽياري آهي جنهن جي ايراضي 1420 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني سنگاپور جو ٻيٽ نما ملڪ مٽياري ضلعي جي به اڌ جيترو آهي… ۽ اهو به اڄ آهي نه ته ستر واري ڏهاڪي تائين ته سنگاپور جي ايراضي فقط 580 چورس ڪلو ميٽر هئي. پوءِ سنگاپور ٻيٽ جي آسپاس واري سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري ڀري وڌيڪ زمين reclaim ڪئي وئي.

سنگاپور جي ماڻهن لاءِ جتي پوک ۽ پاڻي جو مسئلو هو اتي رهائش جو به وڏو مسئلو هو. ياد رهي ته سنگاپور ۾ ڀاڄي ڀُتي توڙي پاڻي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان ٿو اچي. مون کي اڄ به ياد آهي ته سنگاپور جي مختلف علائقن ۾ مختلف قومن، مذهبن ۽ ٻوليون ڳالهائڻ وارا ناني ڪنڙو ڪري رهيا ٿي… يعني هر قوم جا پنهنجا پاڙا هئا. ڪٿي چيني ته ڪٿي ملئي، ڪٿي تامل ته ڪٿي گجراتي ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا. ڪٿي هندو ته ڪٿي سک، ڪنهن به پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي عيب ٿي سمجهيو، جو ان وقت سنگاپور ٺڳين ۽ دو نمبر مال جي وڪري کان بدنام هو. پوءِ لي ڪئان يو رهائش جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ vertical عمارتون يعني فليٽس جون اتاهيون عمارتون ٺهرايون ۽ ماڻهن کي آسان قسطن ۾ فليٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو. ملئي ماڻهن گهڻو ئي چاهيو ته هو پنهنجو پنهنجو ٽولو ٺاهي رهن، پر حڪومت طرفان ان حڪم تي عمل ڪيو ويو ته سستي اگهه تي فقط ان کي فليٽ ملندو جنهن جو ڪُڻو نڪرندو ويندو. سڀ مجبور ٿي پيا، سستي ۽ سٺي فليٽ کي ڪير ڇڏي. سائين سنگاپور جي سڄي آدمشماري مڪس اپ ٿي وئي. ساڳي بلڊنگ ۾ چيني به رهڻ لڳا ته ملئي به، هندو به رهڻ لڳا ته سک ۽ عيسائي به. ان مان اهو فائدو ٿيو جو ملئي، تامل ۽ ٻيون اهڙيون سست قومون چينين جي ويجهو رهڻ ڪري، هنن مان سٺيون ڳالهيون سکڻ لڳيون. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنگاپور جا ملئي ملائيشيا جي ملئي ماڻهن کان تيز آهن.
“لي ڪئان يو” اتاهيون ڏهه ڏهه ٻارهن ٻارهن ماڙ عمارتون ته ٺهرايون ۽ منجهن لفٽ کان ڪڙي ڪنڍي تائين هر ڪم اعليٰ معيار جو رکرايو… ويندي سوئچ ۽ نلڪا اوچي قسم جا لڳرايا جيئن بار بار خراب نه ٿين. گهٽ پئسن ۾ اهڙا اوچا فليٽ ملڻ ڪري هرڪو خوش هو، پر ان سان گڏ “لي ڪئان يو” انهن ۾ رهڻ وارن لاءِ قائدا قانون به سخت ڪيا. هرهڪ فليٽ ۾ نه فقط بجلي ۽ فون جو الڳ الڳ ميٽر رکرايو، پر پاڻي جو پڻ، جيئن ڪو اجايو سجايو پاڻي نه وڃائي. ڪموڊ Leak ٿيڻ تي فليٽ وارو يڪدم پلمبر کي وٺي اچي ٺيڪ ڪرائي نه ته پاڻيءَ جو بل ان مٿان چڙهي ويندو. اسان جي ملڪ ۾ اڄ به ان جو خيال نٿو رکيو وڃي. ڪنهن جو نلڪو ليڪ ٿئي ٿو ته 200 رپيا ڏئي پلمبر کان نئون وجهرائڻ بدران سڄي عمارت جي مٿانهين ٽئنڪ خالي ٿيو وڃي. فليٽن ۾ سک سان رهڻ جي سلسلي ۾ حڪومت طرفان ڪيترائي قاعدا ٺاهيا ويا ته ڪو پنهنجي ٽي. وي جو آواز وڏو نه ڪندو، ڪو به پنهنجي ڀت ۾ ڪوڪو پاڙي واري جي اجازت بنا نه هڻندو، ڪو فليٽن اڳيان ڪار جو هارن نه وڄائيندو، ڪوبه دريءَ مان هيٺ ڪچرو نه اڇلائيندو. مون کي ياد آهي ته 1970ع ڌاري اسان جي جهاز جي فرج انجنيئر محمود کلي چيو هو ته: “لي ڪئان يو” جو دماغ خراب ٿيو آهي. چيني قوم فقط ڏنڊي سان سڌي ٿي سگهي ٿي جيئن چين ۾ مائوزي تنگ ڪيو آهي. اسان هر دفعي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ کانپوءِ چين جي به هڪ ٻن بندرگاهن ۾ ويندا هئاسين ۽ اتي جي حالتن کان واقف هئاسين. …(هلندڙ)…

