خاص

سونا ڪشي کي مداح پاران شادي جي آڇ

بالي ووڊ جي دبنگ اداڪارا سونا ڪشي سنها پنهنجي مداح جي دل ٽوڙي ڇڏي. سونا ڪشي سنها فلمن ذريعي ته پنهنجي مداحن کي تفريح فراهم ڪندي آهي، پر هوءَ سوشل ميڊيا تي به پنهنجي چاهيندڙن سان رابطي ۾ رهندي آهي. مقبول ترين سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي سونا ڪشي سنها جا 20 ملين کان وڌيڪ فالوئر آهن ۽ اڪثر سونا ڪشي انسٽاگرام تي پنهنجي مداحن طرفان پڇيل سوالن جا جواب به ڏيندي آهي. سونا ڪشي سنها تازو انسٽاگرام تي ”آسڪ مي ايني ٿنگ“ سيشن دوران مداحن طرفان پڇيل سوالن جا جواب ڏنا، ان دوران هڪ مداح اداڪارا کان پڇيو ته ڇا توهان مون سان شادي ڪندئو؟ جنهن تي سونا ڪشي جواب ڏيندي چيو ته في الحال انسٽاگرام تي شادي جي آڇ قبول نه پئي ڪيان.