سياستدانن جا چرچائي بيان.
الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل
سياستدانن جا چرچائي بيان
الطاف شيخ
ڌارئين ٻولي سکڻ تمام سٺي ڳالهه آهي. اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو اسان کي ٽي ٻوليون ته اچن ئي اچن ٿيون. پنهنجي مادري ٻولي (سنڌيءَ) کان علاوه اردو ۽ انگريزي پڻ. ڪيترن کي ته پنجابي به اچي ٿي. اسان جي صدر آصف زرداريءَ کي ننڍي هوندي ته پنجابي ڪانه ايندي هئي شايد جيل ۾ سکي ويو جنهن مان کيس اهو فائدو ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ هو جڏهن هنن جي ٻوليءَ ۾ تقرير ڪري ٿو ته ماڻهو خوش ٿين ٿا. منهنجو والد (مرحوم گل محمد شيخ) هميشه مون کي ڌارئين ٻولي سکڻ لاءِ چوندو هو ته “هر ٻولي ته نه، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ملڪ جنهن ۾ ٻن سالن کان مٿي رهڻ جو پروگرام رٿين، ان جي ٻولي ضرور سک”
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن به ملڪ جي ٻولي ڄاڻڻ سان اتي جا مڪاني ماڻهو وڌيڪَ عزتَ ۽ خيالُ ڪن ٿا ۽ پرديسَ ۾ زندگي گذارڻ آسان ٿيو پوي. توهان کي هو پنهنجي غمين خوشين ۾ شامل ڪن ٿا. خاص ڪري هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ مون کي وڏو فائدو رسي ٿو جو مڪاني ماڻهو، پنهنجيون ڪيتريون ئي ڳالهيون، مسئلا، سوچون، عقيدا ۽ خوف بنا ڪنهن رک رکاءُ جي مون سان Share ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو مون جاپان ۽ ملائيشيا تي گهڻا ڪتابَ لکيا آهن. جهاز هلائڻ دوران پنهنجن جونيئرن کي ۽ ڪناري جي نوڪري ۾ پنهنجن شاگردن کي آئون به اهوئي چوندو رهيو آهيان ته وڌيڪ ٻوليون سکو… خاص ڪري اهي ٻوليون جيڪي گهڻن ملڪن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. سوڊاني يا مصري ماڻهو اسان پاڪستانين کان ڪي وڌيڪَ قابل نه آهن، پر عربي ٻوليءَ جي ڄاڻ ڪري هنن کي هر عرب ملڪ ۾ آسانيءَ سان نوڪري مليو وڃي. اسان مسلمانن لاءِ ته عربي ٻولي تمام گهڻي اهميتَ رکي ٿي ۽ ڳالهائي به تمام گهڻن ملڪن ۾ وڃي ٿي. ملئي ٻولي ادبي خيالَ کان ايتري امير ناهي، پر ملائيشيا کان علاوه انڊونيشيا، سنگاپور، برونائي، ڏکڻ ٿائلينڊ ۽ ڏکڻ فلپين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اهڙي طرح اهي جهازران جيڪي وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا ڏي جهاز هلائين ٿا انهن کي کپي ته هسپانوي (Spanish) ٻولي سکڻ گهرجي جو وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي سڀني ملڪن ۾ هسپانوي ڳالهائي وڃي ٿي، ويندي USA جي ڏاکڻين رياستن: ٽيڪساس، نيوارلينس وغيره ۾ پڻ. آفريڪا ۾ انگريزي بعد فرينچ هلي ٿي. ڏور اوڀر پاسي جاپاني ڄاڻڻ واري کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. جاپاني ڳالهائڻ ۾ سولي ۽ سرائيڪيءَ وانگر سريلي آهي. ڪيترا ماڻهو جاپاني لکڻي مان اهو سمجھن ٿا ته اها ڳالهائڻ ۾ چيني ٻوليءَ وانگر آهي، پر ائين ناهي. جتي جاپاني ٻوليءَ ۾ هر لفظ ڪا شڪل (کانجي) آهي اتي اسان جهڙن ڌارين جي سهولت لاءِ آوازن واري ڪاٽاڪانا ۽ هراگانا لکڻيون پڻ آهن. جاپاني ڳالهائڻ ۾ ان ڪري سولي آهي جو جاپانيءَ جي هر لفظ ۾ڪانسوننٽ پويان Vowel آهي. توهان جاپاني ٻوليءَ جي ڪوبه لفظ کڻي ڏسو توهان کي هر ڪانسوننٽ پويان Vowel نظر ايندو. مثال طور: سوزوڪي، ياشيڪا يا سانيو ڏسو ته اهو Vowels سان ڀريو پيو آهي. ان ڪري جاپاني لفظ اُچارڻ سولا آهن.
هڪ ٻي ڳالهه جو به اظهار ڪندس ته ڪا به ٻولي سکو ته اها چڱيءَ طرح سکو ۽ ڪا به شيءِ بنا محنت جي حاصل نٿي ٿئي. پاڪستان ۾ ۽ هر ملڪ ۾ ڌارين ٻولين سکڻ جا ٽيوشن سينٽر آهن جن مان مون ڏٺو آهي ته ڪيترا شاگرد ٻن هفتن يا مهيني جو ڪورس ڪري مليل سرٽيفڪيٽ يا ڊپلوما ڏيکاري پيا خوش ٿيندا ته اسان جرمن، فرينچ يا عربي سکي آهي. آئون اهو چوندس ته انهن ڪاغذن جي ڪا Value ناهي. ڪم جي شيءِ اها آهي ته توهان سکيل ٻولي فر فر (Fluently) ڳالهائي به سگهو ٿا يا نه؟ ڪيترا مون اهڙا شاگرد ڏٺا جيڪي عربي ٻوليءَ ۾ M.A ڪرڻ بعد به ڪنهن عرب جي ٻن جملن کي نٿا سمجهيو سگهن! اوساڪا يونيورسٽي جي سنڌيءَ جي پروفيسر ڪينسا ڪو ماميا کي شابس ڏيندو آهيان جيڪو جاپاني شاگردن کي سنڌي پڙهائي ٿو ۽ اسان سنڌين سان به نه رڳو تڪڙو ڳالهايو وڃي، پر سنڌي ۾ چرچا ڀوڳَ به ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان فقط ايم فِل ڪئي آهي.
جهاز تي Sail ڪندڙ هڪ جونيئر کي چيم ته “سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر تي فلمون ٿو ڏسين. ان کان بهتر آهي ته جنهن ڊچ جهازران ڪمپني ۾ آهين انهن جي ٻولي کڻي سک”
“سر! جيسين ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق نٿو ٿئي تيسين ٻولي سکڻ تي دل نٿي چوي.” هن جواب ڏِنو.
“ته پوءِ هاڻ جهاز ٻه مهينا کن ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ هلي بيهندو.. سنهالي سکي وٺجانءِ.” مون چيو مانس
“نه هاڻ ٻي ٻولي ۽ ٻي عشق جي ضرورت ناهي. مون کي اوڏڪي زبان اچي ٿي ۽ اوڏ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ وارو آهيان.”
اها ٽيهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي. ڪئپٽن امر چند اڄ ڪلهه نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو ۽ سندس اوڏ زال مان ٽي ٻار جوان به ٿي ويا آهن.
ملائيشيا ۾ پڙهائڻ دوران شاگردن کي فارين ٻولي سکڻ جي تلقين ڪندي ڪڏهن ڪڏهن “ڪوئي ۽ ٻليءَ” جو لطيفو به ٻڌائيندو آهيان ته هڪ ٻلي اچي ڪوئي جي پٺيان لڳي. ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي رکيائينس، آخر ڪوئي ڇا ڪيو جو هڪ پيتيءَ پويان لڪي ڪتي جي آواز ۾ ڀونڪار ڪئي “ڀؤن ڀؤن ڀؤن”
ٻلي اهو ٻڌي ڊڄي وئي ۽ پويان پير ڪري ڀڄي وئي. ڪوئو هٿ ڇنڊي ٻاهر نڪتو ۽ چپن تي مرڪ آڻي چيو: “واقعي ڌارئين ٻولي سکڻ مان فائدو آهي!”
سو ٻئي جي ٻولي ضرور سکجي. آئون ان جي حق ۾ آهيان، پر ان ڏينهن درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم سان گڏ ويٺو هئس ته ان وقت وزير اعليٰ صاحب جو ٽي وي تان اهو بيان هلي رهيو هو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ هاڻ چيني ٻولي به سيکاري ويندي. اهو ٻڌي اسان ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو. اسان جي کلڻ جو سبب توهان شايد اهو سمجھي رهيا هجو ته اسان اهو بيان ٻڌي سوچيو هجي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ شاگرد صحيح طرح سنڌي به نٿا پڙهن. انگريزي پڙهي اڪ ڪارا ڪيائون هاڻ وري دنيا جي ڏکي ۾ ڏکي ٻولي چيني سکندا. جي ها! توهان جي اها ڳالهه به صحيح آهي، پر اسان کي اڄ کان چاليهه ٻائيتاليهه سالَ اڳ جو زمانو ياد اچي ويو جڏهن اسان تازو جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي ۽ اسان جو جهاز چين جي بلڪل ڏکڻ اوڀر واري هڪ بندرگاهه فانگ چيانگانگ ۾ هو. مائو جو زمانو هو. اسان ڌارين کي گهمڻ ڦرڻ جي اجازت نه هئي سو ڪئپٽن مخدوم (جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڊيڪ ڪئڊٽ هو ۽ آئون جونيئر انجنيئر) ٻنهي گڏجي اتي جي ماڻهن کان ڪجهه چيني ٻوليءَ جا جملا سکيا ڇو جو اسان کي ٻڌايو ويو هو ته هاڻ هر سفر ۾ اسان جو جهاز ملائيشيا، جاپان ۽ ڪوريا سان گڏ چين به ويندو رهندو.
ٻئي دفعي اسان جو جهاز چين جي ٻئي بندرگاهه شنگھائي پهتو. اتي جي ماڻهن سان اسان چيني ٻولي ڳالهائي ته سمجھن ئي نه! اسان جي پڇيل انگريزي جملن جا هاڻ هنن ٻيا چيني جملا ٻڌايا. اسان اهي خوب رٽيا. ٽيون دفعو اسان جو جهاز چين ۾ ضرور آيو پر بلڪل اتراهين بندرگاهه ڊاليان ۾. اتي جي ماڻهن سان جڏهن ياد ڪيل چيني جملا ڳالهاياسين ته خبر پئي ته هو بلڪل نٿا سمجھن. نه شنگهائي وارا ياد ڪيل جملا ۽ نه فانگ چينگانگ وارا! پوءِ اسان کي اتي رهندڙ يونيورسٽي جي هڪ انگريز پروفيسر ٻڌايو ته سڄي چين ۾ ڪا هڪ چيني ٻولي ناهي. هتي ننڍيون ننڍيون سوين ٻوليون آهن، پر وڏيون جيڪي هڪ ڪروڙ کان به مٿي ماڻهو ڳالهائين ٿا اهي به پنجاهه کن آهن !
ملائيشيا ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ته جڏهن چار پنج چيني گڏ ويهن ٿا ته هو انگريزي يا ملئي زبان ۾ ڳالهائين ٿا ڇو جو ضروري ناهي ته هنن جو چين جي ساڳئي صوبي سان تعلق هجي. چين جي هر صوبي ۽ علائقي جي مختلف چيني ٻولي آهي. سو اسان جي وزير اعليٰ جو بيان ٻڌي اسان کي ان تي کل آئي ته جيڪا ڳالهه اسان کي 40 سال کن اڳ سمجھه ۾ اچي وئي اها اسان جي صوبي جي سربراهه کي اڃان نه آئي آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن اردو ۽ هندي ٻولي سمجھڻ وارو هڪ ٻئي سان ڳالهائي ته سگهي ٿو پر هڪ ٻئي جي لکڻي پڙهي نٿو سگهي ڇو جو اردو ۽ هندي لکڻي جدا جدا آهي. ملائيشيا ۾ هَڪا، ٽيوچو ۽ هُڪين چيني ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. سنگاپور جي چئن قومي ٻولين مان جيڪا هڪ چيني ٻولي آهي اها منڊارين سڏجي ٿي. هانگ ڪانگ جي چيني ٻولي ڪئنٽونيز آهي (جيڪا چين جي گئانگ ڊانگ ۽ گئانگزي صوبن جي ٻولي آهي)، اهڙي طرح Wu نالي چيني ٻولي آهي، چئانگزي صوبي جي Gan نالي چيني ٻولي آهي جيڪا پنج ڪروڙ چيني ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح ٻيون چيني ٻوليون آهن جيڪي ڳالهائڻ ۾ مختلف آهن، پر سڀني جي لکت ساڳي آهي. ڇو ته چيني ٻولي ۾ هر لفظ شڪل آهي. اها ڳالهه ائين سمجهي سگهون ٿا ته مثال طور سج جي شڪل ٺاهڻ ته هرڪو سمجھي سگهي ٿو ته اهو سج آهي، پر اسان سنڌي ان شڪل کي ڏسي سج يا سڄ سڏينداسين، اردو ڳالهائڻ وارو سورج، سنسڪرت وارو ثوريا، انگريز ان کي ڏسي سن چوندو، عرب شمس چوندو ته ايراني آفتاب… وغيره. پر ڳالهه اها آهي ته ڪا به چيني ٻولي ڳالهائڻ ئي ڏکي ڳالهه آهي لکڻ ته ٿيو بيحد مشڪل ڪم. اسان جو ماڻهو انگريزيءَ جي 26 اکرن ۽ سنڌيءَ جي 52 اکرن ۾ ئي ڦاٿو رهي ٿو تنهن ۾ آهي ايتري همت جو ٿوري گهڻي چيني پڙهڻ لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار شڪيون ياد ڪري؟ هونئن ته چيني ٻولي جو ڄاڻو يا ماستر پروفيسر سڏائڻ لاءِ اٽڪل پنجاهه هزار شڪليون ياد ڪرڻ ضروري آهن.
جيئن اسان وٽ پاڪستان ۾ صوبن جي حساب سان سنڌي، بلوچي، پجابي، پشتو وغيره ٻوليون آهن تيئن چين ۾ تيرهن کن ٻوليون ته ائين صوبن جي حسابَ سان آهن. جن مان گهڻي کان گهڻي منڊارين آهي جيڪا 85 ڪروڙ چيني ڳالهائين ٿا. ان بعد Wu نالي چيني ٻولي آهي جيڪا شنگهائي ۾ ۽ جيسانگسو صوبي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. تائيوان وارو چيانگ ڪائي شيڪ جي مادري ٻولي به وو (Wu) هئي. ڪئنٽونيز چيني ٻولي آهي جيڪا Yue يا Yueh به سڏجي ٿي ۽ ست ڪروڙ ماڻهو ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح Min نالي چيني ٻولي آهي جيڪا پنج ڪروڙ ماڻهو ڳالهائين ٿا ڪن ڪن چيني ٻولين جا ڪجهه ٽرمس ۽ لفظ پاڻ ۾ ضرور ملن ٿا، پر اهو آهي ته سڀ چيني ٻوليون Tonal آهن يعني ساڳيو لفظ مختلف لهجي ۽ اچارڻ جي نموني سان چار پنج معنائون به رکي ٿو پوءِ ان حسابَ سان ساڳي لفظ جون لکڻ ۾ مختلف شڪليون آهن. يعني ڳالهائڻ ۾ ڪنهن لفظ جي صحيح معنيٰ جي خبر نه پوي ته ان جي شڪل ڏسي يعني لکت ۾ اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه ا سان جي ٻولين ۾ جيڪي فونيٽڪس آهن مشڪل آهي. مثال جي ڳالهه سنڌي جو هڪ لفظ وَٽُ کڻو جنهن جون ڪيتريون ئي معنائون آهن جهڙوڪ ڌاڳي کي وٽ ڏيڻ، پيٽ ۾ وٽ پوڻ، تور لاءِ ساهمي ۾ وٽ وجھڻ، تبرڪ طور مهمانن کي وٽ ڏيڻ وغيره پر سڀني شين لاءِ لکڻ ۾ به هڪ ئي نموني جو لفظ آهي. ڪنهن ڪنهن ٻوليءَ ۾ لکڻ ۾ ٿورو فرق رکيو ويو آهي جيئن انگريزي جو لفظ ناٽ آهي جيڪو Not، Naught، Knot وغيره لکيو ٿو وڃي.
شروع جي ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ يا سنگاپور ۾ ڪا چيني فلم ڏسندا هئاسين ته ان جا sub Titles انڊين فلمن وانگر انگريزي بدران چينيءَ ۾ ئي لکيل ڏسي اسان کي حيرتَ ٿيندي هئي. مون کي ياد آهي ته سنگاپور جي State سئنيما هال ۾ مون ڀر ۾ ويٺل هڪ همراهه کي چيو هو: جڏهن چيني فلم آهي ته هيٺ به چينيءَ ۾ ڇو لکيل آهي؟ شايد ٻوڙن لاءِ ڇا جيڪي ٻڌي نٿا سگهن؟
ان تي هن مون کي ٻڌايو ته فلم ٽيوچو چيني ٻولي ۾ آهي جيڪا فقط ٽيوچو ڳالهائڻ وارا سمجھي سگهن ٿا، پر هال ۾ اڌ کان وڌيڪ منڊارين، ڪئنٽونيز، هُڪين، هَڪا، گان، دنگان (چيني مسلمانن جي ٻولي)، زيانگ ۽ ٻيون چيني ٻوليون ڳالهائڻ وارا ويٺا آهن جن جي سمجهڻ لاءِ سب ٽائٽل لکت ۾ ڏنا ويا آهن.
بهرحال الله ڪنهن کي همت ۽ توفيق ڏئي ته هو ڀلي چين جي ڪا چيني ٻولي سکي. چين هڪ وڏو ملڪ آهي. اڄ ڪلهه هن جو بزنس سڄي دنيا سان آهي، اسان جو پاڙيسري ۽ دوست ملڪ آهي، پر ڪا به ڌارئين ٻولي سکڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ جي زبان ۽ انگريزي (جنهن ۾ اسان جي ملڪ جو ڪاروبار دنيا سان هلي ٿو ۽ هڪ پٽيوالي کي آفيس مان موڪل ڪرڻ لاءِ به انگريزيءَ ۾ درخواست ڏيڻي پوي ٿي) ۾ ڀڙ هجڻ ضروري آهي. ٻي ڳالهه ته توهان جو چين جي جنهن حصي يا صوبي سان واسطو هجي… تعليم، نوڪري يا بزنس جي سلسلي ۾ ته ان صوبي جي ٻولي سکجي. ڪئنٽونيز سکڻ بعد توهان کي ڪئنٽن يا هانگ ڪانگ ۾ ته رهڻ ۾ مزو ايندو، پر پاڪستان جي اتر واري چين ڪاشغر وغيره ۾ توهان جي اها چيني ڪنهن کي به سمجھه ۾ نه ايندي.
ڪجهه ڏينهن اڳ (نومبر جي مهيني ۾) عدنان رنڌاوا جو جنگ اخبارَ ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي بيان جي سلسلي ۾ هڪ ڪالم هو. پاڻ چين ۾ سفارتڪار به ٿي رهيو آهي. بقول هن جي هن سڀ ڪم ڪار ڇڏي ٻه سالَ لڳاتار چيني سکڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ وڃي جهڙي تهڙي ڳالهائڻ سکيو ۽ هن جي چواڻي چيني ٻولي دنيا جي مشڪل ترين ٻولي آهي. هن لکيو آهي ته حڪومت سنڌ جي ان بيانَ تي حيرت ٿي ته سنڌ ۾ چيني ٻولي کي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو، پر ان سان گڏ اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته اهو ڪيئن ٿيندو؟ چيني ٻوليءَ کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ ڪو کنڊ جو اگهه وڌائڻ ته ناهي جيڪو وزير اعليٰ صاحب کاٻي هٿ سان ڪري سگهي. انگريزي ته اسان پنهنجن ٻارن کي سيکاري نه سگهياسين جنهن جي سکڻ جا موقعا چيني ٻوليءَ جي نسبت ايترا ته گهڻا هئا جو مقابلو ئي نٿو ڪري سگهجي.
بهرحال ڪجهه سالن اندر چيني ٻوليءَ کي اسڪولن ۾ متعارف ڪرائڻ جو حڪومت سنجيده ارادو رکي ٿي ته سوچڻو پوندو ته هزارن جي تعداد ۾ چيني سيکارڻ وارا استاد ڪٿان ايندا؟ جيڪڏهن چين هزارن جي تعداد ۾ ٽيچر به موڪلي ته انهن لاءِ بي پناهه وسيلن جي ضرورت پوندي، اهي ڪٿان ايندا؟ ڇا ان ڪم لاءِ به پاڪ چين دوستي جو نعرو هڻي پنڻ جو ارادو آهي.