سياسي پارٽين ۾ ٿيندڙڀڃ ڊاهه هيٺ دٻايل شعور اياز لطيف ڏاهري Aug 2020

سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه پارٽين لاءِ سياسي ڏاج ھوندو آھي، جيڪو اڪثر سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ عام جام ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. اھڙي ڀڃ ڊاهه تڏهن سياسي ڏاج ٿئي ٿو جڏھن اهڙي ڀڃ ڊاهه نظرياتي ۽ شعوري بنيادن تي ھجي، نه ڪي ذاتيات ۽ انائن جي بنياد تي ھجي. اھڙي صورتحال ۾ گھڻو متاثر عام ڪارڪن ٿئي ٿو، جيڪو فقط پارٽي ۽ نظريي جي عشق ۾ ھلي ٿو، جيڪو پارٽي جي مرڪزي يا سينٽرل ڪاميٽي کان ٻاھر ھجي ٿو جنھن کي اندروني چال بازين جي خبر ئي ناھي ھوندي.

ڀڃ ڊاهه فطري ھجي ٿي پوءِ اھا سوچن ۽ خيالن  ۾ به ٿي سگھي ته گروپن ۾ به، مطلب ته زندگي جي ھر ڪار وھنوار ۾ ٿي سگھي ٿي.

جيئن ته ھتي پاڻ سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه تي پيا ڳالھايون ته اھڙي صورتحال ۾ ڪنھن به منظم پارٽي جو بنيادي ۽ آدرشي اصول ھجي ٿو يا ھئڻ گھرجي ته اھڙين حالتن ۾ اھڙي قسم جي ڀڃ ڊاهه جو حقيقي جائزو وٺڻ ۽ ان جا بنيادي ڪارڻ معلوم ڪرڻ لا ھڪ غير جانبدار جاچ ٽيم تشڪيل ڏئي ۽ غير جانبدار تحقيقي رپورٽ منظر عام تي پيش ڪرڻ گھرجي جنھن سان اھا خبر پوندي ته  اصل ماجرا ڇا آھي؟  ان سان نه صرف حقيقتن جو تعين ڪري سگھبو، پر عام سياسي ورڪرن لا ڪنھن  به پارٽي کي منتخب ڪرڻ ۽ پارٽي ۾ آزاد راءِ رکڻ لاءِ راهه ھموار ٿيندي.

بدقسمتي سان اھڙو عمل سنڌ جي ڪنھن به سياسي جماعت وٽان اڃان تائين ڏسڻ ۾ ناھي آيو. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن ڪو اڳواڻ ڪنھن پارٽي کان ڪن سببن جي ڪري پنھنجا رستا الگ ڪري ٿو ته اھو ان جو جمھوري حق آھي، پر پٺيان بغير ڪنھن تحقيق جي ان کي غدار يا غدار جو پٽ ڪوٺڻ جو حق ان اڳواڻ سان سلھاڙيل پارٽي جي قيادت کي ڪنھن به ناهي ڏنو. ان اڳواڻ تي اڻ تصديق ٿيل شخصي الزام  ۽ سندس سماجي ۽ اخلاقي تقدس پامال ڪرڻ جو حق به ڪنھن کي ناهي.

جيڪڏهن ماضي وارو سياسي زور ۽ شور حاصل ڪرڻو آھي ته  سياسي پارٽين کي ان روايت کي ٽوڙي آزاد سياست ۽ آزاد راءِ جي اظهار رکڻ ۾ سياسي ڪارڪنن لاءِ راهه ھموار ڪرڻي پوندي. جيڪڏھن نه ته پوءِ فيض احمد فيض وانگي:

جو ڪوئي چاهني والا طواف ڪو نڪلي،

نظر جهڪا ڪي چلي جسم و جان بچا ڪي چلي.

يون هي هميشه الجهتي رهي هي ظلم سي خلق،

نا ان ڪي رسم نئي هي نا اپني ريت نئي هي.

جيڪڏهن اهي روايتون ختم نه ڪيون ويون جن سياسي پارٽين کي ڪمزور ڪيو آهي ته پوءِ روز ڪا نه ڪا بغاوت ھوندي، روز ڪو نه ڪو ڪارڪن يا عهديدار پيو استعيفيٰ ڏيندو. ڇو جو ھاڻي ھا ۾ ھا ملائڻ،  ھر ڳالھه تي لبيڪ چوڻ ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي ھلڻ جو دور گذري چڪو آهي، ھاڻي دور آھي جدت جو، نئين سوچ ۽ نون لاڙن جو، ان نواڻ ۽ جدت کي کاري ھيٺان لڪائڻ ناممڪن آهي، نه رڳو ايترو پر اھي شيون کاري ھيٺيان لڪڻ  کان وڏيون آھن جيڪي ڪڏھن به لڪي نه سگھنديون.

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سياسي پارٽين ۾ اھڙي ڀڃ ڊاهه ڇو ٿي ٿئي ۽ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟؟

ان جا بنيادي ڪارڻ اھي به ٿي سگھن ٿا، ھڪ ته جڏهن پارٽين ۾ قيادت جو فقدان پيدا ٿئي ٿو ته پارٽي ورڪرن ۾ ۽ خاص ڪري  عام سياسي ڪارڪنن ۾ مايوسي جي لھر ڇانئجي وڃي ٿي جنھن ۾ پارٽيون پنھنجو سياسي ڊسيپلين وڃائي ويھن ٿيون. اھڙي مايوسي ايستائين حل نٿي ٿئي جيستائين ڪا مضبوط متبادل ۽ جٽادار قيادت اڳيان نٿي اچي، اهڙي ڳڻتي جهڙي صورتحال کي هن وقت لڳ ڀڳ هر سياسي پارٽي منهن ڏيئي رهي آهي، جيڪا سندن ناقص طرز سياست جي ڪري ڪافي پارٽين لاءِ مشڪل صورتحال جي طور تي اڀري آئي آهي. 

جڏھن ته ٻيو فيڪٽر ٻاھرين ايجنسين جو آھي جيڪي پنھنجا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ٻولي لڳائينديون آھن ۽ پوءِ ڪيترائي سياسي ڪارڪن ۽ اڀرندڙ اڳواڻ اڌ سفر ۾ ئي وڪامجي وڃن ٿا ۽ عوام اڳيان اھڙو ته فن جو مظاھرو ڪن ٿا جو لڳندو ته کين سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جو تمام گھرو اونو ھجي، پر ان فن ۽ اداڪاري جي پٺيان ڪم ھو پنھنجي آقائن جو پيا ڪندا آھن، جنھن جو مثال توھان کي ماضي قريب ۾ ملندو. اھي ماڻھو جيڪي ڪنھن وقت ۾ ھڪ انقلابي، آدرشي، سائنسي، مارڪسي ۽ جدلياتي سوچ رکندڙ ۽ سياست ڪندڙ پارٽي جو حصو ھئا اھي اڄڪلھه ھشاش بشاش ۽ انتھائي عيش واري زندگي پيا گذارين، پوءِ اھڙن ماڻھن لاءِ اڄ انقلاب، نظريو، آدرش ۽ سياست فقط پئسو ۽ پيٽ ھجي ٿو.

تازو عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر جي. اين کوسي پنھنجي ڪجھه ساٿين سميت پارٽي مان استعيفيٰ ڏني آھي جنھن ۾ جي. اين کوسي پنهنجي استعيفيٰ جو سبب اھو ڄاڻايو آھي ته سندس ڪم ۽ سرگرمين جي ڪري پارٽي جي اڳواڻ  ساٿين کي ڪجهه مسئلا ٿي رهيا هئا. ياد رھي ته سائين رسول بخش پليجي پنھنجي حياتي ۾ جي. اين کوسي کي صدر منتخب ڪيو ھو، يقينن پليجي ڪنهن معمولي قابليت رکڻ واري انسان کي صدر جي عهدي لاءِ ته نه چونڊيو هوندو. ڇاڪاڻ ته پليجو اھو سنگتراش ھو جنھن پنھنجي ڏاھپ، علم،  عقل، فھم، شعور ۽ تجربي جي مھارت سان پنهنجي ڪارڪنن کي تراشي انهن کي غير معمولي سياسي شعور ڏئي سياسي ليڊر بڻايو.

ھتي سوال اهو به اٿي ٿو ته آخر جي. اين کوسي جون اھي ڪھڙيون سرگرميون ھيون جن سان پارٽي ساٿين کي مسئلا ٿي رهيا هئا؟ پارٽي ساٿين کي ڪھڙا ڪھڙا اعتراض ھئا؟ انھن جون وضاحتون اڃان گھربل آھن، پر جي. اين کوسي جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ سندس مٿان غداري ۽ شخصي الزامن جي سوشل ميڊيا تي اصل ڀرمار لڳي پئي آھي. آئون مٿي ذڪر ڪري چڪو آھيان ته بنا ڪنهن تصديق جي بغير ڪنھن ثابتي جي ڪنهن کي به ڪنهن شخص تي الزام ھڻڻ جو ڪو حق حاصل ناھي، پر جي پارٽي جي اڳواڻن، عهديدارن ۽ ورڪرن وچ ۾ ڪي شڪايتون آهن ته انهن کي شانائتي نموني سان نبيرڻ جي ڪوشش ڪجي نه ڪي الزام تراشي جي پاسي وڃجي.

اھڙو مثال صرف جي. اين کوسو ناھي، پر اڄ به کوڙ اھڙا چرندڙ پرندڙ ۽ سياسي سوچ رکندڙ ڪردار آھن جيڪي ان قسم جي الزام تراشي جي گھاڻي ۾ پيسجي چڪا آھن.

گھٽ ۾ گھٽ ھاڻي اهو دقيانوسي روايت جو پتلو سڙڻ گهرجي ته جيستائين ڪو اڳواڻ توهان سان گڏ آھي ته اهو توهان جي دل جي ويجهو آهي، ڏاھو به آھي، نقاد به آھي، چوٽي جو وڪيل به آھي ته چوٽي جو مقرر به آھي، پر اڳتي ھلي جيڪڏھن اھو اڳواڻ توھان سان اختلاف راءِ رکي پاسيرو ٿي وڃي ته پوءِ اھو غدار يا غدار جو پٽ به ٿيو وڃي اھو ايجنٽ به ٿيو وڃي. اسان کي بخاري جون ھي سٽون به نه وسارڻ کپن:

جو ظلم خلاف جاري جنگ رکي،

سو انسان ابن الانسان آ.

جو ظلم سھي ڪجھه ڪين ڪڇي،

سو ڍور آ سو ڍور ڪبو.

پارٽين جي اھڙي طرز سياست سنڌ جي نوجوانن لاءِ شعوري محرومي جو سبب بڻجي ٿي. سنڌ جو نوجوان جيڪو اڳي ئي گھڻين شين کان وانجھيل آھي ان کي جيڪڏهن سياسي تعليم ۽ تربيت کان محروم ڪيو ويو ته ان جون ذميدار اھڙي طرز سياست رکندڙ جماعتون ھونديون.

جي. اين کوسي جي استعيفيٰ کانپوءِ اهڙيون ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اچن پيون ته جي. اين کوسي جي عمر کان وڌيڪ سينيئر اڳواڻ ويٺا آھن ۽ انھن سينيئر اڳواڻن اڳيان جي. اين کوسي جو سياسي قد ڪاٺ بيحد ننڍو آھي. ھلو اھا ڳالھه تسليم ڪريون ٿا، پر سائين پليجي ۽ سينيئر اڳواڻن جي موجودگي ۾ جي. اين کوسي جو عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ٿيڻ به سندس قد ڪاٺ واضح ڪري ٿو. 

ھتي اھا ڳالھه به سمجھڻ کپي ته علم، عقل، شعور ۽ سمجھه ننڍ وڏائي جي محتاج نه آهي. اسان جا معزز  سينيئر رھنما ھڪ مخصوص ننڍڙي تلاءُ ۾ ٻاهرين ڊائريڪشن تي پيا ڏيڏر وانگر ترندا آهن ته پوءِ ٽڪراءُ فطري آھي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ماڻھو ھڪڙي scheduled time scale تي ڪم ڪندو ته انھن ماڻھن مان تخليق بلڪل ختم ٿيو وڃي، پر اھي جيڪي ڪنھنfix dimension جا محتاج ناھن ھوندا تخليقون ۽ نواڻ ھر وقت انھن جي آجيان ڪن ٿيون.

جي. اين کوسي جي علمي وسعت سندس مختلف اخبارن ۾ لکيل مضمونن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ جيئن “واڳون ويرين ھٿن ۾”،  جيڪو ٻن جلدن تي ٻڌل آھي ۽ ٻيو پروفيسر طفيل ڍانا جي لکيل ڪتاب جو ترجمو ”اسان انسان“، مان لڳائي سگھجي ٿو.

جي. اين کوسي مٿان  لڳل غير شعوري الزام به پڙھڻ لاءِ مليا ته سندس صدارتي دور  ڪو خاص متاثر ڪندڙ نه ھو. جڏهن ته سندس صدارتي دور ۾ گوڙاڻي ڊيم خلاف اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ به شامل آھي، جنھن جي رھنمائي پليجي پاڻ به ڪئي ۽ شريڪ به هو.

انتظار رهندو ته سندس جاءِ تي آيل نئين شخصيت ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري ٿي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments