بلاگ

سياسي ۽ معاشي بحران اختر حفيظ  

ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران گڏگڏ هلي رهيا آهن. اقتدار مان تڙجڻ کانپوءِ عمران خان لاڳيتو ادارن تي حملي آور آهي. سندس اڳوڻا وزير مشير به ساڳي ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن. اهي جيڪي ساراهه ڪندي ڪونه ٿڪبا هئا، اڄ اهي ساڳي اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه سياسي ڌريون آهن. اهي ڪڏهن به نيوٽرل نه رهيون آهن. اهي ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ سان گڏ هونديون آهن. اسين رڳو پاڻ کي بچائڻ لاءِ چوندا رهيا آهيون ته اهي نيوٽرل آهن، پر اهي ڪنهن به ريت نيوٽرل نه آهن.

سياست کان وٺي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪو فرد، ڪو ادارو يا ملڪ ڪڏهن به غير جانبدار نه هوندو آهي. هن وقت به ”ڪمپني بهادر“ اهو چئي ٿي ته اها غير سياسي آهي، پر ان ڳالهه کي به سياسي ڳالهه سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ملڪي تاريخ ۾ اسين ڏسندا آيا آهيون ته ڪهڙي ريت ادارا سياسي انجنيئرنگ ڪندي پارٽيون ٺاهيندي ۽ انهن کي اقتدار ۾ آڻيندا رهيا آهن. ڪيئن ان مختلف دورن ۾ سياسي بُت اڏي انهن کي عوام آڏو پيش ڪيو، پر انهن جون ڏوريون اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ هيون. عمران خان اقتدار ته ماڻي ويٺو، پر هن وٽ ڪو به اهڙو سياسي اختيار نه هو، جنهن وسيلي هو آزاديءَ سان فيصلا ڪري سگهندو هجي، جنهن جي نتيجي ۾ هن جي نالي سان رڳو وزيراعظم جو ٽيگ لڳي ويو. هاڻ هو اڳوڻو وزيراعظم چورائيندو.  تازو عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هو نومبر تائين هجي ها ته ميرٽ جي بنياد تي آرمي چيف جي مقرري ڪري ها. هن جنرل فيض حميد جو ذڪر ڪندي چيو ته هنن کي ڊپ هو ته هو جنرل فيض حميد کي نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيندو. ان ڳالهه جا چٽا امڪان هئا ته اهو ائين ئي ڪندو. ڇاڪاڻ ته نومبر جي مهيني ۾ جڏهن نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ٿيڻي هئي ته عمران خان ان معاملي کي تڪراري بڻائي ڇڏيو. جتان کان معاملا خراب ٿيڻ لڳا. عمران خان جي ان فيصلي سندس سڄي سياسي راند کي ڦٽائي ڇڏيو. هن جو پلان اهو هو ته اڃان ڪجهه مهينا جنرل فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ طور رهي ته جيئن هو پنهنجي سياسي مخالفن کي وڌيڪ چٿي سگهي ۽ کيس ايندڙ وقت ۾ نئون آرمي چيف مقرر ڪري پاڻ کي وري وزيراعظم طور چونڊرائي وٺي، پر اهو پلان تحريڪ عدم اعتماد وسيلي ناڪام ڪيو ويو. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ مارشل لا لڳائڻ بدران اقتدار نئين حڪومت کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ملڪي اسٽيبلشمينٽ جهڙي ريت هاڻوڪي حڪومت سان آهي، ان مان لڳي ٿو ته هيءَ معاملو گهٽ ۾ گهٽ نومبر تائين آرام سان هلي ويندو. ڇاڪاڻ ته نومبر ۾ هاڻوڪي آرمي چيف جي رٽائرمينٽ آهي ۽ ان کانپوءِ نئين آرمي چيف جي مقرري به ٿيڻي آهي. ان کانپوءِ عبوري سيٽ اپ آڻي، نيون چونڊون نئين سال جي شروع ۾ ٿي سگهن ٿيون. ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت جنهن پارٽي کي حاصل هوندي، اها چونڊون کٽي نئين حڪومت جي جوڙجڪ ڪندي.

پي ٽي آءِ جي سياسي مستقبل جو فيصلو نه رڳو ايندڙ چونڊن ۾ ٿيندو، پر ان کان اڳ ٿي ويندو. جڏهن ان پارٽيءَ جي اندران ڪجهه ٻيا سياسي اڳواڻ پارٽيءَ کان ڌار ٿي ويندا ۽ اهي سياسي پناهه لاءِ ڪي ٻيون پارٽيون جاچيندا رهندا. تڏهن اهي انهن سياسي اختلافن جو ذڪر ڪندا، جيڪي هيستائين اهي ظاهر ڪونه پيا ڪن. ان کانسواءِ شيخ رشيد جهڙا عمران خان جي ساراهه ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ لڳي ٿو ته هو اڳڪٿيون ڪندي عمران خان لاءِ سياسي اسپيس سوڙهو ڪندو ويندو. اهو به ممڪن آهي ته شيخ رشيد پنهنجي گهر جي سيٽ ئي هارائي وڃي.

هاڻوڪي حڪومت جهڙي ريت بدحال معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، ان ڪري نه رڳو مهانگائي وڌي آهي، پر عام ماڻهو لاءِ معاشي پريشانيون پڻ وڌي ويون آهن، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ڊي ايم جي وجود ۾ آيل حڪومت جو حال به عمران خان جي حڪومت جهڙو آهي، جنهن جو سڄو زور ملڪ ۾ مهانگائي وڌائڻ ۽ عوام تي ٽيڪس مڙهڻ آهي. جڏهن چونڊن جو وقت ايندو ته هاڻوڪي حڪومت کي عوام لاءِ ڪنهن وڏي رليف پئڪيج جو اعلان ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته چونڊون کٽڻ لاءِ عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ پهرين عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه هجڻ گهرجي. اهو معاشي رليف عوام کي تڏهن ملي سگهي ٿو، جڏهن ملڪ کي ڪو معاشي رليف ملندو. ملڪ قرض جي ڌٻڻ مان نڪري سگهندو يا نه اهو هڪ الڳ سوال آهي، پر ان کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڪٿي ملڪ جي هاڻُوڪي صورتحال وڌيڪ جاري رهي ٿي ته ان سان سريلنڪا وارو حال نه ٿي وڃي، سو عوام لاءِ ڪا سٺي خبر نه هوندي. معيشت جي صورتحال کي عوام تي ڳرا ٽيڪس هڻي بهتر نٿو ڪري سگهجي، پر ان لاءِ پيداواري ذريعا وڌائڻا پوندا. جنهن جا امڪان نظر نٿا اچن. ڇاڪاڻ ته اصل حاڪمن جا پنهنجا ارادا آهن ۽ جڏهن رياست کي سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻايو وڃي ته اتي عوام جي خوشحاليءَ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. 

ملڪ کي درپيش چئلينج ٻاهرين بدران گهرو وڌيڪ آهن، ملڪ کي هن صورتحال تائين پهچائڻ جا ذميوار سياستدان نه پر اسٽيبلشمينٽ آهي، جيڪا ملڪ جي سياست ۾ نوان تجربا ڪندي رهندي آهي. عمران خان وارو تجربو ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، پر لڳي ايئن ٿو ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان واري تجربي مان به سکيو ناهي. تنهنڪري سياسي پارٽين کي پنهنجي سياسي آزاديءَ لاءِ ويڙهه ڪرڻي پوندي ته جيئن اهي ملڪ ۾ وري نئين هائبرڊ حڪومت کان بچي سگهن.

***