سيالڪوٽ مان ڀارتي جاسوس گرفتار
سيالڪوٽ مان غير قانوني طور تي سرحد پار ڪندڙ مبينا ڀارتي جاسوس کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس فارن ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس موجب اِها گرفتاري سرحدي ڳوٺ سجيت ڳڙهه مان عمل ۾ آئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪندن پور ڏانهن هڪ شخص پنڌ اچي رهيو هو ته گشت تي موجود پوليس هن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن پنهنجو نالو هريندر سنگهه عرف ايڪم مجيد ۽ تعلق ڀارتي شهر گرداس پور سان ٻڌايو. ان شخص وٽ نه پاسپورٽ هو ۽ نه ئي ٻيا دستاويز موجود هئا. پوليس موجب هريندر سنگهه فارن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

