سيما عباسي آنڊي جي ڪينسر ۾ مبتلا
سنڌ جي معروف شاعره، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالمسٽ سيما عباسي سان ڪالهه ڳالهه ٻولهه دوران هن ڪنفرم ڪيو آهي ته هوءَ هن وقت آنڊي جي ڪينسر ۾ مبتلا آهي. هن وقت هوءَ پنهنجي ذاتي خرچ تي پنهنجو علاج ڪرائي رهي آهي، پاڻ ان ڳالهه کي به ڪنفرم ڪيو اٿس ته سنڌ جي ثقافت کاتي ساڻس رابطو ڪري پوري تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، اميد آهي ته سنڌ جو ثقافت کاتو اسان جي سڀني ليکڪن ۽ فنڪارن کي انهيءَ طريقي سان ڏکئي وقت ۾ سنڀاليندو رهندو. سڄي سنڌ جو عوام اها خبر ٻڌي ساڻس پوري همدردي رکي ٿو ۽ هن جي صحت ۽ تندرستي لاءِ نيڪ تمنائون ارپي ٿو.