سينيٽ چونڊن ۾ پي ڊي ايم جي سوڀ يقيني آهي، هاڻ سڀني جون نظرون ٽي مارچ تي آهن: اپوزيشن

اپوزيشن چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار آهي. پارليامينٽ جا ميمبر ٽيڪنو ڪريٽ کي ووٽ نه ڏيندا. هر جمهوريت پسند تحريڪ انصاف کي ووٽ نه ڏيندو. پي ڊي ايم جي سوڀ يقيني ٿي چڪي آهي. هاڻ سڀني جون نظرون 3 مارچ تي آهن. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته يوسف رضا گيلاني کي جمهوريت پسند ماڻهو چاهين ٿا. حڪومت جي سپورٽ ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي. غير جمهوري طاقتن کي سياست ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي. 3 سالن دوران عوام جي زندگي تنگ ڪئي وئي. عوام تي روز مهانگائي جي صورت ۾ قيامت ٽٽندي رهي. تحريڪ انصاف عوام جي ڏوهاري پارٽي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ڊي ايم پارٽيون ملي اليڪشن لاءِ محنت ڪري رهيون آهن ننڍي چونڊن ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام پي ڊي ايم سان گڏ آهي. يوسف رضا گيلاني جي سوڀ سان ثابت ٿيندو ته پارليامينٽ به پي ڊي ايم سان گڏ آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments