سي ئي سندر آهن قسط-3
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-3
سي ئي سندر آهن
الطاف شيخ
“ابا ڪڏهن پنهنجي به نظر لڳي ويندي آهي. ان ڪري مون هڪدم نٿي ٻڌايو.” امان ڪاٺ جي پيتي ٽانگي تان لاهيندي چيس.
ٻئي ڏينهن جاءِ جي مالڪ سنجيدگي سان بابا کي چيو: “ڳالهه ٻڌ! ٻار تمام گهڻا آهن، آئون ته فقط ٻه رکندس،”
بابا هن جي ڳالهه ابتي سمجهي ۽ وراڻيس: “اسان ته پاڻ خوش ٿينداسين، ڪهڙا ٻه ٻار تون رکڻ ٿو چاهين؟”
اسان غريبن جو پاڙو به عجيب هو. هرهڪ وٽ ڏکن هوندي به خوشي هئي. هڪٻئي سان جهيڙو جهٽو هجڻ جي باوجود هڪٻئي کي اوکي ويل سڏ تي سڏ ڏيندا هئاسين. گهرج تي (جيڪا هر وقت لڳي رهندي هئي)، هڪٻئي کان لوڻ، مرچ ۽ کٽ بسترو ته ٺهيو، پر ذاتي شيون به اڌاريون وٺندا ۽ ڏيندا هئاسين. “ماسي ذرا پٽهين کي ته ٿوري دير منهنجي حوالي ڪجانءِ ته هيءَ هڙ بس اسٽاپ تائين کڻائي هلي.”
“ڀيڻ پنهنجي درين جا پڙدا اڄ رات لاءِ ڏجانءِ، منهنجو ناٺي پيو اچي.”
ڪي پاڙي وارا ته کنڊ جو “ٻڪ” وٺڻ لاءِ پاڻ ايندا هئا ۽ موٽائڻ مهل ڪنهن ننڍي ٻار هٿان موڪليندا هئا، جيئن گهٽ موٽائڻي پوي. پاڙي ۾ هڪ غريب رن زال مسز برنيس رهندي هئي. جڏهن هن جي ڌيءَ جو مڱيندو پهريون دفعو سندس گهر اچي رهيو هو ته امان سان ڳالهه ڪندي چيائين: “ڀيڻ اڄ شام لاءِ پنهنجو مڙس ته اڌارو ڏجانءِ، جيئن اسان جي گهر جو وڏو ٿي ساٺ سنوڻ پورا ڪري.”
واندڪائين ۾ وڏڙن جون رهاڻيون ٿينديون هيون. امان، پاڙي واريءَ کي فقط چئي ايندي هئي: “اڄ ته اسان وٽ گهمڻ اچ.” انهن ڏينهن ۾ نه ٽي وي هئي، نه ڊانسنگ ڪلب، نه شراب ڪواب نه پتي راند. ٺلهو ٻئي جي گهر اچي دل جي وندر ڪچهريءَ سان پوري ڪبي هئي. وڌ ۾ وڌ عياشي ته سياري ۾ چلهه ۾ ڪجهه وڌيڪ ڇوڏا ۽ اڱار وجهي باهه جو ڀنڀٽ کڻي ٻاربو هو. مرد ماڻهو هڪ طرف ڌار ويهي پنهنجين نوڪرين، صاحبن، ڪمدار ڪامورن ۽ ڪارخانن جون ڳالهيون ڪندا هئا ته عورتون ٻي ڪنڊ وٺي ويهنديون هيون. پوءِ ڪي عورتون گهران آندل چونئرا پيون ڇلينديون، ڪي آر به پيون هٿن سان هلائينديون ته ان سان گڏ اوڙي پاڙي جي چشڪا ڏئي گلا به پيون ڪنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن صوف کڻي ويهنديون ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جي کل بنا ڇڄڻ جي نانگڻ وانگر لاهي، پنهنجي باقي بچيل ڏندن سان چٻ چٻ ڪري کائينديون هيون ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي ويم جا سور ۽ مسئلا به کڻي ويهنديون هيون. “پهرين ٻار تي مون کي ٽي ڏينهن سور هليا، ٻئي تي رڳو چار ڪلاڪ.” پنهنجا ڪوڙا سچا ۽ خيالي ويم، ڪُهايون ۽ ٻار ڪيرائڻ جون تڪليفون به هڪٻئي کي ٻڌائينديون ته رکي رکي نڪ کي موڙا ڏيئي “هنن” يعني مردن ڏي به آڱرين سان اشارا ڪنديون، جيڪي سندن خيال مطابق سندن تڪليفن جا ذميوار هئا.
پاڙي جو هر ڪردار مختلف ڳالهين ۽ ڪمن کان سڃاتو ويو ٿي. ڪي ڪي ماڻهو رڌ پچاءُ کان سڃاڻبا هئا، جنهن جي خوشبوءِ سڄي پاڙي ۾ ڇانئجي ويندي هئي. بصر سڙڻ جي ڌپ تي هڪدم امان چوندي: ماسي “ب” اڄ وري بصر پئي تري ۽ سندس نالو ئي مائي بصران پئجي ويو. کومي جي ڌپ تي سمجهي وينداسين ته ماسي استري آهي، ڪپڙا پئي استري ڪري. اهڙيءَ طرح در تي ڪڙو لڳڻ جي انداز مان ماڻهو سڃاڻي سگهبو هو ته ڪهڙي پاڙي وارو آهي. ڪنهن جو ڪڙو زور سان وڄندو هو ڪو ڄڻ چونئريءَ تي چمچو پيو هڻي. ڪو ڪڙي بدران آڱرين جي ڏوڏن سان در کڙڪائيندو هو، ڪو نهن سان ٽپ ٽپ ڪندو هو ۽ جڏهن در تي ڪنهن به قسم جو ڪڙو نه لڳندو هو ته سمجهي ويندا هئاسين ته جاءِ جو مالڪ پيو اچي. ڪي پاڙي وارا سندن هلڻ جي آواز مان سڃاڻبا هئا ۽ سندن نالا به ان مطابق رکيل هئا.
هر قسم جي رسم رواج، ساٺ سنوڻ ۽ ڦڪيءَ ڦيڻي لاءِ ڪا نه ڪا وڏي، پاڙي ۾ ضرور هئي. خاص ڪم جيڪو خير خوبيءَ سان سرانجام ڏنو ويندو هو، سو هو هڪ ٻئي جي ڌيئرن جي شادي ڪرائڻ، فقط اهي شادي کان ڀاڄوڪڙ ڪنوارا بچي سگهندا هئا، جن جون ڪئين سالن جو تجربو هوندو هو. پوليس به ايترا ماڻهو نه جهليا هوندا، جيترا هنن پوڙهين پاڙي جي ڇوڪرين کي اگهائڻ لاءِ ڪنوارا ڦاسايا هوندا.
جيڪڏهن اتفاق سان ڇوڪرو پنهنجي پاڙي ۾ نه هوندو هو ته پوءِ ٻئي محلي يا شهر جا به ساڳي سٽاءُ ۽ ائڪٽنگ سان جهليا ويندا هئا. جنهن جي ريهرسل اڳواٽ ٿيندي هئي، جا هن ريت هئي: “آئون پنهنجي ڀاڻيجي کي فلڊلفيا مان مانيءَ تي گهرايان ٿي. پوءِ مانيءَ بعد اٽڪل نائين وڳي ڌاري تون ڌيڻين هٿان ٻه ڊالر مون ڏي موڪلجانءِ، جيڪي آئون توکي لهڻان. آئون پوءِ بهاني سان ڌيڻين جي ڄاڻ سڃاڻ ڀاڻيجي سان ڪرائينديس ۽ هن کي چانهه لاءِ چونديس. بس هڪ دفعو هن ڏٺو ته سمجهه ته اڌ قصو پورو ٿيو.”
سو ائين مڱڻا ۽ شاديون ٿينديون هيون: پوءِ کڻي ڇوڪريءَ ۾ ڪا خاص سونهن يا قابليت نه هجي. ڪا ٿلهي ۽ بندري هوندي ته اٽڪلي پوڙهي چوندي: “قد جي سا ٿوري ننڍي آهي، پر عقل ۾ ڪير نه پڄيس.” ۽ ڪا چست چالاڪ نه هوندي ته چونديون: “ٻيون ڳالهيون کڻي ڇڏ اهي ته پيون اينديون، پر سبڻ، ڀرڻ ۽ رڌ پچاءُ ۾ هن سان ڪير پڄي؟” وغيره وغيره. …(هلندڙ)…