خاص

سپريم ڪورٽ جو نالي متاثرين جي حق ۾ فيصلو، سنڌ حڪومت لاءِ چئلينج

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪراچي رجسٽري ڪراچي جي نالي متاثرن جي بحالي بابت سنڌ جي وڏي وزير جو جواب غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت سنڌ حڪومت کي پنهنجي وسيلن مان رقم فراهم ڪرڻ ۽ متاثرن جي بحالي جي تحريري رپورٽ هر مهيني ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مراد علي شاهه رپورٽ جي نقطن تي عدالت کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس موقف غير تسلي بخش هو. سپريم ڪورٽ موجب وڏي وزير متاثرن جي بحالي لاءِ 10 بلين رپين جي بندوبست جي خاطري ڪرائي آهي. وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ڪابينا هلندڙ سال جي بجيٽ مان هڪ ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته باقي 9 ارب رپين جو ٻن سالن ۾ انتظام ڪنداسين. انهن ٻن سالن ۾ متاثرن کي گهر، پاڻي، بجلي، روڊ رستا ۽ سيوريج جو انتظام سنڌ حڪومت کي ڪرڻو آهي، سنڌ حڪومت هر مهيني رپورٽ پيش ڪري.