خاص

سپريم ڪورٽ ويندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مشڪوڪ ڪارن شيشن واري گاڏي جي نشاندهي

اسلام آباد جي ريڊ زون جي شاهراهه دستور تي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪارن شيشن واري شڪي گاڏي جي نشاندهي ڪئي ته گاڏي ان جو رستو روڪيو ۽ گاڏي ۾ ويٺل شخص جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي گهٽ وڌ ڳالهايو. پوليس ذريعن موجب جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي رهائشگاهه کان پنڌ سپريم ڪورٽ وڃي رهيو هو. هن ڪارن شيشن ۽ غير قانوني نمبر پليٽ جي نشاندهي ڪئي. ان گاڏيءَ ۾ تحريڪ انصاف جو ايم اين اي اڪرم چيما ويٺل هو. پوليس کيس حراست ۾ ورتو. هوڏانهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته مان روز پنڌ سپريم ڪورٽ ايندو آهيان. مون ڪنهن جي گرفتاري جو حڪم ناهي ڏنو، مان رستي تي هلندي نه پر عدالت ۾ حڪم ڏيندو آهيان. هوڏانهن سيڪريٽريٽ ٿاڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر جي مداخلت تي ايم اين اي اڪرم چيما کي آزاد ڪري ڇڏيو، پر سندس گاڏي اڃان پوليس جي تحويل ۾ آهي.