خاص

سڄي ملڪ ۾ ڪنٽونمنٽ بورڊن جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

سڄي ملڪ ۾ ڪنٽونمنٽ بورڊن جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ 63 سيٽون کٽي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب نواز ليگ 59 سيٽن سان ٻئي نمبر تي اچي وئي، آزاد اميدوار 52 سيٽون کٽي ويا، پيپلز پارٽي 17، ايم ڪيو ايم پاڪستان 10 سيٽون کٽيون، جماعت اسلامي 7، بي اين پي ۽ اي اين پي جا 2-2 اميدوار ڪامياب رھيا. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف 14-14 سيٽون حاصل ڪري ورتيون، تحريڪ انصاف جا سڀ اميدوار ڪراچي مان ڪامياب ٿيا. پنجاب ۾ نواز ليگ 51 سيٽون کٽي پهرين پوزيشن ۾ اچي وئي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف کي شڪست، گوجرانوالا ۾ تحريڪ انصاف 10 مان 6 سيٽون حاصل ڪيون، بهاولپور ۾ پي ٽي آءِ ڪامياب، خيبر پختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جون سڀ کان وڌيڪ 18 سيٽون، بلوچستان جي 9 مان ٽن سيٽن تي پي ٽي آءِ، چار آزاد اميدوار ۽ 2 بلوچستان عوامي پارٽي کٽي ورتيون. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جو ڪوبه اميدوار ڪامياب ناهي ٿيو.