سکر جا ڪجهه اسڪول ۽ ڪاليج

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

سکر جا ڪجهه اسڪول ۽ ڪاليج

الطاف شيخ

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ تعليم جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي، پر سکر ۽ ان جي اوسي پاسي جا رهاڪو وري به ٿورا گهڻا خوش نصيب آهن جو سکر ۾ چڱا خاصا تعليمي ادارا آهن. هونئن ته انڊيا جي ڀر وارن شهرن انوپ ڳڙهه، بيڪانير، جيسلمير جي مقابلي ۾ سکر ۾ نه ايترا تعليمي ادارا آهن ۽ نه وري ڪو تعليمي معيار. نه ايتريون هاسٽلون آهن ۽ نه امن امان جي صورت بهتر آهي جنهن جي گهڻي تعريف ڪري سگهجي ۽ اسان جا ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني، خاص ڪري سنڌي، پڙهائي جي خيال کان پنهنجا ٻارَ سکر ۾ موڪلي ڏين. جيئن ولايت ۾ رهندڙ انڊين پنهنجي ٻارن کي انڊيا جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائين ٿا جو اتي هر ڳالهه جو سٺو بندوبست آهي. بهرحال فقط سنڌ جو جائزو ٿو وٺجي ته پوءِ سکر وري به نوشهري فيروز، بدين، جيڪب آباد يا ٺٽي جهڙن ضلعي شهرن کان وڌيڪ بهتر آهي.

سنڌ تي انگريزن جي حڪومت بعد سکر ريلوي سسٽم، گرجا گهرن، بئراج ٺهڻ ۽ اعليٰ عملدارن جي آفيسن ڪري انگريز، عيسائي ۽ هندستان جي ٻين شهرن کان پڙهندڙ ڳڙهندڙ ماڻهن ۽ واپارين جي اچ وڃ جو مرڪز ٿي پيو.

مڪاني سنڌي مسلمانن تعليم تي نه برابر ڌيان ڏنو، پر هندو تعليم کي چهٽي ويا ۽ انگريزن جي ڇڏڻ تائين هنن جي ٻي ۽ ٽي جنريشن تائين ڊاڪٽر، انجينئر ۽ سرڪاري ڪامورا ٿي ويا، پر سنڌي مسلمانن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ان رتبي تي پهچي سگهيو هو سکر ۾ به گهڻا تڻا محل ماڙيون انگريز حاڪمن بعد هندن جون هيون. ڪجهه ڪجهه سنڌي وڏيرن جون به ملڪيتون هيون، پر هنن جو گهڻو ڌيان عياشيءَ ڏي هوندو هو جيئن اڄ به اسان جي ڪيترن ڀوتارن، وڏيرن ۽ واسطيدار حاڪمن عورت ۽ شراب جي چڪر ۾ سنڌ جي تعليم، صحت ۽ ٻيون سهولتون به تباهه ڪري ڇڏيون آهن. لوڪ رام ڏوڏيجا جو ناز سنائي (سنڌي ساهت گهر) طرفان ڇپايل ڪِتاب ”منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ جي صفحي 105 تي ڏسان پيو ته آڳاٽي سکر لاءِ هن لکيو آهي ته: ”ڪئين وڏيرا ۽ جاگيردار به سکر ۾ بنگلا رکندا هئا جو هر هڪ جا اڪثر ڪامورن ۽ ڪورٽن ۾ ڪم ڦاٿل هوندا هئا. انهن مان ڪئين اهڙا هئا جن جي بدولت سکر جو چڪلو به رونق افروز هو. ٻهراڙيءَ جا ڄٽ ڄاموٽ به ان حاجت لاءِ گهڻا ايندا هئا. خاص خاص وڏيرن جون خاص خاص رنڊيون رکيل هونديون هيون جيڪي شامَ ويلي، نمائش، هوا خوري ۽ گراهڪي وڌائڻ لاءِ بگين تي چڙهي نڪرنديون هيون ته يار لوڪ سندن سماچار هڪ ٻئي ۾ ونڊيندا هئا…

”اڙي اها فلاڻي وڏيري واري اٿئي.“

”ابا اهو رڳو مسواڙ ٿو ڏئي پر هلي ٻي جي ٿي .“

”پر ان جو رستو ته شمشاد سان آهي!“

”شمشاد ته هفت رنگي آهي. ڦري کائي ان کي ٿي پر دلي رستو گورڌن غنڊي سان اٿس…“ وغيره وغيره.

سکر اچڻ کان اڳ مون سکر جا جيڪي تعليمي ادارا ڏسڻ جو سوچيو هو انهن مان گورنمينٽ اسلاميا آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج هڪ هو. هن ڪاليج جي هڪ ليڪچرار عبداللطيف انصاريءَ سان منهنجي گذريل ڇهن ستن سالن کان ڄاڻَ سُڃاڻَ آهي. هو ويب سائيٽ ٺاهڻ ۽ ڪمپيوٽر جي ڪم ۾ ماهر هجڻ ڪري ان سلسلي ۾ درپيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ آئون هميشه هن کي فون ڪندو آهيان. هن منهنجا ڪيترائي ڪِتابَ ڪمپوز ڪري پنهنجي سنڌي ادبي سنگت جي سکر واري ويب سائيٽ تي رکيا آهن.

عبداللطيف جي والد عبدالرحيم انصاري صاحب جو واسطو به درس تدريس سان رهيو. عبداللطيف 20 سيپٽمبر 1978ع تي سکر ۾ ڄائو. مئٽرڪ سکر جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ڪيائين جِتي سندس والد صاحب وڏو عرصو ٽيچر ٿي رهيو. انٽر ۽ B.Sc گورنمينٽ ڊگري ڪاليج فار بوائز مان ڪرڻ بعد خيرپور جي شاهه لطيف يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين.

عبداللطيف انصاري جي ڪاليج ”گورنمينٽ اسلاميا آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج“ جي سالياني ڪاليج جي مخزن ڏسڻ تي به متاثر ٿيس ۽ مونکي هن ڪاليج جي قابل استادن ۽ پرنسپال پروفيسر مشتاق احمد انصاري جي خدمتن جي خبر پئي. هو صاحب 1979ع کان هن ڪاليج سان واسطي ۾ هو. آخري سالن ۾ پرنسپال ٿي 2012ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. هن وقت ڪاليج جو پرنسپال هڪ ٻيو قابل پروفيسر ۽ ايڪانامڪس جو ڊاڪٽر سائين قاسم ٻگھيو صاحب آهي. شام واري شفٽ ۾ هن ڪاليج ۾ سائنس جا ڪورس ٿين ٿا جنهن جو پرنسپال پروفيسر بشير احمد ٽالپر آهي. هي ڪاليج مينارا روڊ وٽ، شاليمار سئنيما جي ويجھو آهي. اٽڪل اڍائي هزار کن شاگرد هن ۾ تعليم وٺن ٿا.

هن ڪاليج کان علاوه شڪارپور روڊ تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج فار بوائز ۽ ڊگري ڪاليج فار گرلز پڻ آهي. ان کان علاوه گورنمينٽ آغا نظام ڪاليج فار گرلز به سکر جي ناميارن ڪاليجن مان هڪ آهي. سرڪاري اسڪولن مان گورنمينٽ هاءِ اسڪول تمام آڳاٽو آهي جنهن لاءِ ان جا استاد صاحبان ٻڌائي رهيا هئا ته سئو سال پُراڻو ٿيندو.

اڄ ڪلهه ڪراچي، لاهور ۽ پاڪستان جي ٻين وڏن شهرن ۾ ڪيترائي ناميارا اسڪول ۽ ڪاليج کلي پيا آهن جيڪي انگلش ميڊيم، سخت ڊسپلين، بهتر عمارتن ۽ سٺن استادن جي ڪري شاگردن جي ڪاميابيءَ جو سبب بڻيا آهن. انهن مان ڪيترن جون برانچون سکر ۾ نظر اچن ٿيون جهڙوڪ: بيڪن هائوس، سِٽي اسڪول، The Educators، آرمي پبلڪ اسڪول ائنڊ ڪاليج وغيره. ان کان علاوه اپوا اسڪول، اسلاميه هاءِ اسڪول، ماڊرن هاءِ اسڪول، پبلڪ اسڪول، ريلوي هاءِ اسڪول، سينٽ سيويئر هاءِ اسڪول، تعمير نو هاءِ اسڪول، دي ريڊينٽ وي اسڪول ۽ ٻيا ڪيترا خانگي ننڍا ننڍا اسڪول هر ٻي گهٽيءَ ۾ نظر اچن ٿا جن جي پڙهائي جي معيار جي ته ڪا خبر نٿي پوي، پر مائٽ خوش آهن ته سندن ٻار سکر جهڙي گرم شهر ۾ نوڙيءَ جهڙي ٽاءِ ٻڌي اسڪول وڃن ٿا. هنن غريبن جو به ڏوهه ناهي. سالن کان ڏسن پيا ته اردو ۽ سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهائڻ سان نه ٻارن کي نوڪري ملي ٿي ۽ نه يونيورسٽين ۾ داخلائون ملن ٿيون جو جِتي ڪٿي انٽرويو توڙي انٽري ٽيسٽ انگريزيءَ ۾ ٿين ٿا. وڏا وڏا مولوي، سرڪاري ڪامورا ۽ سياستدان عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ سنڌي سنڌي يا اردو اردو جا پُرڪشش نعرا هڻن ٿا ۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا سلوگن هڻن ٿا، پر پاڻ سنڌي ڳالهائڻ، سنڌي پڙهڻ يا سنڌ ۾ رهڻ بدران انگريزي پڙهن ٿا ۽ ولايتن ۾ رهن ٿا. هنن کي پنهنجي ڳوٺن ۾ اچي پنهنجي ماڻهن جا ڏک درد ٻڌڻ ۾ به بڇان اچي ٿي. سو هاڻ ڏسندي ئي ڏسندي ٽنڊو قصير، باڊهه، جھرڪ، جھڏو ۽ جھمپير جهڙن ڳوٺن ۾ به ٽاين وارا اسڪول کلي ويا آهن. سکر ته وري به وڏو شهر آهي. ڪيترا ته اهڙا به اسڪول آهن جن کي رڳو پنهنجي پيٽ جو سور آهي ته ڪهڙي ريت اسڪول هلائڻ واري بزنس مان پئسو ڪمائجي. هنن کي اسڪول ۾ پڙهائڻ وارن ماسترن ۽ ماسترياڻين لاءِ بهتر پگهار ڪرڻ جو فڪر ناهي. گهٽ پگهار ۾ ڪهڙا به ٽيچر ملي وڃن باقي زور سڄو اسڪول جي يونيفارم تي… يعني ٽاءِ ۽ پتلون تي… پوءِ ڀلي سخت اونهاري ۾ لائيٽ به نه هجي، ڇت ۾ هڪ پنکو به نه هجي.

رحيم داد خان مولائي شيدائيءَ پنهنجي ڪِتاب ”تاريخ سکر“ ۾ سکر جي اسڪولن جو پڻ احوال لکيو آهي. ”پرائمري اسڪولن بابت پڙهي رهيو هئس ته سکر جو ٽيئون مل اسڪول 1916ع ۾ اسان جي شاعر دوست ادل سومري جي پاڙي ”واري تڙ“ ۾ کليو هو. 1904ع ۾ خان بهادر پير بخش اسڪول نئين ڳوٺ ۾ کوليو ويو. 1928ع ۾ بئراج ڪالوني ۾ ڀوڄ سنگهه پهلجاڻي اسڪول کوليو ويو. اهي اسڪول ميونسپالٽي جي نگراني هيٺ هئا.“

1937ع ۾ سيٺ جيوڻ داس اسڪول هندو نوجوان برادري منڊل جي ڪوششن سان کوليو ويو. 1913ع ۾ بندر روڊ تي ڀاڀڙڪي بازار ۾ متر منڊلي امدادي اسڪول کوليو ويو. ساڳي سال تلڪ هاءِ اسڪول جي ديو سماج ماستر خان چند پراڻي سکر ۾ ديو سماج اسڪول کوليو هو. هندو نوجوان سڀا باغ ڪوارٽر ۾ اسڪول کوليو. اردو گرلز اسڪول نئون پنڊ 1903ع ۾ ريلوي کاتي ڇوڪرين لاءِ کوليو جِتي هنن کي ڪپڙن سبڻ جي سکيا به ملندي هئي. ساڳي سال نئين پنڊ ۾ ڇوڪرن لاءِ پرائمري اسڪول، ريلوي اسڪول، هريجن اسڪول لوڻ گدام جي الهندي ۾ هندن لاءِ ۽ ڀنگين جي ٻارن لاءِ ڀنگين جي ڪالوني ۾ اسڪول کوليو هو. راشٽريا ڪنيا پاٺ شالا 1920ع ۾ سيٺ گيانچند باغ ڪوارٽر ۾ ڇوڪرين لاءِ کولي جنهن جي عمارت جي 1928ع ۾ وڌيڪَ تعمير ڪرائي ويئي. تيرٿ ٻائي گرلز اسڪول 1903ع ۾ کوليو ويو. اسڪول کي پنهنجي عمارت هئي. ميران مڊل اسڪول 1940ع ۾ ليوڪس پارڪ ويجھو کوليو ويو. 1930ع ۾ سکر اڪيڊمي کولي ويئي.  

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments