سکر واري پل تي

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

سکر واري پل تي

الطاف شيخ

هونئن هڪ ٽوئرسٽ لاءِ سکر شهر توڙي ان جي پسگردائيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ ڪيتريون تاريخي، مذهبي ۽ عمارتي شيون آهن جيئن ته معصوم شاهه جي مناري ۽ گهنٽا گهر (سندر داس ڏيئو مل ٽاور) کان بندر روڊ واري جامع مسجد، مسجد منزل گاهه، لئنسڊائون پل، سکر بئراج وغيره وغيره. اهڙي طرح درياهه جي ٻي پار روهڙي به اهڙين تاريخي ۽ ڌرمي شين سان ڀريو پيو آهي. ڏٺو وڃي ته روهڙي ۽ سکر هڪ ئي شهر آهي جيئن استنبول آهي جنهن کي سامونڊي ندي باسفورس ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي… جيئن لنڊن شهر کي ٿيمس ندي ۽ ملاڪا شهر کي ملاڪا ندي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. هنن شهرن ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ گهمڻ خاطر فقط هڪ حصو نٿو گهمي. جيئن ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ ايندڙ سياح سامونڊي درياهه ٽپي ٻئي پاسي سوئيڊن جو شهر مالمو به گهمي ٿو جن جي وچ ۾ اڌ ڪلاڪ فيري جو سفر آهي ۽ هوور ڪرافٽ ذريعي ته 20 منٽ مس ٿا لڳن. آئون جڏهن سوئيڊن جي شهر مالمو جي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هئس ته انهن ڏينهن ۾ مالمو ۽ ڪوپن هيگن فقط سمنڊ رستي وڃي سگهبو هو، پر هاڻ پل ٺهڻ ڪري مالمو ۽ ڪوپن هيگن ائين ڳنڍجي ويا آهن جيئن سکر ۽ روهڙي پلين ذريعي ڳنڍيل آهي. سکر ۽ روهڙي وانگر هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون شهر آهن، سنگاپور ٻيٽ ۽ ملائيشيا جو شهر ”جوهربارو“ آهي يا پينانگ ٻيٽ ۽ بٽرورٿ شهر آهن. انهن سڀني جي وچ مان کاري يا مٺي پاڻي جو درياهه وهي ٿو ۽ اهي سڀ هاڻ پلين ذريعي ڳنڍيل آهن جن ۾ اسان جي لئنسڊائون پل يا سکر بئراج بيحد تاريخي ۽ انسان جي ڪارنامي جو ثبوت آهي.

روهڙي ۽ سکر کي ڳنڍڻ واري هيءَ بنا ٿنڀن واري پُل لئنسڊائون جڏهن 1889 ۾ ٺهي راس ٿي ته هيءَ دنيا جو اٺون عجوبو سڏي وئي ٿي. هن پل کي هاڻ هڪ صديءَ کان مٿي ٿي چڪو آهي جيڪا درياهه مٿان ريل گاڏي هلائڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي جڏهن ”انڊس اسٽيٽ ويلي“ ريلوي ۽ ”سنڌ پشين“ ريلوي لائينون ٺهڻ بعد ڪوئيٽا کي ڪراچي ۽ لاهور سان ملايو ويو هو.

لئنسڊائون پل ٺاهڻ جو منصوبو 1872ع کان حڪومت هند جي زير غور هو جنهن جي انگلينڊ طرفان 1883ع ۾ منظوري ڏني وئي، پر 1885ع ۾ انگلينڊ کان هن پل لاءِ تعميراتي سامان جي اچڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري پل جي ڪم کي روڪيو ويو ۽ پوءِ 1887ع کان وري ڪم شروع ٿيو ۽ 1889ع ۾ ٺهي راس ٿي. هن پل ٺهڻ بعد سکر هڪ وڏو تجارتي مرڪز ٿي پيو. هن پل جو سنگ بنياد ممبئي جي گورنر مسٽر لارڊيءَ رکيو جنهن موقعي تي سنڌُ جو ڪمشنر چارلس رچرڊ ۽ خيرپور جو والي مير علي مراد خان به موجود هئا. ان زماني ۾هن پل تي چاليهه لک رپيا خرچ ٿيو هو. پل ٺاهڻ جو ڪم انگلينڊ جي هڪ ڪمپني ”ويسٽ وڊ بيلي“ جي سپرد ڪيو ويو هو. انجنيئر مسٽر رابرٽن جي نگراني ۾ تعمير ٿيل هن پل کي وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي منسوب ڪيو ويو. هڪ صدي کان مٿي استعمال ۾ ايندڙ هن پل جي حالت ڪافي ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ هن تان هاڻ ريل نٿي هلي، پر ڀرسان ٻي پل جيڪا ايوب خان جي ڏينهن ۾ 1961ع ۾  ٺهي، اها هاڻ ان ڪم لاءِ استعمال ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ پنهنجي ڪِتاب ”تاريخ و تمدن سکر“ ۾ ٻُڌائي ٿو ته هن پل مٿان جڏهن ريل گاڏي هلائڻ جي شروعات ٿي ته روهڙي پاسي هيءَ پل بنا ٿنڀن جي ڏسي انجڻ ڊرائيور انجڻ گذارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آخر هڪ شيدي ڊرائيور جيڪو سکر جيل ۾ قيد هو تنهن بنا خوف جي بئلسٽ ٽرين هلائي ڏيکاري جنهن کي انعامن سان نوازيو ويو ۽ هن جي باقي سزا معاف ڪري آزادي ڏني وئي. ان کانپوءِ عام ماڻهوءَ جو خوف ختم ٿيو.

مولائي شيدائي ‘تاريخ سکر’ ۾ لکي ٿو ته: ”1878ع ۾ ٻي افغان ويڙهه وقت ريلوي لائين ڪوٽڙي کان براهه راست دادو، لاڙڪاڻو، سکر پهتي ۽ مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي روهڙي کان خانپور تائين ريلوي لائين چالو ٿي: روهڙي جي ريلوي اسٽيشن قاسم خواني جي اولهندي ساڌ ٻيلي جي سامهون هئي. سکر بندر مال گدام واري آفيس سکر  جي ريلوي اسٽيشن هئي. روهڙيءَ ۾ به کجين جي جھڳٽن ۾ انجڻ شيڊ هئي. مٿين ريلوي لائين کلڻ جي ڪري ”انڊس فلوٽيلا ڪمپني“ جي اهميت گهٽجي وئي، پر روهڙي ۽ سکر ۾ لوهي پلين نه هئڻ سبب ٻنهي بندرگاهن کي آگبوٽن ۽ فلاٽن جي اڃان ضرورت هئي. مثلاً ريل گاڏيءَ ذريعي جيڪي مال سان ڀريل گاڏا پنجاب لاءِ سکر پهچندا هئا، تن کي مزدور ڌڪي فلاٽن  (Barges) تي چاڙهيندا هئا. فلاٽن تي گاڏا آڻڻ ۽ نيڻ ڪري مزدورن لاءِ روزگار کلي ويو هو، پر ڪم ۾ وڏي اينگهه ٿيندي هئي. 1882ع ۾ آدم شاهه ٽڪريءَ جي هيٺان ڏاکڻي طرف انجڻين جي مرمت لاءِ ريلوي ورڪ شاپ کوليو  ويو جنهن ۾ چار هزار مزدور روزانو ڪم ڪندا هئا. انهن ڪارخانن ۽ ريلوائن جي کلڻ ڪري نئين سکر جي آدمشماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ۽ نئين ڳوٺ ۽ غريب آباد جو بنياد پيو، تنهن کانپوءِ ورڪشاپ جي مزدورن لاءِ نئين پنڊ ۾ ريلوي ڪوارٽر ٺهرايا ويا. ڇپري جي جھوپڙين ۾ روز مره اضافو ٿيڻ لڳو. جِتي هينئر ڪپڙي بازار آهي. اتي مارواڙي موچين جتين جا دڪان کوليا. فلاٽن جو ڪم 1889ع تائين چالو رهيو. پوءِ لينسڊائون لوهي پل جڙڻ ڪري فلوٽيلا ڪمپني ختم ٿي ويئي. فقط ڪمشنر سنڌ جي دوري لاءِ ۽ پاڻيءَ جي ماپ وٺڻ لاءِ ٻه ٽي جهاز ڪوٽڙيءَ ۾ ۽ هڪڙو ماپ وٺڻ جو جهاز سکر ۾ رکيو ويو. فريڪ هل واريون فوجي بيرڪون ريلوي کاتي جي حوالي ڪيون ويون، جيڪي اڄ سوڌو آهن…“

هِتي ٻه ٽي سِٽون سنڌُ جي نامياري مورخ، محقق، اديب ۽ شاعر رحيمداد خان ”مولائي شيدائي“ ولد شير محمد خان بروهي لاءِ لکندو هلان ته هن جا وڏا بلوچستان کان سنڌ ۾ آيا ۽ پاڻ 1894ع ۾ سکر ۾ ڄائو ۽ ابتدائي تعليم سکر جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ورتي. انگريزي پڙهڻ لاءِ سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. پاڻ مئٽرڪ ۾ پهتو ته سندس والد جيڪو ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو، رٽائرڊ ٿيو. هن ”مولائي شيدائي“ جي تعليم ڇڏرائي ريلوي کاتي ۾ نوڪري وٺرائي ڏني. سال 1913ع ۾ ڀرتي ٿيل رحيمداد ترقي ڪري گارڊ جي عهدي تي پهتو، جِتان 1939ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

مولائي شيدائيءَ کي تعليم واري زماني کان مطالعي جو شوق هو جيڪو شغل هن ملازمت دوران به قائم رکيو. هن باقاعدي لکڻ جي شروعات 1934ع ۾ ڪئي ۽ لڳ ڀڳ اڌ صدي سنڌ جي تاريخ لاءِ ڪَمُ ڪيو. سندس ڪيترائي ڪِتابَ آهن جهڙوڪ: جنت السنڌ (1958ع)، تاريخ بلوچستان (1941ع)، تاريخ تمدن سنڌُ (1959ع)، تاريخ  خاصخيلي (1961ع)، موسوين جي تاريخ، تاريخ سکر، تاريخ بکر، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ… وغيره. رحيمداد خان مولائي شيدائي 84 ورهين جي ڄمارَ ۾ 12 فيبروري 1978ع تي وفات ڪئي.

لئنسڊائون پل ۽ سکر بابت سنڌ جي هڪ ٻئي جھوني اديب، سيلاني، ناول نويس، مورخ، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ به ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي جنهن جو پهريون ڇاپو 1919ع ۾ شايع ٿيو. پاڻ 1876ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ ڪيترائي ڪِتاب لکيا اٿس. ڪاڪو ڀيرو مل آڏواڻي ورهاڱي کانپوءِ 1949ع ۾ ڪراچي کان ممبئي لڏي ويو. 3 جولاءِ 1950 تي پوني ۾ واٽ تي ڌڪ لڳڻ ڪري پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڄي پيس جنهن سبب 7 جولاءِ 1950ع تي پوني جي اسپتال ساسون ۾ وفات ڪيائين. هن اسپتال ۽ ڪاڪي جو احوال آئون پنهنجي پوني واري سفر نامي ”هلي ڏسجي هندستان“ ۾ به ڪري چڪو آهيان. ڪاڪو ڀيرو مل سکر لاءِ لکي ٿو ته: ”اڳي بلوچستان، افغانستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن کان قافلا شڪارپور ۾ ايندا هئا. 1888ع ڌاري جڏهن رڪ اسٽيشن کان سبيءَ تائين ريل جو رستو ٺهي تيار ٿيو ته انهيءَ پاسي جو ڪيترو واپار سکر ڏي ڇڪجي آيو. تازي توڙي سڪل ميوي جو واپار ان وقت کان وٺي سکر ۾ زور ٿيو.

”1878ع کان وٺي آگ گاڏيون (انهن ڏينهن ۾ steam engines کي آگ گاڏي يا ٻاڦ گاڏي سڏبو هو. ملائيشيا ۾ ته ٽرين کي اڄ به ”ڪيريٽا آپي“ يعني باهه واري گاڏي سڏجي ٿو ۽ پاڻ وٽ انوقت جي steam ships کي پڻ آگبوٽ سڏبو هو) يعني ريل گاڏيون روهڙي کان ملتان ۽ اڳيان دهليءَ تائين وينديون اينديون هيون. باقي سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ 1888ع تائين هڪ آگبوٽ (جهاز) هلندو هو، جو مُسافرن کي پتڻ اڪاري پار ڪندو هو. پوءِ لئنسڊائون پل ٺهي جا سڄيءَ دنيا ۾ ٻيو نمبر پل ليکجي ٿي. اها پل جڙي ته روهڙي ۽ سکر هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي اچي گڏيا ۽ سکر جو شهر به ملتان ۽ دهليءَ سان ڳنڍجي ويو. ائين سکر جو واپار هيڪاري وڌي ويو.“

ڪاڪو ڀيرو مل سکر جي پل بابت وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”سکر واري هن پُل ٺهڻ کان ڪجهه وقت پوءِ 1890ع ۾ مان سکر ويس، ته ڏٺم، ته ڪيترن ماڻهن هن سهڻيءَ  پل ڏي عجب وچان وات ڦاڙي پئي نهاريو! انهيءَ عجب وچان ڪن راڳ ٺاهيا هئا. هڪ راڳ جو ٿلهه اڄ تائين ياد اٿم:

سکر  واري  پلڙي   ٻڌائون،  خواجه  مٿان پل،

وڃي ڏسو اسرار صاحب جو، سکر واري پل!

سکر لاءِ جيڪي ڪليڪٽر وقت بوقت مقرر پئي ٿيا، تن مان به ڪن سکر سان پنهنجا ڀال ڀلايا. منجھائن هڪ ڪرنل ميئو هو، جنهن هاڻوڪو عمدو پڪو بندر ٻڌايو ۽ اتي وڻ پوکيائين، جنهن ڪري اهو ”ميئو بندر“ سڏجڻ لڳو. ڪيترو وقت مسٽر واليس سکر جو ڪليڪٽر هو. هن صاحب ميونسپل آفيس جي هيٺان ٽڪري ٽُڪائي سڌو رستو ڪرايو ۽ آمدرفت جو وڏو سهنج ٿي پيو. سکر جو ”واليس گنج“ سندس نالي پٺيان ڪوٺجي ٿو.

25-1924  ۾ سکر بئراج ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ آمدرفت جو مهورت 13 جنوري 1932ع تي ٿيو. انهيءَ بئراج جي ٺهڻ ڪري سکر جو شهر سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. انهيءَ پاسي اڳي جھنگلي وڻ ٽڻ هوندا هئا، سي وڍائي ”بئراج ڪالوني“ ٺاهڻ تي سکر جو شهر هيڪاندو وڌي ويو.

سڄي سنڌُ ۾ پهريون ماستر هريسنگهه ڏنگو مل سکر وارو هو جنهن 1885ع ۾ سکر ۾ پنهنجو ڪتب خانو کوليو. ٻئي سال منشي پوڪر داس شڪارپور ۾ پنهنجو ڪتب خانو کوليو. ٻئي صاحب لاهور مان ڪِتاب ڇپائيندا هئا جيڪي لِٿو يا پٿر جي ڇاپي ۾ هوندا هئا. سکر جي سڀني سرڪاري کاتن ۾ ڪيترا ڪامورا حيدرآبادي عامل هوندا هئا. ڪي وڪيل به حيدرآبادي ته ماستر به حيدرآبادي هئا. سکر ۾ جيئن تعليم يافتن جو تعداد وڌيو ته هن شهر جي رونق به وڌڻ لڳي، پر ميشوري ٻائي چانڊواڻي گرلس هاءِ اسڪول جي عاليشان عمارت ٽڪريءَ جو سينگار سڏي ويندي هئي، لٽرسي ٽاور ۽ سندر داس ڏيئو مل ٽاور شهر کي سونهن بخشي ۽ پارڪن ۽ وندر گاهن سکر ۾ هيڪاندي موج مچائي.

ويهين صديءَ ۾ سکر ۾ جيڪي عمارتون ۽ ترقيءَ جا ڪم ٿيا. انهن ۾ سکر بئراج جو شُمار دنيا جي عجائبات ۾ آهي دنيا ۾ هي وڏي ۾ وڏو بند آهي. سکر بئراج بکر جي قلعي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي اولهه طرف جِتي اڳ ۾ جھنگ هو اتان شروع ٿئي ٿي. هيءَ پل ڊيگهه ۾ هڪ ميل آهي ۽ سڄي سفيد پٿرن جي جڙيل آهي. جنهن کي ڇاهٺ فولاد جا در لڳل آهن جيڪي برقي قوت سان کڄن ۽ بند ٿين ٿا ۽ بئراج جو پاور هائوس ڌار آهي. هن پُل جي اسڪيم ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ 1846ع ۾ تيار ڪئي هئي. 1904 ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت هند جي ڌيان تي آندي ۽ 1910ع ۾ هي سوال حڪومت اڳيان پيش ٿيو ۽ 1916ع ۾ جاچ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ڪم کي چالو ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي ليڪن پهرين جنگ عظيم لڳڻ ڪري 1918ع تائين ڪم کي ملتوي ڪيو ويو. مسٽر اي اي مسٽوهن بئراج ۽ ان جي ستن واهن جو نقشو تيار ڪري ممبئي حڪومت اڳيان پيش ڪيو. 1923ع ۾ منظوري پهتي ۽ ساڳي وقت جولاءِ مهيني ۾ بئراج ڪالوني وارا ڪوارٽر ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1926ع ۾ پل جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو ۽ ان کان اڳ  1925ع کان واهن جي کوٽائيءَ جو ڪم Excavators ذريعي شروع ٿيو. ستن واهن جي کاٽي ڪندي جملي 596 ڪروڙ چورس فوٽ مٽي کوٽي وئي. مهراڻ جي کاٻي ڪناري وارن روهڙي جي ريلوي لائين جي لڳ ٽڪرين ۽ ساڄي پاسي سکر جي اتر طرف وارين ٽڪرين مان پٿر ڪاٽي پل تعمير ڪئي وئي. لائيڊ بئراج جي اهميت هن طرح آهي ته سکر جي لينسڊائون پل سڄي لوهه جي جڙيل آهي ۽ بئراج پل سڄي پٿرن جي ٺهيل آهي. 13 جنوري 1932 تي وائيسراءِ لارڊ ولنگڊن هن پل جو افتتاح ڪيو. هن موقعي تي سڄي هندستان جا سرڪاري خواهه غير سرڪاري معزز ماڻهو حاضر ٿيا. سکر بئراج تي لائڊ جو نالو ان ڪري رکيو ويو، جو ان وقت ممبئي جو گورنر لارڊ لائيڊ هو جنهن هن ڪم ۾ دلچسپي ورتي هئي. هيءَ بئراج دنيا ۾ آبپاشي جو سڀ کان وڏو بند آهي، ان ڪري هن کي ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا…. خاص ڪري چانڊوڪي راتين ۾ هن جو منظر نهايت دلفريب ۽ ڏسڻ جي قابل ٿئي ٿو. پل جي کاٻي پاسي هڪ ميوزيم به ٺهيل آهي. هيءَ پل (بئراج) لنڊن جي ٿيمس پُل کان پنجوڻ وڏي آهي. ساڄي پاسي کان ٽي وڏا واهه: 1. اتر اولهه ڪئنال 2. رائيس ڪئنال ۽ 3. دادو ڪئنال نڪرن ٿا ۽ کاٻي پاسي کان چار وڏا واهه نڪرن ٿا: 1. اڀرندو نارو، 2. اوڀر خيرپور ڪئنال 3. روهڙي سنڌ سڌار ڪئنال ۽ 4. مغربي خيرپور ڪئنال.

هونئن سکر جي لايڊ بئراج، لئنسڊائون پل، ايوب برج وغيره ڪن ڪن  هنڌن تي ايڏو ته سهڻو نظارو پيش ٿيون ڪن جو دل چاهي ٿي ته بار بار هِتي اچجي. انجنيئر منظور شيخ جو فرزند منصور شيخ مون کي ۽ منهنجي سکر جي دوست اياز گل کي سکر بئراج وارو ميوزيم ڏيکاري اسان کي ستين جي آستان تي پڻ وٺي آيو جِتي ڪجهه قبرون آهن جن لاءِ مختلف روايتون آهن ته راجا ڏاهر جي  شڪست بعد ان جي محل جي عورتن پاڻ کي ستيون بنائي ماري ڇڏيو يا شايد ڪي ٻيون پاڪ بيبيون هيون. بهرحال هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ جو ان سان ايترو واسطو نٿو رهي. هو ظاهري نظارو ۽ سونهون ٿو ڏسي. آئون به هِتي سکر ۾ ان خيالَ کان گهمي رهيو هئس. مونکي انهن قبرن تي ٺهيل ڪٽ ورڪ ۽ ڪاشيءَ بيحد متاثر ڪيو ۽ اياز گل سان گڏ ڪيترائي فوٽو ڪڍرايم جيئن آئون پنهنجي ملائيشيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ دوستن ۽ شاگردن کي ڏيکاري سگهان.

ستين جي آستان وٽ پهچي مون کي تهران (ري) ۾ شهر بانو بيبي جي قبر ياد اچي وئي. اتي به ان قسم جي ڪاشي ۽ نظارو آهي، پر شهر بانو جي قبر ڪافي بلند پهاڙيءَ تي آهي ۽ هيٺ تهران شهر جو نظارو نظر اچي رهيو هو، پري پري، تمام پري هڪ ٻن ڪارخانن جون چمنيون نظر اچي رهيون هيون. جن لاءِ اسان جي ايراني گائيڊ ٻُڌايو ته ايراني حڪومت انهن ڪارخانن ڪري سخت پريشان آهي ته انهن جو دونهون ماحول ۾ آلودگي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ بيبي شهر بانو جي مقبري جي آسپاس ڪاشيءَ جو ڪم آهستي آهستي ٿي ڌنڌلو ٿي رهيو آهي. هنن اسان کي ڪئميرا بدران موبائيل فون ذريعي فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ڏني جو سائنس اهو ثابت ڪيو آهي ته ڪئميرا جو طاقتور فلئش به ڪاشيءَ جي چمڪ ڌمڪ ۽ نواڻ کي آهستي آهستي ختم ٿو ڪري. مون کي ايران جي حڪومت جي ايڏي concern تي حيرت ٿي هئي ۽ هاڻ هتي ستين جي آستان تي پهچي ان کان وڌيڪَ حيرت ٿي ته ههڙي زبردست تاريخي شيءِ ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جي سنڀال لاءِ ڪو ڌڻي سائين ناهي! اوسي پاسي کان ڪجهه موالي چرسي نظر آيا. ڪيترن هنڌن تي ڪاشيءَ جي سرن جا ٽڪرا غائب هئا يا چوري ٿي ويل هئا. هيڏانهن هوڏانهن هڪ ٻه رول ڪتا ڦري رهيا هئا. ستين جي آستان تي ان وقت نظر آيل هڪ واقعو اڃان تائين نٿو وسري. مون کي بعد ۾ خبر پئي ته ڪيترائي ڳوٺاڻا خاص ڪري عورتون پنهنجي يا پنهنجي ٻارن جي علاج لاءِ هِتي ويٺل ڪن مجاورن کان خاڪ شِفا جي صورت ۾ حاصل ڪن ٿيون. منصور ۽ اياز گل کي ڇڏي پرينءَ ڪنڊ واري قبر وٽ هليو ويس جِتي هڪ ڳوٺاڻي غريب عورت هڪ اهڙي مجاور سان ڳالهائي رهي هئي. اهو مجاور (يا شايد ڪو Self Appointed  انچارج) هن عورت کان ڏهه رپيا وڌيڪَ گهري رهيو هو. غريب عورت هن کي اهوئي چئي رهي هئي ته ”آئون غريب آهيان ان ڦيڻي ڦڪيءَ لاءِ بس آئون اهي 20 رپيا ئي ڏئي سگهان ٿي. مجاور يا اهو ٻهروپي جيڪو پاڻ کي ولي يا بزرگ سڏرائي رهيو هو، اهو هن کي ڊپ ڏئي رهيو هو ته جيڪڏهن وڌيڪَ پئسا نه ڏيندينءَ ته فائدو نه ٿيندءِ. غريب عورت ڪجهه دير سوچي ڏک مان پنهنجي پوتيءَ جي ڪنڊ ۾ ٻڌل ڳنڍ کولي ڏهه رپيا ڪڍي هن مجاور جي هٿ تي رکيا. اتي ئي ٻه ٻيا همراهه جيڪي اسان وانگر ٽوئرسٽ ٿي لڳا ۽ شايد هن شهر سکر يا ڪنهن ڀر واري جا هجن اهي مون کي غور سان هي لقاءُ ڏسندو ڏسي مون کي چيو ته سائين هنن جاهل عورتن جو ڏوهه آهي جو ههڙن ٺڳ حڪيمن ۽ اوليائن وٽ پهچيو وڃن ۽ پئسو وڃائين ٿيون. دل ۾ مون چيو ته ڳالهه ته صحيح ٿو ڪرين… پر پوءِ مون کي يڪدم خيال آيو ته نه… اها ڳالهه ناهي. هي غريب ڳوٺاڻيون عورتون پنهنجي يا پنهنجن ٻچن جي بيماري جي علاج لاءِ ڀلا ڪيڏانهن وڃن؟! شهرن جون امير عورتون ته پرائيويٽ ڪلينڪ ۾ MBBS ڊاڪٽر کي به نٿيون پڇن. هو هر بيماري لاءِ ماهر ڊاڪٽر (Specialist) وٽ پهچيو وڃن، پر هِتي جي ڳوٺن جون غريب عورتون جن وٽ کيسي ۾ ٽيهه چاليهه رپيا به نه آهن اهي ڪيڏانهن وڃن؟ سرڪار طرفان ته سرڪاري اسپتالون به آهن ته ڊاڪٽر به آهن، پر آهي ڪو ڊاڪٽر جو هنن غريب عورتن کي ڏسي ۽ اسپتالن ۾ آهن ڪي دوائون جو هنن کي به نصيب ٿين؟ پوءِ هي ويچاريون غريب ۽ اڻ پڙهيل عورتون پاڻ جهڙين ٻين کان ههڙن ڪوڙن حڪيمن ۽ اوليائن جو ٻڌي ههڙن آستانن تي پهچيو وڃن…. سنڌ جا سهڻا نظارا پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ ۾ ڪيڏي غربت، بدامني، بي انصافي ۽ خوف جي زندگي آهي.. اهڙي ته آفريڪا جي به ڪنهن ملڪ ۾ نه آهي. …(پورو ٿيو)…

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments