شادي ۽ ڪاميابي علي شيرازي ترجمو: مير سردار چنڙ | مارچ 2022
اسلام مڪمل سوچ ۽ سمجهه ڏيندڙ نظام آھي ۽ اھو انسان کي ڪامياب زندگي گذارڻ جا سڀ گڻ سيکاري ٿو. نڪاح يا شادي جي تفصيلن کي بيان ڪندي اسلام ان کي ڪامياب زندگي جي ضمانت قرار ڏئي ٿو. شادي جي لفظي معنيٰ ته خوشي آھي، پر منهنجي نظر ۾ شادي خوشي کان اڳيان آھي. منهنجو مڃڻ آھي ته زندگيءَ کي تازو ۽ پرسڪون ۽ دل کي اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ شادي، پر جلدي شادي ڪرڻ ضروري آھي. شادي نه صرف انسان کي خواھشن جي پوري ٿيڻ تائين حلال رزق فراھم ڪري ٿي، پر انسان کي ڪيترن ئي غير اخلاقي عملن کان پري ڪري پنهنجو وقت ۽ سگھ بچائي وٺندي آھي. نڪاح ھڪ اھڙو با برڪت رشتو آھي، جيڪو انسان کي معاشري ۾ عزت ۽ ھڪ خاص مقام عطا ڪندو آھي. ذميواريون وڌڻ سان انسان قابل ۽ مضبوط ٿيندو آھي. انسان جو ذھن شعوري ۽ لاشعوري طور تي کوڙ سارين غلط شين کان ھٽندي پنهنجي مقصد طرف ٿي ويندو آھي.
اسلام ٻارن کي جلدي شادي جو حڪم ڏئي ٿو، جنهن جو ھڪ سبب انھن کي معاشرتي ۽ اخلاقي غلط رستن کان بچائي زندگي جي حقيقي مقصد طرف متوجهه ڪرڻ آھي. اڄ جي نفسا نفسي دور ۾ کوڙ ساريون سماجي برايون وقت تي شادي نه ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿيون آھن. شادي ۾ دير انسان کي کوڙ سارين براين ڏانهن متوجهه ڪري ان جو ڌيان اصل مقصد تان ھٽائي ڇڏيندي آھي. انسان پنهنجو کوڙ سارو وقت شاديءَ لاءِ خيالي دنيا ۾ مصروف رھندي گذاريندو آھي. اڄ جي نوجوان جي بي مقصد زندگي ڊپريشن ۽ ٻين اھڙين نفسياتي بيمارين جو سبب وقت تي شادي جو نه ٿيڻ آھي.
اڪثر ماڻهو اھو سوال ڪندا آھن ته شادي سان ڪاميابي حاصل ٿئي اھو ضروري ته ناهي. ڇو ته معاشري ۾ اھڙا سوين مثال موجود آھن، جتي شادي شده ماڻھن جي زندگي بدترين مشڪلاتن جو شڪار آھي. مان ان ڳالهه تي اتفاق ڪندو آھيان، پر گڏوگڏ اھو سوال به ڪريان ٿو ته شادي ۾ مسئلن جي پاڙ تي غور ڪرڻ تمام ضروري آھي. اسان شادي لاءِ ڪھڙن بنيادن تي رشتو ڳوليندا آھيون؟ پئسا، گھر، گاڏي، حُسن وغيره. جڏهن رشتن جو معيار انھن اڻپورن معيارن تي رکيو وڃي ته پوءِ اخلاق ۽ ڪردار تي روئڻ سان زندگي خوشگوار نٿي بڻجي سگھي. اسلام جتي اسان کي جلد نڪاح جو درس ڏئي ٿو اسان کي نڪاح جي معاملي ۾ ھمسفر جي چونڊ لاءِ بنيادي معيار به ٻڌائي ٿو، پئسي ۽ حُسن بدران انسان جڏهن اخلاق، ڪردار ۽ دين جي بنياد تي رشتو جوڙيندو آھي ته ان گھر ۾ خوشي ۽ سڪون جون ڌمالون ھونديون آھن.
اسان وٽ ھڪ عام رواج بڻجي ويو آھي ته رشتي جي معاملي ۾ پاڻ کي ماڻهن سامھون اهڙو پيش ڪندا آھيون جيڪو حقيقت ۾ ھوندا ناھيون اھو ئي سبب آھي جو اسان وقتي طور ھڪٻئي لاءِ ڪامل ۽ بھترين ھوندا آھيون، پر جيئن ئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا آھيون ته ڪجهه ڏينهن اندر پنهنجي اصليت تي اچي ويندا آھيون. گھرن ۾ جھيڙن جي شروعات ٿي ويندي آھي. پوءِ اھي طعنا به ھوندا آھن ته اوھان بدلجي ويا آھيو، توھان پھريان ته اھڙا نه هئا. رشتن جي شروعات ۾ ئي جيڪڏهن انسان پنهنجي اصليت ۽ حقيقي عادت سان گڏ ماڻھن سان ملي ته شادي کانپوءِ وارن مسئلن کان بچي سگھجي ٿو.
ھڪ پرسڪون ۽ ڪامياب گھراڻو ئي ڪامياب ۽ پر امن معاشري جو بنياد رکندو آھي. زال سان ذهني برابري ھجڻ ئي ڪامياب زندگي لاءِ لازمي آھي ۽ زال سان ذهني برابري تڏهن ئي ممڪن آھي، جڏهن اسان سفر جي چونڊ ماده پرستن کان ھٽي ڪري خالق جي ٻڌايل اصولن تحت ڪنداسين. سفر ۾ ذھني برابري انسان کي دلي ۽ ذھني سڪون فراھم ڪندو آھي، جنهن جي بدولت انسان پنهنجي صلاحيتن کي بھترين انداز ۾ بروقت استعمال ڪري پنهنجي زندگي جي سڀني معاملن جي ڪارگردگي کي بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. پرسڪون شادي اسان جي سوچ ۽ تخليقي صلاحيتن کي بھتر بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آھي. جنھن جي ڪري انسان پنهنجو وقت ۽ طاقت بھترين طريقي سان پنهنجي زندگي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪندو آھي. زال جي موجودگي انسان کي ھمت ھارڻ کان، ٽٽڻ کان ۽ منفي خيالن سان وڙھڻ جو حوصلو فراهم ڪندي آھي، اھو سڀ تڏهن ممڪن آھي جڏهن اوھان جي سوچ اوھان جي زال سان ملندڙ جلندڙ ھجي. اوھان ھڪٻئي کي سمجھڻ جي قابل ھجو. عمر جو فرق، قد جو فرق، ذات پات جي معاملن، ڊگرين، نوڪرين، جائيداد، پئسا انھن مان ڪجهه به اوھان جي زندگي کي اثر انداز نه ڪري سگهي، جنهن طرح ٻن مختلف ماڻھن جي سوچ ان رشتي تي اثر انداز ٿيندي آھي. اسان ڏسون ٿا ته دنيا ۾ ڪيترائي سٺا ڪامياب اخلاق ۽ ڪردار ۾ لاجواب ماڻھو به انهن رشتن جي معاملن ۾ ذھني برابري نه ھجڻ ڪري ناڪام ٿي ويندا آھن. شادي جي معاملي ۾ الله جي ٺاھيل اصولن ۾ ھي اصول انتھائي مانائتو آھي ته رشتو ڪرڻ وقت ٻن انسانن جي ذھني برابري کي اڳيان رکو، باقي ٻيا معاملا ثانوي آھن.
اسان جو الميو اهو آھي ته ان اهم سفر جو معيار تمام کوکلي بنيادن تي رکيل آھي. بدقمستي سان اسان رشتو ڪرڻ وقت ڇوڪري جو بينڪ بيلنس ۽ ڇوڪريءَ جو حُسن ۽ جمال کي اوليت ڏيندا آھيون. اسان ڪڏهن به ڇوڪري کي پرکڻ يا ان کي سمجهڻ جي تڪليف ناھيون ڪندا ته ان پنھنجي مستقبل لاءِ ڇا سوچي رکيو آھي؟ اھو ايندڙ چند سالن ۾ پاڻ کي ڪٿي ڏسڻ پسند ڪري ٿو؟ ان جي دل ڪھڙين شين ۾ ڪھڙن معاملن ۽ ڪھڙين ڳالھين ۾ لڳندي آھي؟ ڇا اھو محنت پسند آھي يا ھٿ تي ھٿ رکي ويھندڙ آھي؟ اسان وٽ رشتا ڇوڪري جي حال ۽ ڪمائي ويندڙ دولت جي بنياد تي ڪيا ويندا آھن. ان جي اخلاق ڪردار محنت ۽ عزم جي بنياد تي ناھن ٿيندا. اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن ڇوڪرن کان انھن جي پنهنجي مستقبل جي حڪمت علمي لاءِ ۽ زندگي جي مقصد لاءِ ڳالهه ڇيڙي وڃي ته ان کي جواب نه ھجڻ برابر ھوندو آھي. اڪثر ماڻھو ته انهن سوالن کي سمجھڻ کان قاصر، حيران ۽ پريشان نظر ايندا آھن. اسان وٽ چيو ويندو آھي ته ڇوڪرو امير ھجڻ گھرجي بس! اخلاق ڪردار الله ٺاھي ڇڏيندو اسان ڪڏهن ايئن ناھيون چوندا ته ڇوڪرو با اخلاق باڪردار ھجڻ گھرجي محنت ڪندڙ ھجي رزق الله ڏيندو؟
نڪاح ٻن ماڻھن جي وچ ۾ الله جو ٺاھيل ڏاڍو خوبصورت ۽ پاڪيزه رشتو آھي نڪاح ۾ برڪت آھي، پر ان رشتي جو قدر ڪريو، ان کي ھن دنيا جي کوکلي ٽٽل معيار تي نه رکو، پنھنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي زندگي بابت فيصلا ڪندي بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکو ۽ پوءِ الله تي ڀروسو ڪريو. اھي سڀ ماڻهو جيڪي اڄ ان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي چڪا آھن، انھن کي گھرجي ته ھو پاڻ کي بھترين انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪن. جيڪڏهن زندگي ۾ مسئلا آھن پريشانيون آھن ته انهن مسئلن جي حل تي ڌيان ڏين. رشتا ختم ڪرڻ تي نه! ھڪٻئي کي برداشت نه، پر محبت سان تسليم ڪرڻ جي عادت اختيار ڪن. خدا اوھان کي اوھان جي ذميوارين جو سوال ڪندو ۽ پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪريو. جيڪڏهن ذميوارين ۾ غفلت ڪئي ته ان جو جواب ڏيڻو پوندو.