شاعري اپريل 2022
جيون ڪَٽَر جوڪر
مزمل سائر
ڪڏهن جيون ڪٽر جوڪر بڻي ٽھڪن، مذاقن ۾
جگر جي درد جي مورت چٿيو، ڀوريو، ڀڃيو لاهي
ڪڏهن جي سوز جو ڪينر وڄي ڌڪ ڌڪ ڪري دل ۾
ٺٺولين سان ڀڃيو هر تار رونشي ۾ نچي، ڳائي
تمنّائون ڀريو ڪو مَنڌُ دلڙيءَ ۾ ڇُلن پل پل
اَسونھون ٿي کل ئي کل ۾ تنين جو مَنڌُ ٽھڪائي
محبت جي سڳن سان پريت، ناتن جو جڙيل اجرڪ
بخيا سارا اکيڙي، چھڪ ڏئي چوڌار اڇلائي
ڪڏهن مشڪي اياڻو ٿي، اياڻو ٿي ڪڏهن مشڪي
ڪڏهن بي ڌڙڪ ٿي مرڪيو ڪري کلڪار، ڀڙڪائي
ڪڏهن ڪو يار ٿي جيون هڻي دل درد تي چرچا
ڪڏهن ڪو پريئنڙو ٿي چاهتن تي ٽھڪ ورسائي
ڪڏهن ڪنهن راهرو وانگر ڪري ٽوڪر، گهري معافي
ڪڏهن پنهنجن جيان سڀ گهاو کولي لوڻ ٻرڪائي
وجهي سڀ ٽھڪڙا، ٽوڪون، تماشا، ناٽ ماٽيءَ ۾
هنئين جي درد جي جامن مٿي اوتيو، وريو لائي
اهو جيون ڪٽر جوڪر ڪري سڀ ڀوڳ شوڳ آخر
ڪري ٽھه ٽھه، ڪري کلڪا ائين ٿو ڄار ڦھلائي
اهي جي سوز پلجن ٿا، اهي جي روڳ مھڪن ٿا
اڏامن تي وجهي پھرا انهن کي پل به پل گهائي
اهو جيون ڪٽر جوڪر نه ڄاڻان ڇا ته ٿو چاهي
***
غزل
اعجاز منگي
ڊاک جي ول جيان، تو ته ويڙھي ڇڏيو
دل ته صحرا ھئي، نينھن جل ٿل وسيو
ڄڻ ته حافظ رباعيون ٿي ويٺي پڙھيون
گفتگو تو ڪئي، مور ٿر ۾ نچيو
اڄ ھوائن مان سورج مکي ٿا ڇڻن
مرڪندي تو پرين! ڀاڪرن ۾ ڀريو
رات ساقي ھئي، چاندني ميڪدو
پيار چوڏس ستارن مان ڇڻندو رھيو
مان ڀٽائي ٿو تنھنجي نظر سان ڏسان
وقت- درياھ، سھڻي کي تاري پيو.
***
راج راڄپر
ڪجھ ته رھجي ويو آ ٽنڊو ڄام ۾
ڪنھن ٿَڌيريءَ صبح مَڌ ڀريءَ شام ۾
ڇا ٻُڌايان رکيو آ سکي! ڇا اُتي
دل سَنڀالي سَلھاڙي رکي آ جِتي
شل نه ڪنھن پل ٽُٽي قربتن جي ڪَڙي
اڄ به آ ساھ ۾ سا گھڙي ھر گھڙي
چاھ ڪِي چانھن تي جا ڪچھري ڪئي
ماٺ ئي ماٺ ۾ پيار جا ٻول چئي
لار اوتي وئي سار جي جام ۾
ڪجھ ته رھجي ويو آ ٽنڊو ڄام ۾
ڪنھن ٿڌيريءَ صبح مڌ ڀريءَ شام ۾
آخري ڏينھن ھو آخري پل ھئا
مرڪ مُک تان ڇڻي نيڻ جَل ٿَل ھئا
ترورا ترورا ڌنڌُ منظر سڀئي
پين ڪاڳر ڪُتَب وَيس بِستر سڀئي
ڪل سنڀالي کنيم پاڻُ وسري ويو
ھَئه! حياتيءَ سندو ماڻ وسري ويو
روح وِکري ويو مشڪ جِي مام ۾
ڪجھ ته رھجي ويو آ ٽنڊو ڄام ۾
ڪنھن ٿڌيريءَ صبح مڌ ڀريءَ شام ۾
سونھن جا سلسلا ڪيئي آيا ويا
جَلتَرنگ قافلا ڪيئي آيا ويا
ڪيئي آيا ويا ھِت نِشانبر سوين
خوب مايا نگر جا تَونگر سوين
روپَ سُندر سوين پر ڪو مَخصوص آ
ھُن سوا دِيد ڪنھن سان نه مانوس آ
اڄ به مَلبوس آ سا ته گلفام ۾
ڪجھ ته رھجي ويو آ ٽنڊو ڄام ۾
ڪنھن ٿڌيريءَ صبح مڌ ڀريءَ شام ۾
***
رفيه بخاري جا نظم
انگريزي مان ترجمو
سڪندر عباسي
منھنجي دوست
اي پياري جھرڪي!
اچ منھنجي ڀر ۾ ويھ
تون مون سان پنھنجا اهنج اور
مان توکي پنھنجا ڏک ٻڌايان
ڇاڪاڻ ته اسان ٻنھي ۾
ھڪ جھڙائي آھي
منھنجي دل تنھنجي دل جيان
تمام ننڍڙي، ڪمزور ۽ معصوم آھي.
……
بي ثمر ڪوششون
هزارين حيلا هلائي به
مان توکي پنھنجي يادن کان
الڳ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيس
مان ڪڏهن نه ڄاتو
ڪيئن تون منھنجي خوابن
۾ داخل ٿي وئين
مان فقط ايترو ڄاڻان ٿي
تون اڃان تائين
منھنجي يادن جو حصو آھين
اتر جي هوا وانگر
سياري جي اس واري منجھند جيان،
آڪٽوبر جي سرمائي شام جيان
تون منھنجي حياتي جو حصو آھين.
***
غزل
خيال کتري
ڇو ٿو ڳالهيون متضاد ڪرين
وقـت امـــــر کي برباد ڪرين
تعليم ڪـــــنان يار ڀڄي تون
دشمن جي پيو امــداد ڪرين
ڪرت عمل کان پاڻ نـــــٽائي
اھنجايون پيو ايــجاد ڪرين
قرضن تي ٿو قرض کڻي تون
ڀـوتار پـــــيو فـــــولاد ڪرين
اتحاد سندي زر جــــوھر سان
ڇـــــــــو قوم نٿو آزاد ڪرين
واٽ ڏسي جـــــو آزاديءَ جي
ڇو نه پـيو سـو استاد ڪرين
ٽوڙي رت جــــا رشــتا کــتري
دشمن پـــــــيو لاتعداد ڪرين
***
غزل
منتظر گولو
نه ٽهڪ جو مثال ٿي، نه لڙڪ جو ڪمال ٿي،
حيات پاڻ جي اڳيان، سوال تي سوال ٿي،
نه باک جو مبالغو، نه رات جو ڪروڌ آ،
اسان جي شعر ۾ سڌو، فراق ۽ وصال ٿي،
سندءِ زبان آڳ آ، چڱو ته احتياط ڪر،
اسان ۾ پڻ انا سندو، سٿيو پيو پلال ٿي..
جڏهن به تنهنجي ڪنڌ تان، چڳي سي چاندني پرين،
نهار جي گُتي منجهان، کِلي پيو ڪلال ٿي،
اهو ته چنڊ چيٽ جو، لڳي ٿو نانُ پيٽ جو،
اسان جي سوچ ۾ لٿو، جمال ڀي ملال ٿي..
نه رنگ ٿا ڏسون پرين، نه درد ٿو چڀي وري،
نه ڏانوَ ۾ نواڻ آ، نه شعر ۾ جمال ٿي
***
غزل
ناشاد شوڪت شنباڻي
بھارون، گـسن تـي اچـي يـار بيـٺيون
نهارون، گـسن تـي اچـي يـار بيـٺيون
رليا خواب سارا اسان جي اکين مان
پــڪارون، گسن تي اچي يار بيٺيون
جـڏهن وار وينگس هوائن ۾ ڇوڙيـا
ڪٽارون، گسن تـي اچي يار بيٺيون
گــلن ۾ نـه ڪــائي خوشـبو رهــي آ
پچـارون، گسن تي اچـي يار بيٺيون
پريـن يــادگيريون اڃان سوڳ ۾ هن
سنڀارون، گـسن تي اچـي يار بيٺيون
ٽٽي دل اسان جي ستاري جيئان پئي
مـيارون گـسن تـي اچـي يـار بيـٺيون.
***
غزل
فراخ جانوري
پري محبوب کان آهن، اکين تي سوڳ طاري آ
ڪنول رنگين هن دل جي ڳلن تي سوڳ طاري آ
هلي ٿي هجر جي موسم سمو بي ڪيف آ سارو
ٻڏل هن درد ۾ لمحا پلن تي سوڳ طاري آ
ڏيا موهڻ نه آيون ڇو پروڪيون ناريون نرمل؟
ندي سوچن ۾ گم ۽ ڪپن تي سوڳ طاري آ
سيارو موڪلائي ويو ڪري ويو لاٿ پاڻي پڻ
پکي پرڏيهه اڏري ويا ڍنڍن تي سوڳ طاري آ
رٺي برسات آ ٿر کان اچي نڪتو ڏڪار آهي
ڇڏن ٿا جهوپڙا جهانگي ڀٽن تي سوڳ طاري آ
ڪيو بي درد ڪنهن فائر ٻڏي ويون خوف ۾ لاتيون
پکي پيارا ويا اڏري وڻن تي سوڳ طاري آ
اداسيءَ جي اڀاڳي رُتِ لٿي آهي حياتيءَ تي
اجهاڻل خواب هن سارا خوشين تي سوڳ طاري آ
***
تات
ڊاڪٽر ڪامران اڪبر سومرو
سج لهي ٿو شام جو!
سمنڊ ٿو ڇوليون هڻي
لهر لهر پئي لڇي…
لهر لهر پئي چئي،
وڃ نه ايئن ڇڏي
رات جي انڌياري ۾!
هائي هن سياري ۾!
ڄاڻ آيا تارا اڀ تي
چنڊ جا لامارا اڀ تي!
توکان پوءِ اونده هوندي
تات تنهنجي سانده هوندي!
***
غزل
معراج منگي
هــــيءَ جــوانــي جــهــور ٿـي ويـندي،
تـــوکـــانــســواءِ مـعـــذور ٿــي ويــنـدي.
ويـهه تـه ڪـجـهه ڳـالـهيون ڪيون،
تـنـهـنـجـي غلط فهمي دور ٿي ويندي.
چپن سان چمڻ جي خواهش نه ڪر،
ڏســڻ سـان دل ڀـرپـــور ٿـــي ويــنــدي.
ڀــــلـــي اُڏنـــدي اچـــي جــنــت مـان،
تـــو اڳـيـان مـــجــبــور ٿــي ويـــنـــدي.
نــفــرت جـــو نـه هـڻ ”مـعــراج“ پـٿــر،
هـــي دل چــڪـنــا چــور ٿـي ويندي.
***
آزاد نظم
ميراث
سليمان سولنگي
مون توکي لنوائي ڇڏيو آهي
مون ائين ڪيو به آهي،
ته ڄاڻي ٻُجهي!
ڇو جو تون جڏهن ڀي،
بي چئي ٿي،
چائنٺ منهنجي-
تصور سندي،
ڄاڻي واڻي ٽپي!
جڏهن ايندي آهين!
جائي پائي-
الف هوندي آهين!
اهڙي گهڙي!
توڏي ڏسي!
توسان ملي!
اوءِ منهنجي قيام!
آئون چاهيان نٿو،
توکي ڪاري ڪرڻ!!؟
***
وائي
ظفر علي ظفر
خالي گهرڙي ۾
روئن ٻارڙا وري آءُ تون
ماريس وحشي مُٺي
سڻي ڪيئن سڏڙا
روئن ٻارڙا وري آءُ تون
مچائي اُماڙيون
کاراييءَ گرهڙا
روئن ٻارڙا وري آءُ تون
سنسان صحن تي
سڏڪن پيا معصومڙا
روئن ٻارڙا وري آءُ تون
***