بيروزگارن لاءِ ٽڪ ٽاڪ جي اسڪيم اچي وئي
مختصر وڊيوز جي ايپ ٽڪ ٽاڪ نوجوانن جي ڊجيٽل ۽ ڪريٽيو انڊسٽريز ۾ ڪم ڳولڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ پروگرام شروع ڪيو آهي، هي پروگرام نوجوانن جي بيروزگاري ۽ ڊجيٽل مهارتن وچ ۾ فرق کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيل اسڪيم جو حصو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم سوشل بزنس چيرٽي ڪيچ 22 سان گڏجي ملٽي ملين پائونڊ پروگرام تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جو مقصد 2024 جي پڄاڻي تائين 2500 ماڻهن کي ملازمت ڏيڻ آهي. نئين اسڪيم 16 کان 24 سالن جي نوجوانن لاءِ آهي، جيڪي هن وقت تعليم، ملازمت يا ڪا تربيت حاصل نه پيا ڪن. هن اسڪيم ۾ انهن ماڻهن کي چئن هفتن تائين ملازمت جو ڪورس ڏنو ويندو ۽ ڪيريئر ڪوچ، ورچوئل ورڪ جو تجربو، رهنمائي ۽ ڪجهه رقم به ڏني ويندي. ٽڪ ٽاڪ چيو آهي ته هن پروگرام جو هڪ اهم حصو پٺتي پيل ۽ ڪمزور ماڻهن کي ان ڳالهه جي ترغيب ڏيڻ آهي ته هو تخليقي ڊجيٽل مهارتون سکن ۽ پنهنجي مقامي ڪاروبار ۽ تخليقي صنعتن کي مدد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن.

