شاعري

شاعري پشپا ولڀ April 2021

پشپا ولڀ 15 مئي 1963 تي جنم ورتو، هوءَ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي، پر علمي ادبي حلقن ۾ سندس شخصيت ۽ سڃاڻپ هڪ الڳ لهجي واري شاعره جي آهي. سندس نظم فرد جي احساس کي بيان ڪن ٿا. هوءَ منظر ۽ مظهر تخليق ڪرڻ جو هنر بخوبي ڄاڻي ٿي. سندس هي نظم “بادل بڻجي وڃان” ان جو مثال آهي. پشپا ولڀ شاعريءَ جي تخليقي جهان ۾ پنهنجي جدا حيثيت رکي ٿي. سندس شاعريءَ جا مجموعا “دريءَ کان ٻاهر” ۽ “بند اکين ۾ آسمان” ڇپيل آهن. سندن شاعري جو نئون ڪتاب “گل  مُهر جي موسم” ڇپائي هيٺ آهي.

 

مان شرنارٿي آهيان، مهاجر آهيان

پنهنجي زمين تان تڙي وئي آهيان

مان پنهنجو مستقبل ڏسان ٿي

جڏهن مان قالين اُڻيان ٿي

مان چاهيان ٿي، دنيا مون کي ڏسي

جيئن مان آهيان اوئين ئي

جهڙي مان آهيان، اها ئي

پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي آهيان

پنهنجي زمين، پنهنجو گهر

پنهنجي ڌرتي، پنهنجا ٻار

خالي هٿ آهن منهنجا

هٿن ۾ ريکائون

ريکائن ۾ مستقبل!

پنهنجو پاڻ کي اڃان آئون

ٻنيءَ تي ڪم ڪندي ڏسان ٿي

پنهنجي پريوار سان گڏ

جيڪي هاڻي ڪٿي به لڀجن نٿا

مان چاهيان ٿي

مان اڏري وڃان، آڪاش ۾

بادل بڻجي ترندي وڃان

وڃي پنهنجي ڌرتي تي پهچان

جتي جي آئون ڄائي آهيان

پنهنجي ڌرتي ڏسان

بارش بڻجي وسان

وسندي رهان هميشه

پنهنجي ڌرتي تي

بادل بڻجي وڃان

اڏري وڃان آڪاش ۾

وسندي رهان هميشه

پنهنجي ڌرتيءَ تي

جا منهنجي آهي، هميشه!

*****