شاعري | # جنوري 2022

1138 Shares

نظم

سُرن جو جهنڊو

مشتاق گبول

انگريزي ترجمو: حبيب سنائي

هيلن؛

اوڏياچ جي ڀيڻ هيلن؛

جڏهن تنهنجي آواز جون اکيون،

سماعتن جي صورتن کي

نه ڏسي سگهيون هيون.

تڏهن تون بُک ھڙتال تي ويٺي ھئينءَ.

تو وانگي،

سُرن کي به بُک لڳي هئي؛

انهن کي به،

ڪنهن نئين ڌُن جي ماني کپندي هئي.

تو وانگي تنهنجا سُر به ساڻا ٿي پيا هئا.

ان کان اڳ جو،

تون نئين نينهن جا نوان احساس اُڻين ها؛

تنهنجون اکيون بند ٿي چڪيون هيون؛

هيلن؛

اهو ڏينهن پري ناهي،

جڏھن تنهنجي چهري جيان،

اُجريون اُميدون تنهنجون،

سُر بڻجي ڦهلجي وينديون.

فاشي سوچ مات کائي،

تنهنجي خوابن جي گهيري ۾ ايندي.

۽ ترڪيءَ تي،

تنهنجي سُرن جو جَهنڊو لهرائبو.

***

نظم

ڪريم چانڊيو

دل ته ٽروئي شهر جيئن جلي ويو صفا

منهنجي ڌرتي جي هيلن ڪٿي پئي هلين؟

جون ڪيٽس جيان جان وئي آ جلي

مون سان محبوب فيني ڪڏهن ٿي ملين؟

ڇا ٻڌايان سکي تو بنا ڇا ٿيو

تنهنجي يادن ته من تي ڪئين ڪاهون ڪيون

درد هر شام مون تي هلائون ڪيون

منهنجي خوشين جي خيمن کي ٽانڊا لڳا

منهنجي جذبن تي تيزاب ڇٽجي ويو

من ته بيروت بغداد بڻجي ويو

تو کانپوءِ پرين تنهنجي ساجن مٿان

هي وڇوڙو  ٿو  قاسم جيئن الرون ڪري

تنهنجو شاعر ٿو ديبل ٺٽي جيئن ٻري

خواب ڄڻ ڪي فلسطين جا ٻارڙا

عشق ڪشمير جو ٿو قصيدو لڳي

ها پرين تون ئي راحت جو ڪارڻ هُئين

روح منهنجي جو تون ئي رفوگر هُئين

تو ئي جيون جي ڦاٽل لٽن کي سبيو

تو ئي چاهت جا ٽانڪا چپن سان هنيا

تو ئي مرڪن جا هرمچ هينئين تي رکيا

تو ئي خوشين جون کيلون  دلين تي مڙھيون

تنهنجي ساڙهي جي سڀني رنگن جو قسم

سونهن تنهنجي ته زرخيز گيتن ڪيو

تنهنجي چُوڙن ته نظمن کي جوڀن ڏنا

تو ئي وائين کي آنند جي بخشي ادا

تنهنجي چپڙن جي پسيل گلابي پتين

منهنجي بيتن ۾ خوشبو جون آنديون ڀريون

پر ڀلا ڇا ڪريون

سڀ سُڪُون جون پريون

منهنجي جيون جي بوتل مان نڪري ويون

ڪل ڪائي نه آ ڪيڏي اُڏري ويون

هاڻ منهنجن اکين جون هي آباديون

تنهنجي درشن جي پاڻي لاءِ پيون ٿيون سڪن

منهنجا سپنا هي ٿر جي ته ٻارن جيان

ڪنهن شفا گهر لاءِ سڏڪي ٿا تڙپي مرن

پر پرين هاڻ مون کان پَرِڪشا نه وٺ

توکي محبوب مٽي جو آھي قسم

آ دياوان ٿي هاڻي دوريون ڇڏي

ويھ مون سان اچي هاڻ گوڏو گًڏي

هڪڙو شاعر صدين کان پٍيو توکي سڏي

هڪڙو شاعر صدين کان پٍيو توکي سڏي.

***

غزل

قاضي منظر حيات

پاڇي پويان ڊوڙَ ڏُکي آ!

جَذبي ريءَ جاکوڙَ ڏُکي آ!

جيون رُڃ ۾ لانئون لَهندي،

مُک تي مُرڪن- موڙَ ڏُکي آ!

شينهَن جي پائي کَلَ گهُمن هُو،

گدڙن کان گجگوڙَ ڏُکي آ!

جيڪو دَردُ وَنڊي دِل جيتي،

تَنهن کان جيئري تَوڙَ ڏُکي آ!

گهَاوَ ڏئي ڀَل پَاپِي دُنيا،

مُحبت ۾ مُنهَن- موڙَ ڏُکي آ!

ڪيڏي ڪوشش ڪيرُ ڪري پَر،

ٻن ٻُڙين جي جوڙَ ڏُکي آ!

جَڳُ وارياسو، ٿُوهر- منظر،

گوڏي- سُورن ڊَوڙ ڏُکي آ!

***

غزل

وسيم سومرو

جهڪ ڪاري هئي واءُ ميرو هئو

روشنيءَ جي نه دل ۾ انڌيرو هئو

اڀ تي جهڙ هئو سمنڊ ڇوليون هئو

ٿا چون هي هوائن جو ڦيرو هئو

ٻارڙن پنهنجي آڪاس تي پئي ڏٺو

گم ويو ٿي ستارن جو پيرو هئو

پوءِ به توکي ملي واندڪائي نه هئي

هاڻ سارين جو ڪو ڪو نه ديرو هئو

سو صبح ٿي، اڃان ٿيو نه پڌرو هئو

مون ڏٺو جو سٽن ۾ سويرو هئو.

***

غزل

ڪريم فقير ”ڪافي“

اسان راضِ دل پنهنجو ٻڌائي نه سگهياسين،

ويل وقت واپس ورائي نه سگهياسين.

من جي مندر ۾ ٿي پوڄاري ۽ پرستش،

لڳل آگ عشق جي اجهائي نه سگهياسين.

ڏيئي گهاءُ گهڻا ڪيو گهايل جن اسان کي،

سي زرد زخم زهري مٽائي نه سگهياسين.

ٿي چاهيوسين ري نقاب ٿئي ديدار دلبر جو،

اهڙي حجت ساڻ جيسين هلائي نه سگهياسين.

”ڪافي“ ڪيوسين پيار جن سان جوڀن جواني ۾،

سو پيار پيري تائين ڀلائي نه سگهياسين.

***

غزل

غلام آدرش

ٿيا ڪونه ڪاٿي ٺڪاڻا اسان جا

رهيا نيڻ آهن نماڻا اسان جا

رڳو روح رولاڪ ناهي اسان جو

اوهان ڀي ڪيا ها پڇاڻا اسان جا

رڳي ڳالهه حق جي ڪئي آ اسان ڇا

ٿيا ڄڻ ته مقدر هي گهاڻا اسان جا

ڪڏهن مينهن وسندا ڏٺو آسمان کي

هُيا ڪئين مارو ويڳاڻا اسان جا

ڏسي روز راهون ڪيون ٿم پڇائون

الئه ڪيئن هوندا اباڻا اسان جا

وسي هيل برسات اهڙي پئي آ

ڏٺا ڪنهن نه ڇو گهر ڪکاڻا اسان جا

اڙي وقت مون کي پڇا هي ڪري ڏي

هيا ڪيئن دوست پراڻا اسان جا.

***

خواب

ڪاشف صديقي

جڏهن، اوهان جون يادون..

ذهن جي پردي تي نقش ٿيل تصورن کي دهرائڻ ۾ مگن ٿيون،

تڏهن، ائين محسوس ٿيڻ لڳو، جيئن،

ڪنهن باغ ۾ ٽڙيل اڇو گلاب پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو هجي

 يا وري شايد،

اهو ان جي ڪاميابي جو پهريون قدم هو.

يا شايد…،

پر هن جي خوشبو

جا، فضا ۾ ڦهلجي ويئي هئي

سا، دل ۽ دماغ کي اهو محسوس ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي هئي

ته اهو گلاب اڪيلو ڪونه آهي

پوءِ! هن جو معصوم چهرو

ٿوري ٿوري دير ۾ پنهنجي رنگ کي بدلائڻ لاءِ مجبور ڇو نظر اچي رهيو هو!؟

هن جون نگاهون، انتظار واري بيچيني جو شڪار ڇو!؟

هن جي نازڪ چپن تان رت ڇو ڇڏائجي ويئي هئي!؟

هن جا قدم سونين زنجيرن ۾ جڪڙيل ڇو!؟

هن کي ڪهڙي پريشاني آهي!؟

آخر ائين ڇو!؟…

ڇا

ڪنهن گلن وڪڻڻ واري جو خوف هن جي دل ۾ گهر ڪري چڪو آهي

يا، هن کي اها پريشاني آهي

ته، مون سان پيار ڪندڙ جڏهن مون کي وٺڻ ايندو

ته، هي ساون پنن ۾ لڪيل ڪنڊا

جي، هميشه ڪنهن کي زخمي ڪرڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن.

سي، ان خوبصورت هٿ کي به نه زخمي ڪري وجهن

يا، هن کي اهي خيال اچي رهيا هئا

ته، مون اڪيلي ڏانهن ڪير متوجهه ٿيندو

يا، ڪير آهي جو

مون کي پنهنجي دل جي گلدسي جي زينت بڻائيندو

آخر،

اهڙن خيالن مون کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو

ته، مون کي ائين ڇو محسوس ٿي رهيو آهي

جڏهن ته، ٻيا هن کي ڏسي خوش ٿين ٿا،

هن جي خوشبو پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ چاهن ٿا

آخر، ڪهڙي ڳالهه آ.

اهڙا خيال منهنجي ذهن جي بند دروازي کي ڇو کڙڪائي رهيا آهن

ڪٿي، اهو اڇو گلاب آئون پاڻ ته ڪونه آهيان؟

يا، منهنجو ئي ڪو اهڙو خيال آهي

جو، مون لاءِ اڃان پرايو آهي.

پر آخر! اهو سڀ ڪجهه ڪنهن خواب جيان ڇو محسوس ٿي رهيو آهي؟

ڪٿي، اهو خواب پنهنجي ئي تعبير کان خوفزده ته نه آهي.

يا، ائين ته نه آهي ته،

اهو به اهڙو خواب آهي، جنهن جون تعبيرون به خواب ئي ٿيندا آهن

آخر، انهن ئي سوچن ۾ صبح ٿي ويو ۽

پاڙي جي مسجد جي ملان جي آذان

مون کي سجاڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽

منهنجي اک کلي ويئي.

***

غزل

خليل عارف سومرو

سَچُ ڳوهي وفا کي ٺاهيندس،

پيار تنهنجي بقا کي ٺاهيندس.

سهڻا ٺاهي ڪَلا ٿي فن پاره،

مان وري نئين ڪلا کي ٺاهيندس.

روح ڪنهن جو مرڻ نه ڏئي جيڪا،

صاف سُٿري هوا کي ٺاهيندس.

حُسن هن کي جهڪي ڪندو سجدا،

عاشقي جي خدا کي ٺاهيندس.

زخم جڳ جا سڀئي ڇُٽي پوندا،

درد ڪاڙهي دوا کي ٺاهيندس.

جيڪا رب وٽ قبول ٿي ويندي،

نيٺ اهڙي دعا کي ٺاهيندس.

باعمل ٿي خليل عارف مان،

سهڻو پنهنجي ڪٿا کي ٺاهيندس.

***

غزل

اياز لطيف دايو

مٺي مرڪ سان تون وري اڄ وڻين ٿي،

اکين ۾ ستارا جڏهن ڪي کڻين ٿي.

سُکن جي پرهه جون وفائون وساري،

ڏکن جا ڏهاڙا رڳو تون ڳڻين ٿي.

حياتي اسانجي رڻن ۾ رُلي ٿي،

اڙي رات! ڇو درد هيڏا ڄڻين ٿي.

الئي خواب ڪنهن جا وري تون سهيڙي،

اندر جي گلابي اڱڻ ۾ هڻين ٿي.

اڃاري بدن کان بهارون پڇن ٿيون،

خزان جي پتن جان ڀلا ڇو ڇَڻين ٿي.

اياز جون هُڳائون توسان گڏ هلن ٿيون،

اداسي اندر ۾ مٺي ڇو مڙهين ٿي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments