شاعرينئون

شاعري

غزل
ساحر راهو
تصويرُن، سان تصويرُن جون، ڳالهيون آهن،
خاموشين، جي جاگيرُن، جون ڳالھيون آھن.
ساھ هوا ۾ ڳولين ٿا، ڏس خوشبُو جا،
پاڻيءَ سان ڪُجھ، تحريرُن جون ڳالھيون آھن.
انڌيون اکڙيون پرکي، وٺنديون آهن من،
چنڊ سان جيڪي، اُڪيرُن جون ڳالھيون آھن.
پيشانيءَ تي پيرا، آهن وقت چِٽِيا،
گھائل دل سان ، تقديرُن جون ڳالھيون آھن.
تنهنجي حِجِر کي سال، ٿيا دل پهلُوءَ ۾،
اڄ به وصل جي، تاثيرُن جون ڳالھيون آھن.
تصويرُن جي آھ، نمائش تاريخي،
ريٽي رت سان، شمشيرُن جون ڳالھيون آھن.
اَڄ به ڪاروبار، اُهو آ واعظ جو،
منصُورن تي، تعزيرُن جون ڳالھيون آھن.
آيو ساحر ڪيرُ، گُلابي گهاءَ کڻي جو،
زندانن سان، زنجيرُن جون ڳالھيون آهن.
***
غزل
وسيم سومرو
ڪا سسئي مرڪي مري وئي
ڏونگرن وانگر ڏري وئي
چنڊ جي ٻڏندڙ گهڙي تي
ڄڻ ته سهڻيءَ هئي تري وئي
مون مٿان جادو ڪري ڪو
پيار جي کولي دري وئي
يادگيرين جون هزارين
ٿي وليون دل تي وري وئي
ساٿ ساهن جو ڇني هي
ڪيئن سکي تنهنجي سري وئي
سا لٿي آڪاس تان هئي
جا اڏامي آ پري وئي
ڳوٺ جون ڳالهيون ڪندي هوءَ
گاھ جي بڻجي ڀري وئي
جنهن ڪري ڪاٺيون گذاريو
سا به ڪاٺين جيئن ٻري وئي
ڪا وسيم آشا چپن تي
برف وانگر آ ٺري وئي.
***
غزل
قمرالنساءِ ٽالپر
زماني اسان سان ڀلا ڇو دغا ڪئي
نه پنھنجن اسان سان ڪڏھن ڀي وفا ڪئي
ڪندا ٿا رھن ھو گلائون الڳ ٿي
اسان پو به تن لئه ڌڻي در دعا ڪئي
ڏنا سور ساٿين سدا ھا سھڻ لئه
اسان ڪان تن سان ڪڏھن ڪا جفا ڪئي
نه رشتن سمورن نڀايو ڪڏھن آ
وري آ حياتي مٿان تن فدا ڪئي
اصولن پڪي ڏس قمر آھ ڪيڏي
ڇڏي غم سڀن سان چڱائي سدا ڪئي.
***
ٽي شعر
احمد شاڪر
ايڏي تنھائي اڳ نه ھئي،
يار؛ اڪيلائي اڳ نه ھئي!
– – –
روئي جڳ ٿي روئاري اڄ،
اھڙي شھنائي اڳ نه ھئي!
– – –
لڙڪَ ڇَٽي زرخيز ڪَئي آ،
ھي ڌرتي سائي اڳ نه ھئي!
***
نظم
ڪيلاش ميگهه
تُون ته ڄاڻي ٿي اڳي کان
تُون ته ڄاڻي ٿي اڳي کان،
وڻ سُڪندا ڪونه ھيا،
ڳالهه جهڙوڪ لفظ لهجا،
ڳوٺ ھُن ۾ ڄائي ھُئين تُون،
پوءَ به توکي شهر ڇو؟
روز وڻندو رهيو بدن ۾،
توکي ڪائي سُڌ ڪٿي؟
ته پٽ پوٺا تو بنا،
ڄڻ پکين پئي پير پنهنجا،
سج سان ڦڙڪايا ھيا،
۽ آرهڙ جي لُڪ ٻاٻيهي،
ٻول وسڪاري ٻُڌا،
ترس مرگهڻيءِ تُون نارِي،
تو ته ھرڻ ڄاتو به ڪونه…
رڻ ڪهڙو واءُ اُگهندو؟
سيم اَڇاتر پئي آھي،
۽ سموري بر جو ڪيف!!
توکي ھو لڳيو جڏھن؛
پوءَ به تُون ھٺ پنهنجي،
پنهنجا روڳ سانڍيا ھيا،
قائم ڪهڙا پوءِ رهندا؟
جڳ تُنهنجي پيءُ مالها،
پڳ چاندي جو ڪڪر!!
راج ھو “سنگهاسن” توکي،
گُل گادي ٿي ڀنا پئي،
سڀُ دُلاري چوندا ھيا،
پوءَ به توکي ڪونه ٿي،
تُون وري سڀ وار ويڙھي،
ڪلپ پنهنجا سڀ ڇڏي وئين،
ڪيئي رشتا اُڃ ٿي،
اَونهاري ۾ مور وانگي،
رُخ ڪرڙ جي آڳ ۾،
سهڪندا مرندا رهيا،
جڪڙيل ٻانهون اَڱڻ ۾،
نم نمورين کي ڳنڍيو،
پوءِ به تڙ تي ڪونه ھاڻي،
کل کيٽو رقص آھي،
پوءِ به کوهه سڀ پيا پُراڻا،
اَڄ به ڳوٺ تُنهنجو آھي…
***
غزل
مظهر عباس منڌرو
خـامــوشــي جـا ڏنـگ ھـــوا ۾
رات به هئا ڪي ونگ ھــوا ۾
ھـولـي آئي تنهنجـي گهـر جـا
سـھڻـا وکــريا رنــگ ھـــوا ۾
سـامــايـل ڀاڪــر مــون پـاتـو
تنهنجــا اڀــريـا انــگ ھــــوا ۾
پــاڻ نه دل جــا ذاويه مــاپـيـا
ڪير ڪڍي ويو دنگ ھـــوا ۾
***