شاعري شعور جي علامت: شاعر سندرتا جو اهڃاڻ عابد مهيسر August 2021

شاعر پنھنجي سماج جو ھڪ آدرشي ڪردار ۽ سڀاويڪ ويچار رکندڙ فرد ھوندو آھي ۽ شعوري سگھ ئي شاعر کي ان سڄي مامري سمجھڻ ۽ پرکڻ جي قوت بخشي ٿي ۽ ان نازڪ نفيس، پر اھم عمل طرف مائل ڪري ٿي ۽ سندس سوچون ۽ خيال کيس ذھني طور باشعور بڻائين ٿا تنھنڪري سندس رايا ۽ نظريا به گڻائتا، وقتائتا ۽ گڏوگڏ برجسته ۽ پختا ھجن ٿا ۽ سندس دل حساس ۽ جذباتي پڻ ھوندي آھي، کيس ڪنھن جو به ڏک ۽ درد ڏسڻ ۽ سھڻ جي سگھ نه ھئڻ جي برابر ھوندي آھي، البته سندس ذاتي ڏک ۽ درد سھڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي سگھ ۽ صلاحيت ھوندي اٿس ۽ جي ڏٺو وڃي ته فطرت جي رنگن کي مثبت طريقي سان پرکڻ پروڙڻ جي قدرت طرفان کيس خاص عنايت عطا ٿيل ھوندي آھي. ڇو ته سندس دل ۽ دماغ ۾ انسانيت سان سچو ۽ پڪو پيار سمايل ھوندو آھي. ھڪ شاعر پنھنجي سماج جو حصو ھجڻ جي ناتي ڪئين منظر ۽ مسئلا پنھنجي مطالعي ۽ مشاھدي جي آڌار تي پرکي پروڙي شعر و شاعريءَ جي لبيس ۾ ديس واسين سان ونڊيندو ۽ ورڇيندو آھي ۽ سندس اھا خواھش ھوندي آھي ته سندس سماج سندس خيالن ۽ نظرين کي سمجھي ۽ سھمت ٿئي. اھڙي ريت شاعر جاذب نظر ۽ مجذوب روح به ھوندو آھي ۽ ڪنھن حُسن جي ديوي تي نڇاور ٿي پوندو آھي ۽ دل ڏئي وجھندو آھي ۽ ان طرح عشق جي المناڪ اوجھري ۾ اٽڪي پوندو آھي ۽ ڪنھن مھ لقاءُ مٿان عاشق ٿي پوندو آھي. سندس ويچار ۽ خيال ان الاھي عشق يعني بره جي باھ طرف محو ۽ مگن ٿي پوندا آھن ۽ مٿس نينھن جو نشو طاري ٿي پوندو آھي، ايئن عشق جي الاھي ترار ھر وقت عاشق جي ڪنڌ مٿان لٽڪندي رھندي آھي جيڪا ڪڏھن بيوفائيءَ ۽ بي ثباتيءَ سبب عاشق جو سر تر ٿي ويندو آھي ته ڪڏھن وڇوڙي جي وڍ ڪٽ سان سر ڪٽجي پوندو آھي، پر عشق ھميشه دردن جي دز ارپيندو آھي يا ڪڏھن وري خوشين جا اڻ ميا خزانا به ارپيندو آھي.

جديد سنڌي شاعريءَ جو سريلو شاعر عابد نياز ميمڻ به شاعريءَ سان گھرو سٻنڌ رکندڙ آھي. خاص طور تي شاعريءَ جي اڙٻنگي صنف غزل سان پڪو ربط ۽ ناتو اٿس ۽ سماجي عڪسن اولڙن سان گڏوگڏ رومانوي رنگ به وکيريا اٿس، پر سندس غزل ۾ طرز جي حوالي سان نظم جو رنگ به نظر اچي ٿو، يعني ھڪ لحاظ سان سندس غزل کي نظميه غزل به چئي سگھجي ٿو، تاھم سندس تخيل ڪمال جو آھي:

وفا جي صدا جي حڪايت نه ڪر،

اي زاھدا اسانکي ھدايت نه ڪر.

ظلم جي ڪڏھن به حمايت نه ڪر،

قيامت کان اڳ ۾ قيامت نه ڪر.

اگر جرم آھي ته پوءِ الفت نه ڪر،

مگر الفتن کان تون نفرت نه ڪر.

يا وري ھن غزل کي ڏسبو ته:

سورن سان ڀريل سارو ئي سنسار ملي ٿو،

ھر بار نئين راھ ۾ آزار ملي ٿو.

ھر راھ جو ھر پيچرو دشوار ملي ٿو،

سنگلاخ انھي راھ ۾ ئي پيار ملي ٿو.

ھر يار دغا باز زيان ڪار ملي ٿو،

ھر دوست پريشان شرمسار ملي ٿو.

وڏي چاھ سان ۽ قرب سان اغيار ملي ٿو،

نفرت جي نئين روپ ۾ ڄڻ پيار ملي ٿو.

۽ سنڌيءَ سان گڏ اردو زبان به ۾ شعر و شاعري ڪئي اٿس، پر جذبات جي بحر ۾ خد و خال به بڻائي ويٺو آھي، تاھم سندس غزل، تغزل جي تاڃي پيٽي تي پورو لھي ٿو ۽ سندس موضوع روايتي، پر انداز الڳ آھي ۽ پاڻ تڪبنديءَ کان ھٽي، پر موجزن ٿي غزل لکيو اٿس ۽ سماجي اوسا پاسا منظر عام تي آندا اٿس جيئن ھن غزل کي ڏسبو ته سندس ڌيان ۽ سوچ جي پروڙ پوندي…

سماجي منظر ڪشي ڪندي عابد نياز لکي ٿو ته:

خالي ڳليون، ويران رستا،

ڪنھن تي شايد ڪن ٿا چرچا.

خواب ڳلين ۾ گھمندي گھمندي،

ھن جا ڌروپ ھزارين گڏبا.

ھتي شاعر جي ذھني ڪيفيت ۽ سوچ جي خبر پئي ٿي ۽ اھو به معلوم ٿئي ٿو ته سندس نظر پنھنجي سماج ۽ ماحول تي ھر وقت رھي ٿي ۽ ان جي منظر نگاري سان گڏوگڏ وقت ۽ حالتن کي به پنھنجي شاعري جو موضوع بڻائي پوري صورتحال سامھون آڻي ٿو ۽ ڪنھن حد تائين اھو به پڌرو ٿئي ٿو ته شاعر پنھنجي معاشري جو ھڪ برجستو نبض شناس فرد آھي ۽ سندس سوچون ۽ خيال ھر ويل سندس آسپاس جي حالتن سان ڳنڍيل ۽ جڙيل رھن ٿا ۽ کيس پنھنجي معاشري ۽ ماحول جو فڪر ۽ اونو به رھي ٿو.

يا وري ھن غزل ۾ سماج ۽ انساني سوچ ۽ خواھشن جي رنگ ۾ پنھنجا خيال ۽ ويچار ونڊيندي لکي ٿو:

من ٿو چاھي سانوڻ مند ۾،

چاھت جو چنگ چوري ڏسجي،

نفرت جي ديوارن کي ڀي، ٽوڙي موڙي ڀوري ڏسجي.

ھن انسانن جي دنيا ۾، ھر ماڻھو کي ھر چين ملي،

جڳ ۾ جاني ساعت ساعت،

سڪ جو سڳڙو سوري ڏسجي.

انساني سوچ به وقت جي پاڇي پاڇي سان بدلجندي رھي ٿي ۽ سندس خواب ۽ خواھشون به سندس طبيعت جي مطابق بدلجنديون رھنديون آھن ۽ سندس دل تي ڪيئي رنگ برنگي سپنا ۽ خواب نچندا ۽ ڪڏندا رھندا آھن. ڪڏھن ڪنھن سونھن ديويءَ جي ديدن جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ مٿس قربان ٿيڻ کان به نٿو مڙي ته ڪڏھن وري ڪنھن آس ۽ آرزوءَ جي پويان پنھنجو سڀ ڪجھ وڃائي ويھي ٿو ۽ ان طرح دنيا جي سئو رنگن جي نظر پنھنجي پوري حياتي ڪريو ڇڏي ۽ وقت جي وکن جي نظر ٿيو     وڃي ۽ ان طرح فطرت جي فلسفي کي سمجھندي به نه سمجھي سگھي ٿو ۽ بعد ۾ وري پڇتائيندو رھي ٿو. جيئن ھن غزل جي سٽن ۾ زماني جي منطق کي نروار ڪندي جاذب نظر ويچار ونڊيندي لکي ٿو ته:

زماني جي گردش سان ھلڻو پوي ٿو،

مگر پوءِ به ڇا ڇا نه سھڻو پوي ٿو.

مسرت مروت خلوص وفا جي،

مٺا بدلي ڇا ڇا نه ڪرڻو پوي ٿو.

ھي قانون، قدرت ازل کان ئي آھي،

جو ڪرڻو پوي ٿو سو ڀرڻو پوي ٿو.

ھتي زماني جي ڪارستانين ۽ گردشن جو ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ زماني کان ٿيل ڪار گذارين جي پسمنظر ۾ مليل ڏکن سکن جو تذڪرو ڪيو ويو آھي خاص ڪري ڏکن جي ڏنڀن سھڻ جو ٻڌايو وڃي پيو ۽ قدرت جي قانون کي فلسفي جي فڪر انگيز طرز ۾ بيان ڪيو ويو آھي. ٿورن لفظن ۾ ته قدرت جو قانون يعني ھر عمل جو مڪافات عمل تحت فيصلو ڪيو ٿو وڃي ۽ ان طرح سماجي قدرن، رنگن روپن کي نروار ڪيو ويو آھي اھو عمل ھڪ سلجھيل سماجي ڪردار يعني علمي ادبي شخصيت ئي سر انجام ڏئي سگھي ٿي.

عابد نياز چئن ڏينھن جي زندگي ۽ مختصر حياتي کي خوشين ۽ سک شانتي ۾ گذارڻ جو خواھان آھي، پر وري کيس عيش عشرت ۾ زندگي گذارڻ باوجود انسان جي مايوسي ڏٺي نٿي ٿئي ۽ کيس ان جو ڏک به ٿئي ٿو ۽ سندس ان ڳالھ مان تاثر ملي ٿو ته انسان ڪنھن ڳالھ ۾ به خوش ناھي جيئن عام طور اھو چيو ويندو آھي ته انسان ڪنھن به مند موسم مان خوش نه آھي کيس ڪا نه ڪا پريشاني ھوندي ئي ھوندي آھي. پيار ۽ محبت به انسان جي دل جي دنيا جي ڪھڪشان آھي ۽ جنھن سان به دل لڳي وڃي ٿي سو ئي دل جي دنيا جي چوڏھينءَ جي چنڊ جي چانڊاڻ بڻجي پوري روح نگر کي روشن ڪندڙ ۽ من کي اٿاھ سڪون ۽ سرور بخشيندڙ ھجي ٿو، دل دلبر جي ديدار لاءِ ھر ويل آتي ئي ھوندي آھي جيئن ھنن سٽن ۾ ذڪر ڪيل آھي:

پسون ٿا يار جو جلوو نظارن ۾ اڃا تائين،

زمين تي آسمان ۾ ۽ ستارن ۾ اڃا تائين.

يا وري ھن غزل جي سٽن ۾ پيار الفت جي حوالي سان:

عجب الفت جو مامرو آ، دماغ  منھنجو خيال تنھنجا،

خيال ان ۾ مون خوبصورت، ڏٺا گھڻا ھِن ڪمال تنھنجا.

ھي جوش الفت نيارو آھي نظر اچن ٿا نشان ان جا،

ھي پيچ پاتل اداس اکيون مٺا ھو جاه و جلال تنھنجا.

يا وري ھي سٽون:

موسم بھار آئي نئين سر گلاب جي،

تعريف حُسن جي ٻڌ تنھنجي شباب جي.

تنھنجو ھلي  حڪم ٿو نفس نياز تي،

من تي سدا ھلي ٿي مرضي جناب جي.

عشق و محبت ۽ پيار به انساني زندگيءَ جو اڻ ٽٽ حصو آھي ۽ اھائي انسان جي اصل سڃاڻپ پڻ آھي. دنيائي لحاظ سان ڪو ڪنھن کي چاھي ٿو ۽ مجازي عشق جو ابتدائي قدم کڄي ٿو ۽ ڪي مجاز کان حقيقي عشق طرف ھلندي وڃي حقيقي محبوب جي پيار ۾ پھچن ٿا ۽ مجذوب بڻجي وڃن ٿا. بھرحال شاعر ان منطق کي رومانوي طرز ۽ رڌم ۾ سھيڙي شاعريءَ جي روپ ۾ منظر عام تي آڻي نروار ڪري ٿو.

۽ ھاڻي عابد نياز جي اردو شاعري جنھن ۾ به پاڻ غزل تي ئي طبع آزمائي ڪئي اٿس ۽ سندس اردو غزل به گھڻو ڪري شاعريءَ جي بنيادي صنف نظم جي طرز کي قريب تر نظر اچي ٿو:

ميري حالت دلربا مجهه سي نه پوڇ،

حال ڀي هي خفا مجهه سي نه پوڇ.

هو گئي هي ڪيا خطا مجهه سي نه پوڇ،

ڪهتي هي تيري ادا مجهه سي نه پوڇ.

درد دل ڪي تو دوا مجهه سي نه پوڇ،

ايسي باتين مهه لقا مجهه سي نه پوڇ.

دل سي نڪلي هي صدا مجهه سي نه پوڇ،

ٿي دعا يا بد دعا مجهه سي نه پوڇ.

يا وري ھن غزل ۾:

چاهتا هون تجڪو دي دون هر خوشي سوغات مين،

هو بسر تيري صنم يي زندگي محلات مين.

يي ڀي جينا ڪيا هي جينا ان ديکي حالات مين،

روز حمله ڪرتي هي هر اڪ غمي هر رات مين.

ياد ڪرتا هون تجهي مين سکي دن رات مين،

ياد آئون گا تجهي مين ڀي دکي لمحات مين.

هي فرق جتنا سحر مين شام مين دن رات مين،

هي فرق اتنا عجيب موت مين اور گهات مين.

شاعري بلاشڪ ھڪ آئيني مثل آھي ۽ آئينو سچ کي جيئن جو تيئن سامھون آڻي وائکو ۽ پڌرو ڪندو آھي، ان جي روشنيءَ ۾ زندگي جي فلسفي جا ڪيئي پراسرار راز به سمجھ ۾ اچي ويندا آھن ۽ گذرندڙ زماني جي وقت جي وکن جي دز ۾ ڌنڌلا ٿيندڙ اولڙا ۽ عڪس به شعوري سگھ جي ڪارڻ پورا چٽا ۽ صاف ظاھر ٿيندي نظر ايندا آھن ۽ انساني سوچون ۽ خيال جيئن ته پل پل ۾ بدلجندا رھن ٿا ۽ سندن خواھشون به سندن پسند جي انوسار تبديل ٿينديون رھن ٿيون. جڏھن عشق جي پنڌن پيچرن ۾ آيل اذيتون پنھنجي تاءُ ۽ تابش سان دل ۽ من کي سيڪ ڏينديون آھن تڏھن عشق جي قدر ۽ قيمت جو پتو پوندو آھي ۽ ان اڙانگي سفر بيوفائي ۽ دوکي دغا جا به جيءُ جھوريندڙ ڏک ۽ ڏوجھرا من اندر ۾ مانڌاڻ مچائيندا آھن دل بي اختيار ٿي ڪجھ ڪڇندي آھي:

تمهاري بي رخي هي اور مين هون،

عجيب يي زندگي هي اور مين هون.

اجڙ ڪر يي صحرا هو گيا هي،

جڌر ديکون غمي هي اور مين هون.

تيرا هي خيال رهتا هي هميشه،

يي دل هي عاشقي هي اور مين هون.

شاعر جون سوچون ۽ خيال سطحي ۽ مٿاڇرا ناھن ھوندا، پر شاعر ھر مامري ۽ مسئلي کي وقت ۽ حالات جي پٽاندر گھرائيءَ ۽ اونھائيءَ جي پسمنظر سان پرکيندو ۽ پروڙيندو آھي. تنھن بعد ئي ان تي ڪا راءِ ۽ نظريو قائم ڪندو آھي. ان صورتحال کي تصوف جي تسڪين آميز انداز سان اظھاريندو يا بيان ڪندو آھي ۽ سندس مقصد سندس سماج ۽ معاشري جي مثبت سوچ ۽ فڪر انگيز فضا جو قائم ٿيڻ ھوندو آھي. ان ڏس ۾ سندس جفاڪشيون ۽ جاکوڙون قابل قدر ۽ قابل ذڪر ھونديون آھن. ھاڻي سندس پيغام ۽ نياپي کي سمجھي ان تي عمل پيرا ٿيڻ معاشري جي ھر فرد جي ذميواري ھوندي آھي.

عابد نياز ميمڻ جي شاعري به اسان کي سماجي سمجهه طرف آگاھي ارپي ٿي ۽ گڏوگڏ پيار ۽ محبت طرف به ڌيان ڇڪائي ٿي ۽ ھڪ آئيني ۽ آرسيءَ جيان سماجي اوڻائين ۽ انھن مان پيدا ٿيندڙ ڪڌائپ ڀريا عڪس اولڙا عيان ڪري گڏوگڏ سماجي سڀاويڪ ۽ سڃاڻپ سان سر انجام ڏنل خوبصورتي مان پيدا ٿيل ماحولي مثبت اثرن جي به عڪس بندي ڪري ٿي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments