شاعري مارچ 2021
غزل
جبار“تاثير” سومرو
اوهان کي ڏسڻ ساڻ چاهت وڌي وئي،
پري ڪيئن ٿيان مان رفاقت وڌي وئي.
خلوص ۽ وفا جو قدردان سمجهي،
اوهان ساڻ ويتر صداقت وڌي وئي.
گنهگار هئاسين ته سڀ ڪجهه لٽايو،
اوهان سان ملياسين، شرافت وڌي وئي.
هاڻي پارسائن سان پاسو لڳو آ،
تڏهن پاڻ ۾ آهي لياقت وڌي وئي.
زماني اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاريو،
مگر سڀ کان تنهنجي عنايت وڌي وئي.
ستم سهندي سهندي آ ٻيو در وسايو،
ستمگر سان پنهنجي شڪايت وڌي وئي.
امن جي پکين کي جهٽي بازَ ويا ها،
ڏسي اهڙو منظر بغاوت وڌي وئي.
مداين جي معافيءَ سان “تاثيرَ” جِي،
لٿي مونجهه من تان ۽ راحت وڌي وئي.
***
غزل
اعظم ڀٽي
حياتي به منهنجي جَري ٿي لڳي،
هوا وقت جي ڀي ڳَري ٿي لڳي.
نه مومل نه سومل پُڄي ٿي سگهي،
ڏسو ڇوڪري ڪا پَري ٿي لڳي.
ڪريو زر جو محتاج ماڻهو ڇڏي،
اگر گت زر جي ذَري ٿي لڳي.
رُلايو فڪر جهوپڙي جي سدا،
غريبن کي لوري وَري ٿي لڳي.
گُلن بُلبلن تي چڙهي ڪيف ويو،
فضا باغ جي ڀي چَري ٿي لڳي.
هلو ٿا هلون سوجهرن ڏي ڪهي،
کُليل روشني جي دَري ٿي لڳي.
انگن ۾ ته هن جي عمر آ وڏي،
اڃا ڀي صفا ڇوڪري ٿي لڳي.
پيو سوچيان هن کي ڀُلجي وڃان،
مگر ڳالهه “اعظم” ڳَري ٿي لڳي.
* گت معنى عادت.
***
غزل
وحيد محسن
ماڪ آهي پئي ۽ مَٿان چاندني،
جوت نيڻن سمائي رَکان چاندني.
حال هيڻو ٿيو، چنڊ چاهت ڏني،
آءٌ تنهنجي چمن ۾ اَچان چاندني.
ديس سارو پرين جڳمڳائي پيو،
ٿي سفيدي بکي آ ڏِسان چاندني!
شاعري آ لٿي، ڏات جي ڏيهه مان،
رنگَ، خوشبو وري ٿي، پَسان چاندني.
تون ڏسين ٿي مٺي، شاعري مون رچي،
پيارُ “محسن” ملي ٿو، نَچان چاندني.
***
غزل
ڊاڪٽر عامر گڏاڻي
ٻڌو آ ته مون بن رهي ڪو نه سگهندي
اها به خبر آ چئي ڪو نه سگهندي
هوءَ پوپٽ جي رنگن جهڙي ڇوڪري
اسان جي اندر مان ڊهي ڪو نه سگهندي
ڇهڻ ڏيو اسان کي گلابي بدن تي
حياتي آ ٻيهر ملي ڪونه سگهندي
چوي ٿي ته توکي وساري ڇڏينديس
چري آ، وڇوڙو سهي ڪونه سگهندي
زماني جي پرپيچ راهن مٿان
هلي آهي هيڪل، هلي ڪونه سگهندي
ڀلي هوءَ گذاري اسان بن حياتي
خدا جو قسم آ، کلي ڪونه سگهندي.
***
غزل
کجين جو پراڻو شهر ياد آيو
ڳلي ياد آئي، پڌر ياد آيو.
جڏهن ڀي اٺي جي هوا ڪا گهلي آ
سڄو لاڙ، ٿر ۽ اتر ياد آيو.
وري نيڻ آلا ٿيا ھن اسان جا
وري ڀوڳنا جو سفر ياد آيو.
اٿيون ڪي اڏارون وري شاعريءَ جون
سکئي جي سڳي جو سحر ياد آيو..
کڄيا هٿ اڀ ڏي ڇو ان ويل “عامر”
خدا جو جڏهن ڪو قهر ياد آيو…
***
غزل
امتياز عادل سومرو
ھر وقت خيالن ڪھڙن ۾ تون گم ٿي رھين ڇا سوچين ٿي!
ڪنهن مھل اکين ۾ ڳوڙھا ٿئي ڪنهن مھل وري تون مرڪين ٿي
آ تنهنجي دل جو چين ڪٿي ۽ ننڊاکين مان وئي ڪاڏي،
وئي رات ته ڪيڏي گذري آ چنڊ تارن ۾ ڇا ڳولھين ٿي!
تون لڙڪ اگهي ڇڏ اکڙين جا ۽ وار وکيريل ٺاھي ڇڏ،
ڪجه دل کي ڀي سمجهاءِ ته تون ايڏو به ڀلا ڇو تڙپين ٿي!
ڇا چوڻ ٿي چاھين چئه ته سھي ڇا لاءِ ائين چپ بيٺي آن،
ڪنڊ رئي جي پنهنجي آڱر تي ھر ويڙھين ٿي ھر کولين ٿي!
دل مان به ته منهنجي يادن کي ھٿ ساڻ مٽائي ڇڏ ته چوان،
ھي ڇا ٿي پيو جي منهنجي اڄ تصوير کڻي تون ساڙين ٿي!
ڪجهه مان گم تنهنجن جلون ۾ ڪجهه تون گم منهنجن سپنن ۾،
ڪجهه دل جي حقيقت تنهنجي مان ڪجهه تون به ته منهنجي سمجهين ٿي!
ڪيئن چانڊوڪي چنڊ ڌار ٿين ڪيئن مکڙين کان ٿئي مھڪ جدا،
ڪيئن پاڻ کان توکي ڌار چوان تون منهنجي دل ۾ ڌڙڪين ٿي!
وس پيار ۾ دل تي ڇا ھلندو وک وک تي مڙي ٿي پاڻ ڏسين،
اکڙين کي کڻي ڪوشش به ڪري “عادل” ڏي ڏسڻ کان روڪين ٿي!!
***
آزاد نظم
سليمان سولنگي
ڪهڙي منجهه حساب
رات گذاريسين
ڏينهن به ويندو گذري!
ڪهڙي ڪٿ ڪرين پئي؟
گهڙيءَ گهڙيءَ جي-
ڪاڻ ڪڍين پئي!
جندڙي!
بند ڪر هيءَ جا-
هٿ واڻئي جي
کندي واري بندي!
ها بند ڪر بند ڪر،
منهنجي جندڙي!
رات ته گذري ويئي،
ڏينهن به ويندو گذري!
***
”چاھ“
شاهين سنڌي
وڏي واڪي
ڪري واڪا
سڏيم توکي
صدائون ڏئي
نه آئين تون
نڪو ورندي
ڏنيءَ مونکي
ڪو ڏورانهون
ڏسي مونکي
هليو وئين تون
ائين اڻڄاڻ
بڻجي پو
الائي ڇو
الائي ڇو
اتان پيرين اُگهاڙي مان
ڀڳل دل سان
سُري سِرڪي
رڙهي رِسڪي
ٽٽل هي آنگ آنگ پنهنجا
کڻي در تان
ڀڳل سو
آئينو پنهنجو
ڏسي جنهن ۾
هئس جيئندي
اهو ئي آئينو پنهنجو
ڪِريو پٽَ تي
ڀڄي ٿيو ڀور
۽ جيون ڀي ويو وڍجي
جيئين شل پوءِ ڀي دل ۾
اڃان هڪ آس باقي آ
۽ تن ۾ تاس باقي آ
اڃان توسان ملڻ جو چاھ باقي آ
اڃان هڪ ساھ باقي آ
اڃان هڪ ساھ باقي آ.
***
خالده ابڙو
اڪيلائپ جي رڻ ۾
ڀٽڪندي وڃي نڪتس ننڍپڻ ۾،
ٻاراڻي معصوميت ۾
لڳندي هئي، دنيا خوبصورت ڏسڻ ۾
گذرندو هئو هر پل کيڏڻ ۾
جڏهن ٿي ويندي هئي شام گهر موٽڻ ۾
ته کائي دڙڪا امان جا،
گذرندي هئي جهٽ کن رُسڻ ۾
۽ امان کي وري پرچائڻ ۾
ننڊ به کڻندي هئي امڙ جي هنج ۾
ٻڌندي بيت، آکاڻيون پنهن جي اڱڻ تي،
چنڊ جي چانڊاڻ ۾،
جڏهن ايندو هئو سيارو، ٻاري سگري سرد راتين ۾
سيءُ لهندو هيو، ٽانڊن مٿان هٿ سيڪڻ ۾
ڇا ته سونهن هئي ننڍپڻ ۾
پنهن جي اباڻي ڪهول سان گڏجي ويهڻ ۾.
ڪيڏي ته بي فڪري هئي ننڍپڻ ۾
امان جي ڀر ۾.
***
غزل
عنايت تبسم
ٿي ويا ڀورا ڀورا سپنا
پشم جهڙا ڏورا سپنا
مشتاقن کي ڀيلي ويندا
ننڍڙا ننڍڙا ٿورا سپنا
اوجاڳيل اکين کي جانان
ڪن ٿا ڪيڏا هورا سپنا
آخر ڪوئنرو سڀ لٽي وئي
ليلا جا هئا ڀورا سپنا
توکان پوءِ ٿي پيا آهن
لاوارث ڄڻ ڇورا سپنا
ڪارن نيڻن ۾ پڻ ساٿي
هوندا آهن ڳورا سپنا
***
نثري نظم
مجاز حيدر
دَرِي
ياد اٿئي!
تنهنجي ۽ منهنجي
ڪمري جي وچ ۾
فقط هڪ دريءَ جو مفاصلو هيو
جڏھن به
محبت جو وقت ٿيندو هو
دري تنهنجي آواز ۾ سڏيندي هئي
ته… اچ!
ڪٿي وقت نه قضا ٿئي…!
ان وقت آئون سوچيندو هيم
دريون ڪيڏيون نه پيار جون
پرچارڪ هونديون آهن
شايد!
احساس هوندا ئي درين کي هن
هاڻي وقت جڏهن درياھ جئن وهي چڪو آهي…
۽ گهر به اُهو ڊهي چڪو آهي…
پوءِ به الائي ڇو!
اڄ جڏهن،
نئين گهر جي دريءَ مان،
لئو پاتو
ته اکيون آليون ٿي ويون.
***
چوسٽو
زندگي
قاضي منظر حيات
زندگي ڇو درد سان ڀرپُور آ!
زندگي ڇو ايتري مجبورُ آ!
ڪنهن کي حاصل هر گهڙيءَ آسائشون،
ڪنهن جي لئه هر پل ٿيو ڄڻ سورُ آ!
***

