شاعري

مزمل سائر

اڙي چنڊ، لھي آءُ

ويران بيابان، اڙي چنڊ، لھي آءُ

انسان نه حيوان، اڙي چنڊ، لھي آءُ

چوڌار ائين سڃّ، ائين رڃّ، ٿڪل رات

ڪو واءُ نه ڪو ساءُ نه ڪو ساز نه ڪا بات

اڳتي ته گهڻا رنگ، گهڻا جهنگ، گهڻا روهه

اڳتي ته گهڻا مينھن، گهڻي باهه، گهڻا پوهه

منهنجو ته سفر ڏور، نگر پار، سمئه پار

پر ٿڪّ ڀڃان هيل، اچين هيٺ اگر يار

تو ساڻ ڪيان بحر، ڀنور، ونگ ڀري ڳالھه

هر درد ڀريل، زخم ڏنل، رنگ ڀري ڳالھه

ڪنهن سونھن ڪٺل، عشق مٺل، مشڪ ڀري ڳالھه

ڪنهن رقص رچيل، لڙڪ لڙيل، مرڪ ڀري ڳالھه

جنءِ رات کٽي، پرهه ڦٽي، رنگ ڪڍيا شام

رابيل منجهان ساءُ ڇڪي مون ته ڀريا جام

جنءَ ياد وري، لڙڪ لڙيا نيٺ ڀريا نيڻ

هي هانءُ جليو، ايئن جليو، جيئن جلي ميڻ

ڪنءَ گهاوَ ڏئي دشت، جبل نيٺ بڻيا يار

ڪنءَ پيار ڏئي لوڪ ڏنا گهاوَ، ڪيا وار

پر من ته ستار آهه جهري ٿو ته چوي گيت

پوءِ درد ملي، مرڪ ملي، هار ملي جيت

مون راڳ رچيا، گيت چيا، ڀونءِ ڪيو رقص

چوڌار سُرن موهه ڀريو، وقت بڻيو عڪس

مان پنڌ ڪيان، ساهه ڀلي جسم هجي چور

منهنجو ته سفر ڏور، گهڻو ڏور، گهڻو ڏور

تون آءُ، گهڙي ترس، اچي ويھه، مٺا ڀاءُ

ويران بيابان، اڙي چنڊ، لھي آءُ.

***

غزل

راج راڄپر

ٻاڙَ آ ٻارڻ به آ، ٻَکَ ٿي ٻَپِي آ شاعري

روح ۾ پيوند اکيون، چَپَ ٿي نَپي آ شاعري

واس ۽ وشواس اُڌمن جا کڻي آڪاس مان

آيتون بڻجي ڇڻي، سا دل جَھپي آ شاعري

تون اندر جي سرد خانن، مان اٿي ٻاھر ته ڏس

ڪيتري آ ڌر تتي، ڪيڏي تَپي آ شاعري

ڀُونءِ جي ڀاڪر منجھان، کِسڪيو قلم افسوس آ

بي ڏَپا ھي گيت تنھنجا، بي ڏَپي آ شاعري

اڄ ڪَلا جي ڀونءِ جا، گل گونچ ٿا مُرجھائجن

وڻ ڪپيو ڄڻ ڪنھن، ڪهاڙن سان ڪَپي آ شاعري

ڪنھن ڪڃر کان نيچ تر، وَيڪُو ڪَويء جو مانُ ڇا

دين ڇا ايمان ڇا، در در کَپي آ شاعري

وقت جَي وِڙواند سان، ويڙهاند ٿيڻي دوبدو

ڪاتَ ٿو قاتل ٺَپَي ۽ مون ٺَپي آ شاعري

آجپو سنديس جنھن جو; ديس، مذھب: ماڻھپو

ڪُل حدون ڪُل سرحدون، ٽوڙي ٽَپي آ شاعري

ٿَرَ مٿي اَوٿر گّهٽا، جل ٿل ڪنول ڪينجھر مٿي

پوپٽن جَي پَر مٿي، ڪومل پَپي آ شاعري

جنھن سمايو سونھن ۽ ساڻيھ کي پاٻوھ سان

سا رسالن ۾ ته ڇا، دل ۾ ڇَپي آ شاعري

راج! ڦاسي گھاٽ تي، پڻ ڳاٽ ٿي اوچو رکي

۽ قبر مان پئي بَکي، ڇا بي ڊپي آ شاعري.

***

رهبر ڀٽائي

امداد جوکيو

ڀلا ڀاڳ پنهنجا آ رهبر ڀٽائي،

خدا جي نبيءَ جو آ دلبر ڀٽائي.

…..

ڀٽائي جو جنهن به رسالو پڙهيو آ،

اهو طرف حق جي هڪدم لڙيو آ،

اکر تنهنجو هرهڪ آ انور ڀٽائي.

…..

شرافت جو ڏسڙو سندس بيت ڏي ٿو،

چڱو لکجي پڙهجي اندر پنهنجو چئي ٿو،

بلا شڪ سڀن کان آ برتر ڀٽائي.

…..

آيتون قرآني سڀئي تنهنجون وايون،

چپن سان چُمي ٿا اکين تي گھمايون،

سڄي ڏيهه منجھه آ اختر ڀٽائي.

…..

لکين ۽ ڪروڙين قلمدان آيا،

مگر تن جا ٿي ويا اوجاڳا اجايا،

انهن ئي سڀن کان آ بهتر ڀٽائي.

…..

لکيو جيئن ڀٽائي لکڻ تيئن ڏکيو آ،

پنهنجي حال تي هر ڪنهن چڱو ئي لکيو آ،

تنهنجي ته مدد ۾ آ پرور ڀٽائي.

…..

ٿَرن ۾ بَرن ۾ جَھنگن ۾ جَھرن ۾،

مارن مالوند سانگين جي گَھرن ۾،

مٺا چرچو تنهنجو آ گھر گھر ڀٽائي.

…..

اَڇا کير جهڙا سڀئي بيت تنهنجا،

رکن ٿا نيڻن تي جذبا هي منهنجا،

سڄي سنڌ چوي ٿي آ سمندر ڀٽائي.

…..

وڃي ڏس صحن تي ملندئي سُرور،

وسي ٿو قبي تي عربيءَ جو نور،

سڄي روءِ زمين تي آ منور ڀٽائي.

…..

تنهنجي عشق جهڙو عشق عطا ٿئي،

حقيقت لکڻ کان نه قلم جدا ٿئي،

نه وڃڻو مون کي آ ٻئي دَرِ ڀٽائي.

…..

تنهنجي آسري آ سڄي سنڌ ساري،

آڻي روشني ڪڍو اوندهه ڪاري،

مدني هي توسان آ سرور ڀٽائي.

…..

رکيل ۽ چيزل کي ٻيهر ويا رَنجائي،

ويا طوق لعنت جو پنهنجي ڳل ۾ پائي،

پِٽيل ڪاڏهون آيو آ لشڪر ڀٽائي.

…..

جيئن ڪربلا جو واقعو پيش ڪيو تو،

ڪري ڪونه سگھندو ها ليکڪ ائين ڪو،

جيئن تو چِٽيو هي آ منظر ڀٽائي.

…..

خودڪش حملن لکين ماڻهو ماريا،

ٽُڪرَ گوشت جا تِن اُڀَ تي اُڏاريا،

رنجايو يزيدن آ قلندر ڀٽائي.

…..

وسائيندو رحمت جون ڪَڻيون پاڪ مولا،

مرشد منهنجو آ حيدر ڀٽائي.

…..

بزم سچل جي آهي توکي پارت،

نڀايان انهيءَ سان ”جوکيه“ آهي حسرت،

ڪندين تون بلا شڪ بهتر ڀٽائي.

***

غزل

شاهه زمان ڀنگر

آئينو ديوار ٿو بڻجي ڪنهن ڪنهن لئه،

اوسيئڙو ڀي سار ٿو بڻجي ڪنهن ڪنهن لئه.

وقت کسي ويساهه ڪري ٿو ويچارو،

لمحو لمحو بار ٿو بڻجي ڪنهن ڪنهن لئه.

هو جو ٻالڪ جنگ وڙهي ٿو جيون جي،

کٽڪو ڀي للڪار ٿو بڻجي ڪنهن ڪنهن لئه.

نير اکين جا نيٺ اگهي نڪتو آهي،

زخم به ڪو هٿيار ٿو بڻجي ڪنهن ڪنهن لئه.

ٽوليون ٽوليون ٽهڪ جواني ٻهڪي ٿي،

موهيڙو به مار ٿو بڻجي ڪنهن ڪنهن لئه.

***

غزل

خليل عارف سومرو

ڪهاڻيون مٽيءَ جي اکين جون هيون

ڪٿائون انهن ۾ صدين جون هيون

ٻچا ٻار بُک جي وگهي ٿا مرن

ٻُڌيون ڪنهن نه دانهون ٿرين جون هيون

شڪارين ته راکا به ظالم رکيا

حياتيون کسيون ويون پکين جون هيون

اَجهو ڦند سان بند پاڻي ٿيو

پڪارون اهي ئي ندين جون هيون

نه ڪو اُڀ ڏريو هو نه ڌرتي ڌڏي

لٿيون موسمون خودڪشين جون هيون

قلم مان اجالو ڦُٽي نڪتو هو

هي ”عارف“ سٽون روشنين جون هيون

***

غزل

اصغر شر

اسان جا نيڻ آوارا، نهارن ٿا پرين توڏي،

رڳو هڪ مان نه سڀ سارا، نهارن ٿا پرين توڏي.

متو جو عشق جو ميلو، انهيءَ جو ڪو سبب هوندو،

ڪٺي سڀ ٿي حسن وارا، نهارن ٿا پرين توڏي.

ضروري ناھ سڀ هتڙي هجن دل صاف ۽ اجرا،

گهڻا ئي پر نظر ڪارا، نهارن ٿا پرين توڏي.

پڇو جي سچ سڄڻ سائين، اوهان مرڪي هلو ٿا ني،

خدا ڇا پر، ٻنيون ٻارا، نهارن ٿا پرين توڏي.

اڪيلو ڪين ڇڏ اصغر! گهڻو ئي دل رني آهي،

نه ڍاپن ٿا اسان پارا، نهارن ٿا پرين توڏي.

***

نسرين ابڙو

هي جهان هي زمانو آهي ڪهڙو!!

هي ملڪ جو فسانو آهي ڪهڙو!!

هي ٻوڙا ۽ گونگا ماڻهو سڀ  هتي جا،

وقت ظالم جو ترانو آهي ڪهڙو!

ڀڄ ڊڪ هر طرف ڪهڙي آ يا خدا!

ڪٿي ڪو سڪون ناهي هنگامو آهي ڪهڙو!

عزت جو اگهه هتي آهي رڳو ٽڪو

ظلم جي هي ناچ ننگو آهي ڪهڙو!

محبت ۽ ميٺ جا ويا دور گذري

رهجي ويو هتي افسانو آهي ڪهڙو!

مال ملڪيت ۽ مڳي ويندئي کسجي..

سمجهي ئي ڪونه ٿو ديوانو آهي ڪهڙو!

***

نثري نظم

آسرو

سانگي شبير ڪنڀر

سچائي جي انهيءَ آسري ۾ زندگي کي

ڇڏي ڪنهن سچن ماڻهن جو انتظار پئي ڪيم

ته اهي هڪ ڏينهن ضرور موٽي ايندا

جڏهن اهي واپس وريا ته انهن کان ڌرتي

تي هلڻ ئي وسري ويو.

***

غزل

فرزانه شاهين

ڪيان ڪيئن آئون، جدائي ڏکي ٿي!

پئي قلب من جي خدائي ڏکي ٿي.

محبت ڏني ڪالهه تو پاڻ جيڪا،

پرين! ريءَ سا ئي محبت ڏکي ٿي.

کڻي قياس پل پل هلي ڀونءِ تي جا،

جڳت ۾ اڪيلي ڀلائي ڏکي ٿي.

ڪُڏي ڪُوڙ ٿو هر قدم شور بڻجي

مگر ماٺ بڻجي سچائي ڏکي ٿي.

ڏسي ڪير ”شاهين“ هي ڪِيس هيڏو،

سڄي سنڌ تنهنجي ڀٽائي ڏکي ٿي.

***

غزل

اقرار جوڻيجو

ڀُليا تُنهنجو نه ڀَيرو ٿِيو،

سَڄو آ ٿَر ٿَڌيرو ٿِيو،؟

ڀِٽُون ڪَشَمِير جَو مَنظر،

وَڻَ وَليَن جَو گِهيرو ٿِيو!

پُسَيل ڀَاڪُر پَروڪَا ڪِٿ،

نه ڪِين نَيڻَن نِبَيرَو ٿِيو؟

جَهپَي دِل بَاز بَڻَجي تَو؟

اَسان جَو هانُ ڳِيرَو ٿِيو،

ڪَڏهن بَارش بَدن تُنهَنجَو

وَڪَڙ ۾ نَه وِڇيرَو ٿِيو،،

سَراسَر سِڪ تُنهَنجَيءَ ۾

مِٺا هِي مَن، کِيرَو ٿِيو،،

چَيئي ٿِي ڪَالهه اِيندَس

اَچَڻ تُنهَنجَو ڊِگَهِيرَو ٿِيو

چَيو تَو مَان ڪَريان شَادِي

اُهو جُملو تَه ڇَيرَو ٿِيو،

وَڃڻ ڏَي زِندَگَي مُون کِي

اَلئه ڪَاٿِي اُڏيرَو ٿِيو!!!

پَڪَڙجِي پَيارَ پِيَو پَنهَنجَو

تُنهَنجَو وَارِثَ وَڏيرو ٿِيو.

***

زاهد ابڙو

ظالم اڳيان جهڪڻ جابر کي سائين ميان چوڻ

اسان کان نه ٿيندو…

سنڌ آهي صدين کان پنهنجي ۽ رهندي هڪ سدائين،

غير هنئي آ ڄاڙي اهڙي غدار جو سنڌ ۾ رهڻ،

اسان کان نه ٿيندو…

سوچي پنهنجي لاءِ زندگي جي اصل مقصد کان هٽي ڪري

اهڙي بي مقصد زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي لاءِ سوچڻ،

اسان کان نه ٿيندو ….

جنهن ۾ احساس ذرو به ناهي دل ۾ رحم جو ڦڙو به ناهي

اهڙو بيڪار بي قياس بيغيرت ٿيڻ،

اسان کان نه ٿيندو…

نياڻين کي رنجائڻ امڙين کي ڏکائڻ مصيبت ۾ ڪنهن کي ڏسي

ائين ئي نظرانداز ڪري لنواڻ ستائڻ،

اسان کان نه ٿيندو…

دوستن کي خاميون خوبيون منهن تي چئي ڏيندا هون،

پر پُٺ گلائون غيبتون ڪرڻ،

اسان کان نه ٿيندو..

سڌي راهه تي هلڻ وارن جو ساٿي آهيان سر به قربان آهيان ڪندو

باقي پنهنجي مقصد لاءِ دوستن کي آزمائڻ،

اسان کان نه ٿيندو…..

زندگي ”زاهد“ اصول سان جيئندا هون رکي سکي کائي،

باقي پروان ٽڪرن تي يار پلجڻ،

اسان کان نه ٿيندو….

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments