شاعري

الوداع الوداع اي سنڌ الوداع

غلام علي کوساڻي

ھڪ 70 سالن جو سنڌي پوڙھو،

يورپ مان 45 سالن بعد اچي پيو،

ست سمنڊ پار کان ڪاھيندو،

اوپري فضائن مان اڏامندو

اباڻي وطن جي عشق ۾،

ڌرتي جنھن جيئدان ڏنو،

پنھنجي مادر علمي ڏانھن،

جنھن علم عقل اعتماد ڏنو،

اڌ صديءَ بعد،

ڪئي داستان دل ۾ کڻي،

ڪيترا ارمان محبت جا ماڻا کڻي،

اچي پيو، شايد آخري بار،

ڪراچي ايئرپورٽ لھي ٿو،

ڌرتي ماءُ کي سجدو ڪري ٿو،

ھوٽل تي آرام، ٻئي ڏينھن نڪري ٿو،

ڪار ھائر ڪري سنڌ ۾ ھلي ٿو،

سج جڏھن ھندوڪش جبل تي ڪنڌ رکي ٿو،

سنڌ يونيورسٽي جي اچي چانئٺ چمي ٿو،

علامه آءِ قاضي، امان ايلسا جي قبرن تي،

بيھي لھندڙ سج کي ڏسي ٿو،

صبح شام رات، اونداھي ۽ موت جا خيال،

ڪنڌ جھڪائي سوچي ٿو،

اڌ صدي اڳ، اٻوجھ ڳوٺاڻو اچي ٿو،

مادر علمي، معزز استادن ھن کي،

علم عقل ھنر ۽ وقار ڏنو،

قوم وطن جو پيار ڏنو،

روشن خيال رستو ڏنو،

تنظيم سرگرم عمل ڏنو،

ڪاميابين قدم چميا،

اوچي اڏام لاءِ آسمان مليا،

سير و سفر دنيا جا ڪيا،

قربتون محبتون پيار مليا،

مغرب جي موجن موھي وڌو،

يورپ جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو،

وچن پنھنجا سب وساري ويٺو،

مال دولت سڀ ڪي مليو،

ڌرتي ماءُ کي وڃاءِ ڇڏيو،

سچ و حق کي ڇڏي ڏنو،

وطن مون کي سڀ ڪي ڏنو،

پر مون ڌرتيءَ کي ڇا ڏنو؟

ڪوبه تعميري تخليقي ڪم،

علمي ادبي سائنسي عمل،

قوم وطن انسانيت جي لاءِ،

ڪجھ نه ڪيو، مون ڏوھ ڪيو،

گنھگار مجرم بيوفا بڻيو،

غدار موت جو سزاوار ٿيو؟

آڌي رات اونداھي فنا،

سوچن خيالن جا سلسلا،

مايوسي پڇتاءُ جا ڳوڙھا،

ڪمزور بيمار آھستي اٿي ٿو،

ھٿ جوڙي ڪنڌ جھڪائي ٿو،

لڙڪ لاڙيندو معافي طلبي ٿو،

مريضانه چال واپس وري ٿو،

درياھ سنڌ تي اچي ٿو،

المنظر تي ڪافي پيئي ٿو،

ڀنڀرڪي جو درياھ جي دھشت ڏسي ٿو،

ھن کي لڳو، ڇوليون ڳالھائين پيون،

لھرون ڪاوڙ ۾ ڪجھ چون پيون،

تون مجرم بيوفا گنھگار آھين،

علامه ته پاڪ و پوتر روح ھو،

پاڪ پاڻي ۾ پاڪ روح سمايو،

تون ناپاڪ داغدار آھين،

تو ڌرتي ماءُ سان دغا ڪئي آ،

تنھنجي سزا بيشڪ موت آ،

پاڪ پاڻي پوتر زمين نه قبوليندا،

غيرن جي زمين ۽ ننڌڻڪو موت،

نالو نشان نه تنھنجو رھندو،

اونداھين ۾ غرق ٿي ويندو،

ڳوڙھا ڳاڙھيندو وري اٿي ٿو،

ميرانجهڙي اسر جو واپس وري ٿو،

ڪراچي اچي فلائيٽ پڪڙي ٿو،

سنڌ توکي الوداع، امڙ توکي الودع،

غيرن جي گمنام فضائن ۾،

گم ٿي وڃي ٿو،

ھميشه ھميشه جي لاءِ.

***

غزل

محمد علي پٺاڻ

جيئن تنهنجي تات آئي،

اکئين، مند برسات آئي.

ننڊ پيتو ڏينهن کي جِتِ،

ڊوڙندي اُتِ رات آئي.

وڄ وراڪي روپ ڌاري،

شاعريءَ ڏي ڏات آئي.

ڪُڪُڙُ ڪَڇَ ۾، ڀُنئِن، جھالت،

ھارَ پاتا، مات آئي.

ڀيلڙي تي اڄ به سُھڻي،

واڳُئُنِ جي وات آئي!

تو پُڄاڻان پير پائي،

گهر نه مون پرڀات آئي.

***

غزل

قاضي منظر حيات

خوابَ جُدا تعبيرون ساڳيون،

غُربت جون تقديرون ساڳيون.

گهائيل چَهرا، سُڏڪيل سوچون،

بي رنگ سڀ تصويرون ساڳيون.

ڏاهن لئه مفتيءَ جون هر پل،

فتويٰ ۽ تحريرون ساڳيون.

ڄڀ ڪپيل، اظهار اڌورا،

ذهنن تي زنجيرون ساڳيون.

وقت، فضا ۽ فطرت بدلي،

پنهجون ڀاڳ- لڪيرون ساڳيون.

سجُ کاري ۾ قيد ڪرڻ لئه،

چمڙن جون تقريرون ساڳيون.

سنڌڙي منظر سُر ڪيڏارو،

سنڌو- باندي لهرون ساڳيون.

***

غزل

ڪريم چانڊيو

سنڌو تي رات هوءَ هُئي ڪپر تي سوجهرو هيو،

ملاح منزلن پڳا سفر ۾ سوجهرو هيو.

رلي ۾ شب چراغ جيئن ٻري پي ٻاٽ ۾ سکي،

هوا تي جيئن پلئه ھٽيو ٿيو گهر ۾ سوجهرو هيو.

هوءَ عشق جي امين هُئي وفا جي سر زمين هُئي،

سسئي جي پير پير سان ته بر ۾ سوجهرو هيو.

مون مسجدن ۽ مندرن ۾ روشني ڏٺي رڳو،

غريب ناتوان جي نه گهر ۾ سوجهرو هيو.

اڱڻ جي اوٺڙي اڳيان هُو ڇال ڇال ڇال چوان؟

ڪيو پي رقص جوڳڻين ۽ ٿر تي سوجهرو هيو،

چڱو هو مڙس ڳوٺ جو، مري ويو ته سڃ ٿي،

ڪراڙي پي لڏي چيو ته تر سوجهرو هيو.

***

نثري نظم

اسلم هزار چانڊيو

راڻي!!

مان جيڪي خواب ٿي ڏٺا،

اھي سمورا خواب

توکي

پنھنجو ڪرڻ جا خواب ھيا

جن خوابن جي پورائي لاءِ

مون پاڻ وڃايو

رولاڪ ٿيس تنھنجي شھر جو

انھن رولاڪين ڪارڻ

زندگي ھڪ اھڙي ڪھاڻي بڻجي وئي

جيڪا ڪڏھن پوري ناھي ٿيندي.!

تنھنجي خاموشيءَ ڪيڏي پيڙاءُ ڏني،

تنھنجي خاموشي تي

عرفان لنڊ جون ھي سٽون

ياد اينديون آھن!

”ايڏي خاموشي مان ڇا سمجھان؟

خدا بڻجي ويو آھين ڇا؟“

تون خمار جي خاموشي آھين

خاموشي جي ختم ٿيڻ جو انتظار ھيو

انتظار جنھن ۾ اذيت ھوندي آھي،

ماڻھو ويران ٿي ويندو آھي،

سيراب واري زندگي سراب لڳندي آھي

راڻي!

تون منھنجي ناھين!

رھجي ويل خواب آھين!

جيڪي خواب ھاڻ

خلا ۾ اُڏامي ويا آھن…!

ھا راڻي!!

منھنجا سمورا خواب خلا ۾ اڏامي ويا آھن

خوابن جا عڪس ڌنڌلا ٿي چڪا آھن!!!.

***

وائـي

اي . آر . آزاد

اکين اڇلايو،

        نينهن نِرالو ٿي پيو.

ڏسندي جو ڀن تاوَ کي.

سانجهيءَ شرمايو.

          نينهن نِرالو ٿي پيو.

سوڪهڙي جي سينڌ کي،

پاڻيءَ پرچايو.

           نينهن نِرالو ٿي پيو.

ڏَئي ملڻ جو آسرو،

توڀي ترسايو.

        نينهن نِرالو ٿي پيو.

***

غزل

احسان آڪاش

انسانن تي قياس لکان

ڪهڙو مان اتهاس لکان،

جڳ سارو آ ٺڳيءَ جو ٺاهه

هِت ڪنهن جو احساس لکان،

رات دير تائين چنڊ رُنو پئي

ڳوٺن، شهرن تي راڪاس لکان،

بک جو مذهب پيٽ آ پيارا

ڇا دين جو وشواس لکان،

نفرتن جي اُس ۾ سڙن جي

اها بدبوءِ ڪيئن آڪاش لکان…؟

***

غزل

خليل عارف سومرو

اکيون گيت هن جون، بدن شاعري

گهڻا ئي ٿا هن تي لکن شاعري

چُمي پير هن جا هوا خوش ٿئي

سندس مُک تي گل ٿا رچن شاعري

ڪڪر زُلف ڪارا مکڻ چاڻا ڳَل

چپن کي ٿا هن جي چون شاعري

ڪيئي چنڊ هن تي ڪهاڻيون لکيون

لکي هن تي آ پوپٽن شاعري

غزل ويس هن جو پايل هن جي نغما

سڳين جون چڳون ڀي لڳن شاعري

ڄمون ٿا، جيئون ٿا، مرون ٿا اتي

اسان جو ته آهي، وطن شاعري

زماني ۾ “عارف” امر ٿي اُها

ڇُهي جيڪا هن جي چپن شاعري

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments