مـــائــــي جـــنـــدو راج راڄپر شاعري Aug 2020
انياءَ مُنھان مُنھن گھاءُ کڻي ۽ پل پل جو پيڙاءُ کڻي
اونداهه نگر ۾ راهه بڻي، سا جڳمڳ مائي جندو آ
ڪالھه اُمالڪ ڪاھي پيو، ڪَڙڪيل ڪُمڪ ڪنھن وستيءَ ۾
وحشت جو سو وَير ڪُمھلو، ڀَڀڪيو پئي بدمستيءَ ۾
ھڪ وِرد اُچارن ورديءَ جو، ٻيو ڌرتيءَ سان ھمدرديءَ جو
گھر گھاٽ لتاڙي حربن سان، ڪن پيرو دھشتگرديءَ جو
گھر پال گھريچا گھوٽ کڻي، ڪنھن ڏُور ڏِسا ۾ اوجھڙ ٿيا
پَئِي ويڙھيچن ۾ واويلا، مفلوج سوين ڪي بي ڌڙ ٿيا
ڪُل کيت خزان ٿيا اولڙ ٿيا، اڄ آسڻ آسڻ لاشا ٿيو
گل گونچ ڪليون ڪل ڪوماڻيون، اندوھ! اَلا لا ھيءُ ڇا ٿيو
ھيءُ ڊوھ سراپا ھيءُ ڇا ٿيو، بي ڏوھ به ڏوھي ڪيئن مڃان
ڪنھن ديش ڀڳت جي نانءِ نچن، سي ديش دروھي ڪيئن مڃان
نردوش مُٺا اڄ لعل ڪُٺا، وئي آس لُٽي لڱ ڪانڊاريا
ڏئي جھير اندر مان نير ڦُٽا، وئي آس لُٽي لڱ ڪانڊاريا
ھر اک ٿي واڇڙ نيسارا، ٿي آھون دانھون ڳوٺ ڀِنو
ٿيو ماتم پٽڪا پاراتا، ٿي ڪَرب ڪَٿائون ڳوٺ ڀِنو
ان پاڙي روڄ ۽ راڙي ۾، ڪا ماٺ انوکي مائي ھئي
ڪا شايد سورن ڄائي ھئي ۽ سورن ۾ سامائي ھئي
ھر لڙڪ لِڪو ٿيو ڪافوري، ڪنھن ٻِڙڪ نه ٻاھر ٻاڦوري
ھِن پورن کي پرڻام ڪيو، ھر گھاءُ سنڀاليو ناسوري
پئي پِنبڻين پويان پُور پڪا ۽ گُھور ۾ گھايل گھرائي
ڳوڙھا نه ڳڙيا سي ٻارڻ ٿيا، تن آڳ اندر ۾ ڀڙڪائي
تنھن ماٺ سمائي ڪڙڪائي، اظھار ڪُراڙي ماءُ بڻي
اڻموٽ ارادا سَنھُن سندرو، للڪار ڪُراڙي ماءُ بڻي
جھونجھار ڪُراڙي ماءُ بڻي، ڪنھن جھوراڻي کي جھرلورڻ لئه
هِن پاڻ پچايو سانجڻ ۾، ٿي پاڻ بُڻاٺيون سورڻ لئه
۽ قاتل جو ڪنڌ ڪورڻ لئه، سِر ساھ به پنھنجو سَھسايو
ھِن پاڻ رکيو ھر گھاءُ سَڄر، ھر تاءُ وِھاٽئو ورجايو
ھر دم کي غم سان گرمايو ۽ پاڻ ڪُندن جو ڪارڻ ٿي
سانداڻ وَڏاڻ ۽ پاڻ ڌَنوڻ، ھوءَ لوهه به ٿي لوھارڻ ٿي
بي چين بَٺيءَ جو ٻارڻ ٿي، ھوءَ چاليھي ۾ آڳ ڄڻي
انياءَ مُنھان مُنھن گھاءُ کڻي ۽ پل پل جو پيڙاءُ کڻي
اونداھ نگر ۾ راھ بڻي، سا جڳمڳ مائي جندو آ
ھُت ڏاڍ ڏمر ڏھڪاءُ سدا، ھِت قياس ڪھل ڪهڪاءُ سدا
ھُت وڍ ٽُڪ جو ورجاءُ رھيو، ھِت گھايل دل ڪُرلاءَ سدا
ھِت گھر گھر سُڏڪا گھوٽ ڪُٺا، ھُت تمغا تحفا تحسينون
ھُت ٽھڪ سلامي توبن جي، ھِت لڙڪ ۽ لاشا تدفينون
ھِت ماٺ مٺيءَ ۾ چنگ بينون، ھُت ڇا ته طبل تُوتار وڄن
ھٿيار ھُشي ٿيا ھيڻن تي، يَمراجَ ڪري يلغار وڌن
ٿي ديس ڌڻين تي وار وڌن، ڪل ڌارين کي آباد ڪري
ٿا رياست زندھ باد مڃن، ڪل ماروئڙا برباد ڪري
ھر حيوانيت آزاد ڪري ۽ انسانيت کي قيد رکي
سي وحشي آدم خور بڻيا، اڄ ماروئڙن جو ماس چَکي
تنھن ڏاڍ ڏمر جي سيني ۾، ڪا ھوريان ھوريان مات تَڳِي
ھئي ڪالھه تنبورن جي تن ۾، اڄ تندورن ۾ تات تَڳِي
جا ممتا جي من آڳ لَڳِي، سا واھڻ وستيون اورانگھي
ھُن ڪوس نگر ۾ ڪاھي پئي، ڪل مڳ ۽ مستون اورانگھي
ھر ھيبت ھستيون اورانگھي، ڪُر قاتل کي للڪار بڻي
ڪو رِياءُ نه نوبت نِياءُ کپي، ڌُر عادل کي للڪار بڻي
ھوءَ درد منجھان دڌڪار بڻي درٻار اَلوٽ به جاڳي پئي
ٿي دھشتگردي ورديءَ ۾، ھِن وار ته ڇُوٽ نڀاڳي پئي
ھِن وار ته ممتا جاڳي پئي، راڪاس رنڀيو تنھن ماءُ ڪِنان
اُمراءُ ڪٿي انياءُ ڪنبيو، ڏھڪاءُ ڪنبيو تنھن ماءُ ڪِنان
ڪنھن خوف لچڪ ۽ لوڀ بنان، ھِن خون جي بدلي خون گُھريو
اڻموٽ ارادن جي من ۾، اڄ آخر “ڪُن فَيَڪون” چُريو
۽ لٺ جي ھَٺَ جو دُون ڀُريو، ڪل ھٿيارن جي ھوڏ ٽُٽي
ھر آپي خاني فاني ٿي، ڪل ڀوتارن جي ھوڏ ٽُٽي
ڪجھه ڪوس نگر جي لوڏ ٽُٽي، ڪجھه ڪات ڪٽھڙي ۾ آيا
ڪنھن سَينور سَر جي واڳن جا، ڄڻ وات ڪٽھڙي ۾ آيا
ھو ڇا ته ڪٽھڙي ۾ آيا، ڪا ڄڻ ته قيامت برپا ٿي
ڳچ وقت عدالت وڃرايو، بي ربط ھزارين حربا ٿي
ٿيا حربا کوڙ تجربا ٿي، بيڪار بڻيا بي سود بڻيا
بدڪارن جا بدمعاشن، جا ڪل منصوبا نابود بڻيا
سچ سا مُنھن سي مردود بڻيا، ھِن ڦيرائي آ ھَيل فَضا
قارونن ۾ فرعونن ۾، دل ڪاھي پئي ڄڻ پاڻ قضا
ٿي ڪاتَ ڪِرت کي موت سزا، جا ڪوس نگر کي ڪانه وڻي
انياءَ مُنھان مُنھن گھاءُ کڻي ۽ پل پل جو پيڙاءُ کڻي
اونداھ نگر ۾ راھ بڻي، سا جڳمڳ مائي جندو آ
ڪوس نگر جا ڪات پُٽيلا، سياست گار مَڪاريون ڌِيئرَ
دورنگي دولابي رشتا، پُڃ جي رُڃ ۾ پاپي پِيئرَ
پاڻ پڻي مان ڄاپِي ٻيھر، ٻيھر ڪا نئين چال بڻيا
۽ لٺ سان چٺ ٻئي ساڻ ڪري، ڪنھن ورديءَ وِت جي ڍال بڻيا
رت ڇاڻ سندا اعمال بڻيا، اقوال ۾ “قومي ايڪو” آ
پاڙھن ته اياز ۽ شيام نه پر، اقبال ۾ “قومي ايڪو” آ
ھي جيڪو “قومي ايڪو” آ، ڄڻ حيوانيت کي ٽيڪو آ
ھُن دھشتگردي پاڻ ڄڻي، سو ڪوس نگر ئي پيڪو آ
اڄ لٺ ۽ چٺ ٻئي قائل ٿيا، ھمدردي ھلچل ورديءَ لئه
ڪنھن سوچ ۾ پل پل بيڪل ٿيا، ھمدردي ھلچل ورديءَ لئه
ٿي مايا مائل ورديءَ لئه، ڪا رکجي رَت جي ڌوراڻي
اوقات ڪِرائي تي وٺجي، ڪا ڌُوتياڻي ڪا ڌوٻياڻي
درٻار سَلٽ ٿي چوراڻي، ٿيو قاتل لئه ڪمزور رَسو
انصاف اَھن ٻي توراڻي، ٿيو قاتل لئه ڪمزور رَسو
سو نيٺ ڇِنائي ڍور رَسو، ڇڙواڳ وري ڪا ڀيل ڪندو
ھُن ڪالھه ڪيا جي وستيءَ ۾، ھو ھيل به ساڳيا ويل ڪندو
ھو خون وھائي کيل ڪندو، سو ماءُ مُٺيءَ پئي ويچاريو
دل ڄاڻ دُکي ڀڙڪاٽ ڏنا، بي چين بُٺيءَ پئي ويچاريو
انياءَ ڪُٺيءَ پئي ويچاريو، سا چوواٽن تي نڪري پئي
ھوءَ حاڪم زادي زينب ۽ ھيءَ مائي جندو ساڻ ٽئي
ٻِن پاڻُ جلائي دانُ ڏئي، ڪو رياست مُنھن تي ڀُونڊو ٿيون
اونداھ نگر ۾ پاڻُ ڇَٽي، ڄڻ چانڊوڪين جو چُونڊو ٿيون
ٿيو ڏيھه چِٽاڻا ٽانڊاڻا، اک اک ۾ باک اُجالن جي
سَڏَ سَڏَ ۾ ساٿ سويرن جو، وِک وِک ۾ ساک اُجالن جي
دل تانگھي ماڪ اُجالن جي، سچ سونھن سُپت لئه مائل آ
ھُن ڪات ڪُڌي جَي واڪ ڏنا، دل ڪِين ڪُپت لئه قائل آ
سمجھو ته غلامي قاتل آ ۽ آزادي اولاد مثل
ڪا ڄڻ ته اُڏوھي ڏوھيءَ لئه، ٿيو فريادي فولاد مثل
سا دانھن به سمجھو داد مثل، ويساھ وٺي جا پاڻ منجھان
بي ڏوھ مٿي ڪِي روھ نه ٿِئي، ٿي ڇوھ وڌي ڇڪتاڻ منجھان
سو نيٺ اندر جي ڄاڻ منجھان، دل قاتلُ ڦاھيءَ چاڙھايو
ھِن جو به قبيلو پاھ ڪري پنھنجو به قبيلو ڪاڙھايو
ھُن سمنڊ سِپن جو ساڙايو، ھِن آڳ انوکي جھاڳي آ
ھيءَ ڪيڏي ويل سڀاڳي آ، ھيءَ ڪيڏي ويل اڀاڳي آ
ممتا ته سڀن ۾ ساڳي آ، ھُت ھوءَ امان ھِت ھيءَ امان
ايئن ماءُ مُٺيءَ جي.
***
آسي زميني
غزل
ڏکي آهه ڏاڍي ڳجھارت ڀڃڻ لئه!
ڄمون ٿا مرڻ لئه مرون ٿا جيئڻ لئه!
ڪٿان آيا آھيون ۽ ڪيڏانهن وڃبو؟
سوال آھي يا نانگ ڪارو ڪکڻ لئه!
عمر ڀر عقل کي زنجيرون وجھون ٿا،
عقيدي جي آڌار جڳ ۾ جيئڻ لئه!
اندر ۾ خبيثي ڍڪڻ خوب ڄاڻون،
بظاهر ٻين وٽ معتبر ٿيڻ لئه!
تصور جنت ۽ جهنم جو يارا!
گَھڙيو خوب مذھب آ ماڻھو ٿيڻ لئه!
چريا مست خوشبخت آھن اسان ۾،
ملي آھي ڏاهپ اسان کي ڏنگڻ لئه!
ڪريو! جو ڪري ٿا سگھو، هاڻ، هينئر
بچيا ڪيترا پل باقي رهڻ لئه!
سڀاڻي ڀلا ڪنهن ڏٺو آ؟ ٻڌايو
جو آھي اهو اڄ آھي ڪرڻ لئه!
حساسي هينئين ساڻ آسي زميني
مڪو ڪنهن جهان ۾ عذابن سهڻ لئه!
***
نظم
جاويد جبار
”حسين ڪنڀار“
زندگي بس حادثا
پو به تون مُرڪين ڪرين ٿو ڀوڳ تون
هر ڀڳي هڏ تي جڏهن
هٿ تُنهنجا ٿا پون
خيال هر معذُور بڻجڻ کان اڳي
مُرڪ تُنهنجيءَ ۾ اڳيان
ڊوڙيو اچي
عورتون ۽ ٻارڙا
تو ڏِٺا ۽ مُون ڏِٺا
ڪنهن چيو پوندا هلي؟
چيلھه مان نِڪتل ھڏيون
تو سنڀالي ڄڻ امانت جيان رکيون
تو بدن جي مئڪدن جون راتڙيون
ٿي هٿن سان سڀ ڇُهيون
ڪنهن نه ڪائي جهل وِڌي
تو جوانين کي جهليو
سُور ۾ ڏُکندڙ حَسيِن ڳوريون ٽنگون
۽ سٿر سڀ ويڪرا
اڻ ڇُھيل هئا تو ڇُهيا
تو گلابن کي سهيڙيو ماٺ ۾
تو چڳون وِکريل هُيون ڪيڏيون ڏِٺيون
تو لِباسن مان نِپُوڙيو هو پگهر
تو ڪميتن کي جهلي ڇوڙي ڇڏيو
تو وِساريل ساوڪون سايون ڪيون
تو جوانيءَ ۾ ھُيا ٺاهيا دِلا
۽ مِٽيءَ جا ڍِڳَ تو ڳوهي رکيا
تو پِنوڙن کي ڪرايو رقص ۽
“هو جمالي” تي ڦيرايو چڪ کي
تو گُهگهيون ڪيڏيون صراحيون
۽ مِٽيءَ جي ڪُک مان
تو مٽن کي اُڃ لئه تخليق ڪيو
تو تباڪن کي تراشيو
سي وڻن جي هيٺ ۽ لانڍيءَ مٿي
ها اُتي داڻا وِجهي، پاڻي ڀري
ڳوٺ جيِ هِڪ جُهور پوڙهيِءَ ھا رکيا
بم ڌماڪن کان ٽَھِي آيل پکي
ڪونه ٿا داڻو چُڳن
پاڻي پيئن
تو بڻايون ڀُونگريون ڳاڙهيون ڊِگهيون
اڄ به تِن ۾ چرس دُکندو ٿو رهي
تو بڻايون ڪونه دانگيون ايتريون
ڪيتريون ويون هِن ٽُٽِي؟
ڪيتريون آهن بچيون؟
ڪا خبر ناهي وري ٿو رت جنهن تي
سي ٻُڌا چاچا حُسين
تِن منجهان ڪا هِڪ سنڀالي تو رکي؟؟؟؟
***
خالده ابڙو
ها اهي به ڪي زمانه هئا
گهٽيون سوڙهيون
۽ گهر هڪٻئي جي ويجهو هئا
کاڌن سان گڏ
پيار، ڏک ۽ سک
ونڊي وراهبا هئا
هاڻي جا زمانه ڪجهه الڳ ئي آهن
هڪ ڇت جي هيٺان رهندي به
سڀ هڪٻئي لاءِ اجنبي ۽ اڻ ڄاڻ آهن
ها اهي به ڪي زمانه هئا
صابرين جا صبر ساراهيا ويندا هئا
جيڏا ڊگها صبر ڪبا هيا
اوترائي وڏا ڦل ملندا هئا
هاڻي جا زمانه ڪجهه الڳ ئي آهن
بي رحمن، بي قدرن جا زمانه آهن
صبر ڪرڻ وارن جا حق
پيرن هيٺان لتاڙي
بي موت ماريا ويندا آهن
ها اهي به ڪي زمانه هئا
ماڻهن جي دلين ۾ کوٽ نه هئا
اهي ڏاڍا سٻاجها هئا
ها اهي به ڪي زمانه هئا…
***
اندرا شبنم ”اندو“
ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم،
فرش تي ويهي اُڏڻ ايندو اٿم.
ڪو نٿو سمجهي سگهي ڪوئي من کي،
چُپ ۽ چُپ تنهن تي رهڻ ايندو اٿم.
تير طعنن جا ڀلي مون کي ڀلي لڳن،
ٺار زخمن تي رکڻ ايندو اٿم.
پيار کي سمجهو آ ڪنهن به ڪڏهن،
ان اکر تي ڀي مرڻ ايندو اٿم.
ڀل ته “شبنم” کي ستائيندا رهن،
پنهنجي حق لاءِ ڀي لڙڻ ايندو اٿم.
***
نثري نظم
اعظم ڀٽي
”نانگن جي ڦۡوڪن جهڙا انڪشاف“
هو قلم جا ڌڻي آهن،
پر قلم هلائي نٿا سگهن،
هنن جون آڱريون
ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي به
ڏڪن ٿيون،
هو فون تي بريڪنگ نيوز کان وٺي
ڪۡوڙن انڪشافن جا
نانگن جهڙا ڦۡوڪا ڏين ٿا
هنن جا ذريعا نالا کڻڻ کان ڊڄن ٿا
پر هۡو ٻين کان نالا کڻڻ جا سوال
ڏند ڪۡرٽي ٿا ڪن
پاڻي ۾ لٺيون هلائيندي هلائيندي
جڏهن انڌي ڪۡئي جيان
هۡنن کي ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي ته
ذاتي دشمنيءَ جي ذردي ڳڙڪائي
ھۡو شرمساري جا هار
پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاڻ وجهي
ٻرن ۾ لڪي ٿا وڃن
هنن جي اخلاقي جرئت
مٿن ئي ٺٺوليون ٿي ڪري،
گاڏيءَ جي تيل جا پئسا
نه هئڻ واري پريشاني
هنن کي فيلڊ ۾ وڃڻ کان
روڪي ٿي ڇڏي،
تحقيقي اسٽورين جا حقيقي تارا
انهن کي ڏيکائي نٿا ڏين
هنن کي تحقيق جي لوازمات جي به خبر ناهي
پوءِ هو گهر جي سنسان ڪمري ۾
بستر تي ويهي
آڱوٺي کي ڊوڙائي
سوشل ميڊيا وسيلي ڌنڌو ڪن ٿا
اهو ئي ڌنڌو
جيڪو هڪ وئيشيا بستر تي ڪري ٿي
بس فرق آهي ته صرف نالي جو
وئيشيا جسم فروش ٿي سڏجي
۽ هۡو قلم فروش ٿا سڏجن
پر افسوس اهو آهي ته
وئيشيا وري به پنهنجي جسم کي
سينگاري ۽ سُونهاري ٿي،
هۡنن کان ته قلم به نٿو سنڀالجي
نه ئي قلم جي تقدس جي اهميت جي
کين ڪا خبر آهي
هنن جون ڪارو ڌن ميڙيندڙ
ڪاريون آڱريون
فقط ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ
۽ موبائل تي ڏڪنديون رهن ٿيون.
***
غزل
ارمان پليجو
پڇين ٿو يار جي مون کان حياتي موت جهڙي آ
سسئي وانگي رلان ٿو مان اصل ۾ هوت جهڙي آ
ٻڌم آواز اھڙو جو صفا مدھوش ٿي ويڙس
اھا ٻولي ته بلبل جي لڳي ٿي صوت جھڙي آ
اچانڪ بي رخي اھڙي ڏٺم محبوب جي ھاڻي
غمن دردن ۾ ھي آخر وڏي ڪنھن لوت جھڙي آ
جلي جانب جلان ويٺو ٻري ڄڻ پاڻ کي ٻاري
تڳي ٿي ۽ کڻي ٿي ساھ مون لئي جوت جهڙي آ
ڪڏھن غم هي جدائي جا ڪڏھن آ مرڪ هيءَ مٺڙي
ڪڏھن ٿر سبز واري ۽ خوشي ڀي ڳوت جهڙي آ
لٽا ليڙون اٿم اڻڀا سڄڻ هي وار ڀي ڏس تون
ڇني سينو نٿي اوڍي ننڍي ڪنهن پوت جهڙي آ
کڻي لاشا مٽن جي نفرتن جا مان ٿڪو آهيان
اکين ۾ موج ساوڻ جي وسي پئي اوت جهڙي آ
ڪٿي ارمان ٿيا منهنجا پرين پورا وفائن جا
رڳو ڏس روڄ ۽ راڙو پليجا روت جهڙي آ.
***
ڪووڊ-19
ممتاز ابڙو
ڪڏهن ملندا هئاسين، سڀ کليا بي ڌڙڪ يارن سان
گهرن ۾ ٿي نظر بندي، ڪچهري در ديوارن سان
ملڻ قيدي کلڻ قيدي، ڪجي ڪيئن ٿيو ٽلڻ قيدي
اندر ۾ بي قراري ٿي، مُقابل اڄ قرارن سان
صبح کان رات تائين فيس بُڪ ۽ واٽس اپ تي سڀ
گهرن ۾ آن لائين ٿا، رهون آفيس وارن سان
هجي جس جانبازن کي، محاذن تي اڳيان بيٺا
وبا سان پڻ وڙهن ويٺا، مِلن مُرڪي بيمارن سان
ڪرونا جي نه ڪئي پرواهه، ڪنهن ايڏي اڳي پر اڄ
گهٽيون ۽ گهر شهر سارا، اجاريون پيا ٻُهارن سان
صفائيءَ ۾ چڱائي آ، ڪرونا ڳالهه سمجهائي
رهو محتاط پنهنجن ۾، وٿي لازم آ ڌارين سان
اڃان سو حال ساڳيو آ، ڪرونا جو مٿان ويتر
ڪيو آ هيل گورن سو، وري قُهرام ڪارن سان
مزو ناهي رهيو ساڳيو، زمانو سو رهيو ناهي
اڃان قائم دنيا آهي، اميدن جي سهارن سان
وئي سا رُت بهارن جي، سيارو پڻ ويو گذري
ملائيون ساهه ٿا پنهنجا، وري ايندڙ اونهارن سان
مڃان ٿو موت بحق آ، مگر احتياط پڻ لازم
هياسين هِت به ملنداسين، هُتي پڻ ساڻ يارن سان.
***
آثم ارباب
درد هڪڙو زرد لهجي ۾ ھيو
ڪوته اهڙو سخت صدمي ۾ ھيو
دل ته پنهنجي وس به ناهي ڇا ڪجي ؟
آر جنهن جو ڪنهن نه قبضي ۾ ھيو
جا وڄائي بنسري ميهار هئي ۔۔۔۔۔
ورد سهڻي دل جي ڪعبي ۾ ھيو
ڪا جواني پور جوڀن تي پڳي
شور ڪيڏو خوب رستي ۾ ھيو
آهه زاري هاءُ آثم ڪجهه ڪجي
جو نه آھي سنڌ نقشي ۾ ھيو.
***
غزل
مختيار علي هالو
هڪل ڪو نه خالي ته هر بار هوندي،
غدارن مٿان هاڻ تلوار هوندي.
ڀلي جيل ٿاڻا ڀري آزمائي،
سندم ديس ڌرتي لاءِ گفتار هوندي.
اسين شير دودا وطن جا ته آھيون،
مِٺي جان پنهنجي ڪٿي يار هوندي.
اچو سڀ ڪيون هي وچن ٿا پڪو اڄ،
اسان لئه غلامي ڪچي گار هوندي.
لکي شاعري جو به شاعر پيو اڄ،
سڄي قوم جي لاءِ هٿيار هوندي.
وري هاڻ مقتل ۾ مختيار ملبو،
جتي حق لکڻ جي سزا دار هوندي.
***
نظم
عاجز ڏاهري
مون رات خواب زندگيءَ جي چوواٽي تي ساڙي ڇڏيا…
۽ تنھنجي ياد جي رک…
ڪولھياڻي جي ڦاٽل چولي ۾ ٻڌي…
سنڌوءَ ۾ لوڙھي ڇڏي…
مئل احساسن کي لڙڪن سان غسل ڏئي…
جنازو پڙھڻ لاءِ رکيو…
شڪست کاڌل تمنائون روئي رھيون ھيون…
منهنجي عبادت رائيگان ٿي وئي…
۽ تنھنجي سنگدلي جي اذان طاقتور نڪتي..
دل جي چانئٺ تائين تنھنجي معافي..
جو ڪوبه خط نه پھتو ھو..
وڇڙڻ وقت تو سڀ برايون ھڪ ھڪ ڪري ڳڻايون ھيون…
جانان منھنجي محبت آيتن جيان مقدس آ…
ان کي پنھنجي دل جي پاڪ ڪتاب ۾ رکجان..
پرين…
مون سڄي عمر تنھنجي سار جون تسبيحون پڙھيون آھن..
تنھنجي وڇڙڻ کانپوءِ…
منھنجي دل تي ٻيو ڪوبه وحي ناھي لٿو…
***
رات، مان، چنڊ ۽ تارا!
خرم ابڙو
رات، مان، چنڊ ۽ تارا
ماٺ اندر ۾ ماٺ نظارا
من ويڳاڻو، وکريل سوچون
اڌورا اڌورا، سپنا سارا
چاندني چوڏس، عڪس اوندانهان
موجن ۾ ساگر، اداس ڪنارا
فضا سنسان ۽ گهلندي رهي
چنچل چنچل هوا آوارا
ٿڪل يادون، ننڊ نيڻن ۾
پهر پهريون ۽ سحر جا اشارا
رات، مان، چنڊ ۽ تارا
ماٺ اندر ۾ ماٺ نظارا.
***
غزل
عبدالله آس هنڱورجو
قرب توسان ڪيان تون جي چاهين پرين!
ميتُ تنهنجو ٿيان تون جي چاهين پرين!
تندُ تنهنجي تپي جند منهنجي جَھپي،
مان مري ڀي جيان تون جي چاهين پرين!
سمنڊ جي مست ڇولي جيان تون ڇُلين،
آئون ڏوڪي پيان تون جي چاهين پرين!
نيڻ تنهنجا ننگا آءُ اوڍي سُمهان،
ڏيھُه تن مان ڏسان تون جي چاهين پرين!
خواب تنهنجا سکي شل پَسن ساڀيان،
چنڊ لاھي ڏيان تون جي چاهين پرين!
آس آهي اھا ڪاش! تنهنجو ڪڏھن،
ٻانهنَ-ٻيلي ٿيان، تون جي چاهين پرين!
***
غزل
فرهاد جروار
گهڻو هو اڙانگو سفر زندگي جو
مٿان خوف طاري رهيو بيوسي جو
تلاشي ٿڪي پيون نگاهون نگر ۾
ملي ئي نه ٿو ڪو بهانو خوشي جو
وڃائي ڇڏيو تو پنهنجو پاڻ ليڪن
رکيئي پر سدائين ڀرم دوستي جو
لطيفو به جنهن کي روئاري هو وجهندو
هيو آر هُن جي اکين ۾ ندي جو
جڏھن عشق هن جو پُڳو انتها تي
تڏھن کيس رُتبو مليو آ ولي جو
وساري ڇڏيو آھي فرهاد توکي
وڏي مان وڏو ڪوڙ آ ھن صدي جو.
***
غزل
وفا حاڪم وساڻ
سامھون اچي، ٿي لڄي ٿي وڃي،
ته ھر تار دل جي وڄي ٿي وڃي.
جڏھن دوستن کان ٿو دوکو ملي،
ته ياريءَ تان دل ئي کڄي ٿي وڃي،
ڊھي ٿو پوي ڄڻ زمين آسمان.
جڏهن روح راڻي ڇڄي ٿي وڃي،
ھن اکڙين مان ڳوڙھن جي برسات ۾.
سڄي دل جي ڌرتي ڀڄي ٿي وڃي،
سدائين اڪيلو رڻن ۾ ڇڏي.
۽ ھرڻيءَ جيان خود ڊڄي ٿي وڃي،
انھيءَ کي به حاڪم گھڙيون چار ڏي.
ڏئي عمر توکي سڄي ٿي وڃي.
***
غزل
عبدالرحيم عبد ڪنڀر
هي نئين ڳالھه نه آ، ڏاڍي پراڻي آهي
زندگي روز نئين درد ڪهاڻي آهي
لاڪ ڊائون ڪيئي شهر جڏهن او حاڪم!
چلھه مزدور جي ان ڏينهن اجهاڻي آهي
ڪونه ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ڪو تماچي ايندو
ڪانه ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي سا مھاڻي آهي
سنڌ تي چور لٽيرا ٿي ويا هن حاڪم
سنڌ جي قوم اڀاڳي ۽ اياڻي آهي
دل نچي پئي ۽ ڪڏي پئي سندم سيني ۾
هن چٺي پيار جي مون ڏي جو اماڻي آهي.
***
غزل
وفا مولا بخش
دنيا ڇو دل وارن کي هو ڌار ڪيو،
حِرفت سان چنڊ تارن کي هو ڌار ڪيو.
تن کي ڇا چئون جن ويڇن جي ليڪ ڪڍي،
هڪ ئي ماءُ جي ٻارن کي هو ڌار ڪيو.
رتبي، پئسي، شهرت جي ڏس هاءِ نشي،
ڪهڙن ڪهڙن يارن کي هو ڌار ڪيو.
تو ڀي دنيا جي ڳالهين ۾ دوست اچي،
مون کان پنهنجي چارن کي هو ڌار ڪيو.
پيٽ جي بُکَ ڏِس ڪيئن وطن کان دور ڪري،
پيارن کان اڄ پيارن کي هو ڌار ڪيو.
***

