شاعري

1366 Shares

مزمل سائر

سڀئي کڙڪيون ٻُڏل ڪنهن ماٺ ۾ آهن

سڀئي کڙڪيون ٻُڏل ڪنهن ماٺ ۾ آهن

سمورا در ڪُٺل ڪنهن سانت ۾ آهن

الا، اڄ ميز ماٺر- مئه چکي آهي

تيئن ڪرسي رسيو پٺ ڏئي پئي آهي

ڪتابن تي نوائي، سن سناٽ آهي

قلم جي چَپ چڙهيل اڄ چُپ چپات آهي

الا، ڄڻ فرش ويو پيرن منجهان نڪري

الا، ڄڻ ڇت وئي آڪاس ڏي اڏري

ڀتيون ڏيو ٽيڪ خاموشيءَ مٿان ليٽيل

رلي، چادر، تڪيو ماٺار ۾ ويڙهيل

سڄو بستر صفا گپ چپ، سناٽي ۾

لڳي ڪردار ٿي هر شيءِ فساني ۾

ڇھان جنهن کي اهو لمحو ڇڻي ٿو پئي

اتي هر ساهه پر هئه بت بڻي ٿو پئي

تڏهن دل ٿي پڇي تون ڏور ڇو آهين

اگر مجبور آهين، نور ڇو آهين

هلي آ ڪجهه گهڙيون ڪا جوت ٻاري وڃ

مئل هر شيءِ ڇھي پل ۾ جيئاري وڃ

***

غزل

خيال کتري

گلن جـــون سخائون اسان جي زمين تي

مھڪ جون عطائون اسان جي زمين تي

ڪدورت ۽ ڪيــنو رکــــي ڪـــينَ ڄاڻي

محبت فـــــــضـائون اسان جي زمين تي

ادب ۽ حـــــيا جـــو رکـــي خـيال عورت

صـــدين کان ردائون اسان جي زمين تي

قـــريبن رقيــبن ســان سھــڻِي سلوڪي

عــــــــــزازت ادائون اسان جي زمين تي

ڏنو اھـــنج ڪنـھن کي نه تاريـخ ۾ ته به

تڏھن ڀــي قـضائون اسان جـي زمين تي

ڪروڙين نفوسن کي بخشي ٿي جـــيون

”سـوين ڪربلائون اسان جـي زمـين تي“

ٿئي آب چوري ٿو ســـــــــــــنڌو سدائين

رھيون ھِن صـدائون اسان جـي زمين تي

سِـــکِـــي ناھ کـتري ڪـرڻ ڪا شـڪايت

رھـيون ته به انائون اسان جــي زمين تي.

***

عيسيٰ ميمڻ

دل ۾ خواب وسن ٿا

ڪالھ مون جرڳي ۾

هن کي خواب چَٽيءَ ۾ ڏئي ڇڏيا،

هن منهنجي اکين جون ماڻڪيون به پٽي ڇڏيون.

سوجهري جا خواب هاڻ دل سان ڏسڻ شروع ڪيا آهن

دل جيڪا اڻ پلي آهي،

جنهن وٽ صرف خون جو گذر ٿئي ٿو

دل جو خون سان رشتو رهي ٿو

اهو خون خوابن جو خون آهي.

خواب جيڪي وطن جي خوشحالي جا خواب ها

خواب جيڪي انسان جي آجپي جا خواب ها

خواب جيڪي چيٽ جي چانڊاڻ جهڙا خواب

سرنهن جي ڦولار جهڙا

۽ اجري صبح جهڙا خواب ها

انهن خوابن انڌيرن سان اٽڪڻ چاهيو هو

رات جي رهزنن سان وچڙڻ چاهيو هو

مگر اهي خواب ڦوہه جوانيءَ ۾

پنهنجي اکين کان کسيا ويا

اهي اکيون به کسجي ويون

پر دل اڄ به ساڳي رفتار سان ڌڙڪي ٿي..

دل جي ڌڙڪن کي ڪو ڏسي نه ٿو سگهي

ڪو دل کي ڌڙڪڻ کان روڪي به نه ٿو سگهي..

دنيا کي آباد ڪرڻ لاءِ اڄ به

دل ۾ خوابن جي دنيا آباد رهي ٿي

ڇاڪاڻ ته

هاڻ دل سان خواب ڏسڻ شروع ڪيا آهن.

***

غزل

محبوب رضا راهو

سکيءَ تصوير چاهت جي بڻائي ڀرت ۾ آهي،

سموري ڳالهه دل واري ٻڌائي ڀرت ۾ آهي.

چِٽي سڀ عڪس الفت جا، ستارون پيار جون پوئي،

ڪهاڻي پيار محبت جي، سجائي ڀرت ۾ آهي.

ڪٿي هِن مور منظر ۾، ڪٿي آ سنڌ جو نقشو،

ثقافت، سونهن ڌرتيءَ جي سمائي ڀرت ۾ آهي.

اڪيلِي پاڻ ٽي ٻچڙا، سهارو ٻيو نه آ هُن جو،

گذر بيواهه عورت جو، سلائي، ڀرت ۾ آهي.

ڪري ٿي ٻن دلين وچ ۾”رضا“ سان راز جون ڳالهيون،

ڏسو! محبوبَ دل سان دل، ملائي ڀرت ۾ آهي.

***

نثري نظم

مجاز سولنگي

دَرِي

ياد اٿئي!

تنهنجي ۽ منهنجي

ڪمري جي وچ ۾

فقط هڪ دريءَ جو مفاصلو هيو

جڏھن به

محبت جو وقت ٿيندو هو

دري تنهنجي آواز ۾ سڏيندي هئي

ته…. اچ!

ڪٿي وقت نه قضا ٿئي…!

ان وقت آئون سوچيندو هيم

دريون ڪيڏيون نه پيار جون

پرچارڪ هونديون آهن

شايد!

احساس هوندا ئي درين کي هن

هاڻي وقت جڏهن درياھ جئن وهي چڪو آهي…

۽ گهر به اُهو ڊهي چڪو آهي…

پوءِ به الائي ڇو!

اڄ جڏهن،

نئين گهر جي دريءَ مان،

لئو پاتم

ته اکيون آليون ٿي ويون.

***

زاهده ابڙو

گهُٽ ٻُوسٽَ هر پاسي ڇا لئه؟

ڪهڙي ڪاري ڪڪري آئي؟

اونداهي هر پاسي ڇائي

پسجي ڪاٿي ڪا نه سهائي

اڀ تي ڪو طوفان کڙيل آ

ڌرتيءَ پنهنجي راهه وڃائي

جيوَ سڀئي ننڊ مان جاڳيا

خوف سڀن جي ننڊ ڦٽائي

ڳَرڀ وتي ناريءَ کي ڏس تون

جلد ئي ٿيندس جهولي سائي

ڏور هو ڏس ٽانڊاڻو ٽمڪيو

هر پاسي ٿي واهه جي وائي

***

غزل

محمد خان بروهي

وار وينگس هي ڪڪر ڇوٿي ڪرين

ايترو دل تي اثــــر ڇـــو ٿـــي ڪـــرين

چـــنڊ تي هڪڙي چمـي جو حق اٿــم

التــجا هي درگذر ڇـــــــو ٿي ڪرين

هــر سمي سر عام ڳائي عشـــق کي

بي خبــر کي بـــاخبر ڇــو ٿي ڪرين

ٿاڪ هڪڙي کي کڻـــي ترجيح ڏي

پيچـــرن ۾ دربـدر ڇـــو ٿي ڪرين.

***

غزل

جمشيد حسرت رند

عشق ڏنو درد ۽ سزا ڪا ڪجي شاعري

نه ملي زماني مان وفا ڪا ڪجي شاعري

اسان شاعر ڪڏهن هئاسين اي شاعري!

دردن ڏني آ صلاح ڪا ڪجي شاعري

منزل ٿي پئي نهاري رڳو اسان ڏي

ناهي ملي اڃان راهه ڪا ڪجي شاعري

سڪرات به نه آهي پوءِ به الائي ڇو

منجهيل آ اسان جو ساهه ڪا ڪجي شاعري

لڙڪن مان ڳولهيون ٿا پيا ”جمشيد“

حسرت جي دوا ڪا ڪجي شاعري.

***

نظم

غلام نبي ڪولاچي

”سنڌ مان آئي صدا“

سنڌ مان آئي صدا،

ڪنھن ڪونج جا ٻچڙا ڪٺا.

ڪنھن ويچاريءَ ور ڏنو،

ڪنھن ويچاريءَ سر ڏنو.

ڪنھن جو ساڙيو گھر ويو،

ڪنھن جو پوريو در ويو.

ڪنھن جي ڪُک ۾ گوليون،

ڪنھن جون بکيون لوليون.

پرزا پرزا پير ھا،

ھٿ سارا ڍير ھا.

در دريون ھا بنديل،

ڍول سڀئي ھا ڊٺل.

انسانيت تي بَڇ ھئي،

بارود سان مُئي بُک ھئي.

***

غزل

مظھر علي ميربحر

تون به مون کان ڌار ٿيندين مون ڪڏهن سوچو نه ھو

نت نوان آزار ڏيندين مون ڪڏهن سوچو نه ھو

ھر گھڙي مرڪي ملڻ عادت ھئي تنھنجي مٺا

پنهنجي عادت کي مَٽيندين مون ڪڏهن سوچو نه ھو

پيار منهنجي کي وساري دل سندي دنيا منجهان

جيءَ منھنجي کي جھوريندين مون ڪڏهن سوچو نه ھو

جي نشاني طور تحفا مون ڏنا توکي ھئا

سي سمورا ئي ساڙيندين مون ڪڏهن سوچو نه ھو

يادگيري لاءِ مون سان جي ڪڍيا فوٽو ھُيئي!

گئلري مان سي ڪٽيندين مون ڪڏهن سوچو نه ھو

ديد منهنجيءَ لاءِ آتو ھر گھڙي ھوندو ھُئين

پاڻ کي بدلي ڇڏيندين مون ڪڏهن سوچو نه ھو

منهنجي لئه جنھن دل اندر تو الفتون سانڍي رکيون

ڪلفتن سان سا ڀريندين مون ڪڏهن سوچو نه ھو

ھي وڇوڙي جي شڪل ۾ ڏک سندو ڏونگر ڏئي

سک سڀئي مظھر کسيندين مون ڪڏهن سوچو نه ھو.

***

غزل

اصغر شر

اسان جوت جيون جلائي جلائي

فنا نيهن ڪيو آ رُلائي رُلائي

عقابي کڻي نيڻ ڇڙواڳ ڇوري

ڏسي ٿي رڳو بس چتائي چتائي

ڀري ساھ ٿڌڙا کلان ٿو رُئان ٿو

ڏسي سونهن دل ٿي ڇناaئي ڇنائي

خطن سان گڏي گل گلابي چنبيلي

رکي آھ ويندي لڪائي لڪائي

پرين حالُ دل جو ٻڌي ئي نٿو اڄ

ٿڪو مان ته آهيان ٻڌائي ٻڌائي.

***

عاجز انور لاشاري

اکين ۾ درد جون لھرون،

ھوائن سان مليون ناھن،

اڃان آليون اکيون آھن

لڳي ٿو ڌار ٿينداسين،

ائين ئي تو چيو جانا..

نھاريو ٿا وري ڇا لئه

اڃان ڪو ڏَس پَتو ناھي

ملڻ لئه دل اُڃاري آ،

اڃان ڀي رُوح ماندو ٿئي،

جڏھن گمنام رَستن ۾

وري ڀٽڪيل مسافر ٿي،

ملي مَلھار پونداسين

ائين ئي تو چيو جانا..

جڏھن ويندي نھاريو ھو

اُڃاري دل جياپي لئه

اوھان کي روز ڳولي ٿي

سيارو آ وريو ساڳيو

پراڻو پيار ساري ٿي،

ائين ئي تو چيو جانا..

نه ھاڻي پاڻ ملنداسين

ڪيون ھٿ جوڙ ٿا ڇا لئه

نھاريون ٿا وري ڇا لئه

اڪيلي شام ۽ يادون

گڏيون ٿا پاڻ ڇو ڇا لئه،

اسين ھڪ رات ٿينداسين،

وري ڪا شام ٿينداسين

وڇوڙن ۽ جدائي ۾

جڏھن ڪا ڳالھه ٿينداسين،

اڃان انبڙيون پڪيون ناھن،

انبن ۾ ٻور ٿي ڦٽبو،

جڏھن انبڙيون جواني جون،

سفر جي سونھن ٿي ڦٽنديون،

جڏھن پن ڇڻ شروع ٿيندي،

انبن جا پن ٿي ڇڻنداسين

وري انبڙيون پٽينداسين

جڏھن ڪا شام رولاڪيون

انبن جا وڻ لَھي گُھمنديون،

وري خالي وڻن ۾ ڪو،

پراڻو عشق ٿي رُلنديون،

پراڻي انب جيان جانا

وَڍيا ٻَئي روز وينداسين

نھارين ٿو وري ڇا لئه

ائين ئي تو چيو جانا،

اڪيلي زندگي ۾ آ

غمن جو راڳ اڻپورو

ڏکارو ھي نظم ڄڻ ڪو،

منھجي ھڪ زندگي جانا،

ائين ئي تو چيو جانا

نه ھاڻي پاڻ ملنداسين

اکين ۾ درد جون لھرون

ھوائن سان ملي جانا

نھارين ٿو وري ڇا لئه.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments