ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي تيزي آئي آهي. 100 انڊيڪس هڪ لک 53 هزار جي نئين بلند ترين سطح عبور ڪري ويو. 4 سيپٽمبر 2025 جي ڏينهن اهو سڀ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي. جڏهن ملڪ برسات ۽ وڏي ٻوڏ جو شڪار آهي. برآمدات ۾ گهٽتائي ٿي آهي. انهيءَ جي باوجود اسٽاڪ ايڪسچينج سرمائيڪاري ۾ تيزيءَ واري رجحان کي برقرار رکيو آهي ۽ لڳاتار چئن ڏينهن کان واپار ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي واپار ۽ سودن ۾ اهو رڪارڊ آهي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج سيڙپ ۾ انهيءَ بلند ترين سطح کي عبور ڪيو آهي. ڏکين حالتن جي باوجود سيڙپڪارن جو اعتماد برقرار رهيو آهي. جنهن جي ڪري سرمائيڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي. سرمائيڪاري ۾ اضافي جي اها نشاني اسانجي ملڪ لاءِ تمام اهم آهي. ڏکين حالتن ۾ به اهو ثابت ٿيو آهي ته اسانجا ادارا اعتماد جي قابل آهن. لکين ماڻهو، مال، زراعت ۽ واپار، گهڻي برسات ۽ وڏي ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن. انهيءَ جي باوجود اسان جي ادارن جي ڪارڪردگي برقرار آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج انهن ڏينهن ۾ به پنهنجي ڪارڪردگي ۾ ڪامياب رهيو هو. جڏهن اهو چيو پئي ويو ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيڻ وارو آهي. بروقت حڪومتي ڪوششن ۽ ملڪ جي عوام جي قرباني، جن ڏکين حالتن کي منهن ڏنو. مهانگائي کي سٺو ۽ ملڪ انهيءَ بحران مان نڪري آيو. اسٽاڪ مارڪيٽ جي واپار جون نشانيون تڏهن به مثبت هيون. سرمائيڪاري جي تازي واڌ، سيڙپڪارن جو اعتبار ۽ اعتماد اسان جي ملڪ جي ادارن تي ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.

پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ملڪ جي معيشت جي صحيح طور تي عڪاسي ڪري ٿي. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ جي معيشت بهتري طرف وڃي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ معاشي سرگرميون وڌيڪ بهتر ٿينديون. ملڪ جي معيشت بهتر ٿي آهي، واپار ۽ معيشت ۾ استحڪام آيو آهي، جنهن ڪري اڳتي هلي ملڪ کي صنعت، زراعت، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ فائدو ٿيندو. ترقيءَ جو اهو عمل ملڪ جي سڀني شعبن زراعت کان وٺي صنعت تائين فائدي وارو ثابت ٿيندو.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اسانجي ملڪ لاءِ هڪ قابل فخر ادارو آهي جنهن کي سال 2002 ۾ دنيا جو بهترين اسٽاڪ ايڪسچينج قرار ڏنو ويو. سال 2009 ۾ بلوم برگ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج کي دنيا جي ٽين سڀ کان وڏي مارڪيٽ جي طور تي تسليم ڪيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هن وقت به دنيا جي 10 سڀني کان وڏي مارڪيٽن مان هڪ آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪارن جي سنجيدگي ڪاروبار جي تيزيءَ کي ظاهر ڪري رهي آهي. ڏکين حالتن ۾ سيڙپ جي مٿانهين سطح کي عبور ڪرڻ اهم ڳالهه آهي. انهيءَ اعتماد جي پٺيان واپار ۽ سيڙپ سان گڏ ترقيءَ جي اميد جون ڳالهيون به آهن.

 اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان مطابق مالي سال 26-2025 لاءِ جي ڊي پي ۾ واڌ 4.25 فيصد جي وچ ۾ رهندي. انهيءَ پراميد ڳالهه به سيڙپڪارن جي اعتماد کي برقرار رکيو آهي. انهيءَ کان علاوه سي پيڪ ۽ پاڪستان چين فري ٽريڊ ايگريمينٽ جي متعلق اميدون به انهيءَ جو سبب آهن. ڪاروباري طبقي جي مطابق سيڙپڪارن جو وڌندڙ اعتماد ملڪ جي معيشت ۾ استحڪام جا اشارا ڏئي ٿو ۽ حڪومتي قدم به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپ کي بهتر ڪري رهيا آهن. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سرمائيڪاري جي مسلسل اضافي کانپوءِ 100 انڊيڪس تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هن ڪاروباري هفتي ۾ هڪ نئين تاريخ لکي آهي. واپار ۾ تيزي ملڪ جي ترقيءَ سان لاڳاپيل آهي. جيئن ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سڄي دنيا سان واپار ۾ لاڳاپيل آهي. انهيءَ ڪري ان ۾ تيزي سڄي دنيا جي سيڙپڪار کي اسان سان شامل ڪري ٿي.

ملڪي ۽ بين الاقوامي سيڙپڪاري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ واپار جي تيزيءَ کي برقرار رکيو آهي. دنيا ۾ ڪوبه ملڪ اڪيلو ترقي نه ٿو ڪري سگهي. سڄي دنيا جيڪڏهن پاڪستان جي واپار ۽ معيشت تي اعتبار ڪري ٿي ته اها اسان جي ملڪ جي معاشي ترقي جي اهم نشاني آهي.