شاعري April 2021
هيلن
مشتاق گبول
او ڏياچ جي ڀيڻ هيلن،
جڏهن تنهنجي آواز جون اکيون،
سماعتن جي صورتن کي
نه ڏسي سگهيون هيون.
تڏهن تون بُک ھڙتال تي ويٺي ھئينءَ.
تو وانگي،
سُرن کي به بُک لڳي هئي،
انهن کي به،
ڪنهن نئين ڌُن جي ماني کپندي هئي.
تو وانگي تنهنجا سُر به ساڻا ٿي پيا هئا.
ان کان اڳ جو،
تون نئين نينهن جا نوان احساس اُڻين ها،
تنهنجون اکيون بند ٿي چڪيون هيون،
هيلن،
اهو ڏينهن پري ناهي،
جڏھن تنهنجي چهري جيان،
اُجريون اُميدون تنهنجون،
سُر بڻجي ڦهلجي وينديون.
فاشي سوچ مات کائي،
تنهنجي خوابن جي گهيري ۾ ايندي.
۽ ترڪيءَ تي،
تنهنجي سُرن جو جَهنڊو لهرائبو.
***
راشد لکمير
ھو جڏھن ناز مان نھاري ٿو
عشق آڪاش تان پڪاري ٿو
سور مون سان سلي ٿو ايئين ڄڻ
درد پنھنجا سڀئي ڌتاري ٿو
پيار جي عزم سان ڪو گڏ ھلندي
خواب ڪھڙا نوان ڏيکاري ٿو
ڪير هٿ جي لڪير کي پڙھندي
منھنجي تقدير کي سنواري ٿو
پيار جي پرک مان ھو پار پيئي
منھنجي اميد ھر جياري ٿو
منھنجي من جي مراد سمجھي پو
مرڪ پنھنجيءَ سان هو اجاري ٿو
دل ته قربان ھن ڪڏھن جو ڪئي
جان پنھنجي به ھاڻي واري ٿو
دل ٿي راشد کي ڳولھي ھر پل
پر ھو الائي ڪٿي گذاري ٿو.
***
شازيه شاهه
لفظن جي سمنڊ مان
سپيون ڳوليندڙ
ڏاھپ
تو ڪڏهن
منهنجي ڳولا ڪئي
انا ۽ خود پرستي جي پهاڙن جي
پاڙ هيٺ
منھنجو اندر
منھنجو پنھنجو
مان
منھنجا موسم
منھنجون
گُڏيون
چوڙيون
ڪچا مٽيءَ جا ٺهيل گهر
پوپٽ پڪڙڻ جي خواهش
بارش ۾ وھنجڻ لاءِ
اکين جا آسمان تي لامارا
سهيلين سان وڏيون وڏيون
ڪچهريون
نون ڪپڙن جو اُتساهه
گهٽيءَ ۾
آئيس ڪريم جي هوڪي تي
دل جي اُڻ تُڻ
منھنجو سڄو ٻاروتڻ
۽ اُن جون معصوم خواھشون
منهنجي ساڃاهه جي بُک سبب
منهنجي ڪتابن جي الماري
هيٺيان دٻيا پيا آهن
آءُ
اکين تي وقت جي عينڪ چاڙهي
پنهنجي حسرتن جي
مزار تي
پنهنجي شعور جا
ٽهڪ ڏيندي آهيان
ڪڏهن ڪڏهن اکين جي
ماڻڪين ۾ ماضيءَ جا منظر
جڏهن لڙڪ آڻي ڇڏيندا آهن
تڏهن آئون پنهنجي عينڪ جا
شيشا اُگهڻ لڳندي آهيان
۽ سوچيندي آهيان
ڇا آءُ ڪڏهن
منھنجو
”مان“
جي سگهنديس.
**
وائي
سليمان سولنگي
ڏکيارو ڪياسون
ٽمندي ٽمندي نيڻ!
پسي ڍرندي مند، هاري ويٺيئن، هون!
ڏکيا روڪياسون!
ٽمندي ٽمندي نيڻ!
جوتن جڙي پوءِ، ڇا لا ڇرڪيئن تون!
ڏکيارو ڪياسون!
ٽمندي ٽمندي نيڻ!
ڇرڪي سرڪي آءُ، ڀِنيءَ بيڄ ڪيون!
ڏکيارو ڪياسون!
ٽمندي ٽمندي نيڻ!
چپ پسايون آءُ، نيڻن کي اوتيون!
ڏکيارو ڪياسون!
ٽمندي ٽمندي نيڻ!
پٿر مٿي هانوَ. موڪل جون منٿون!
ڏکيارو ڪياسون!
ٽمندي ٽمندي نيڻ!
ورڻ هاريءَ ويل، تو جو تڪيو مون!
ڏکيارو ڪياسون!
ٽمندي ٽمندي نيڻ!
**
شوڪت اڄڻ
پاڇو هو، سو گم ٿي ويندو، ڪانه خبر هئي!
جيون هٿ مان ترڪي ويندو، ڪانه خبر هئي.
مون ٿي سمجهيو ناتو دل جو صديون هلندو
شيشي وانگر ٽڙڪي پوندو ڪانه خبر هئي.
هن جي دل کي نازڪ سمجهيم ها پر هو،
ويندي ويندي مرڪي ويندو ڪانه خبر هئي.
ڳالهيون دل جون خوب ڪچهريون، گم ٿينديون هن،
خواب نگر مان سرڪي ويندو ڪانه خبر هئي
دل جي دنيا روح جا رشتا، ٽوڙي سڀ،
جسمن پويان هرکي ويندو ڪانه خبر هئي.
مٽيءَ کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ آيو هو،
بازارن ۾ چمڪي ويندو، ڪانه خبر هئي
پياسن کي هئي پياس پسڻ جي ڏاڍي پر،
شهر ٻڏل تي برسي ويندو، ڪانه خبر هئي.
ويٺي تنهنجي ڳالهه اجائي جو نڪتي
منهنجو منڙو تڙپي ويندو، ڪانه خبر هئي
مون ٿي سمجهيو وڇڙڻ کانپوءِ پاڻ ريجهائڻ، ناممڪن آ،
پنهنجي پاڻ سان پرچي ويندو، ڪانه خبر هئي.
**
خليل جبران
ترجمو: شاهه زمان ڀنگر
ان هڪ چميءَ مون کي سيکاريو
جڏهن محبت ۾ چپ مليا
ان آسماني رازن تان پردو کنيو
جيڪي زبان ڪڏهن به
اچاري نه سگهي ها
اها چمي هڪ تعارف هئي
هڪ سڪون ڏيندڙ ساهه جو
– – –
ھڪ مڇي ٻيءَ کي چيو
“پنهنجي ھن سمنڊ جي مٿان
ھڪ ٻيو سمنڊ به آھي
جنهن ۾ ڪا مخلوق تري ٿي
۽ اتي ھو ايئن رھن ٿا
جيئن اسين ھتي ٿا رھون.”
– – –
(عرب شاعر جابر ربيع الدالي جي هڪ نظم ۾ هڪ عورت جا احساس جنهن ۾ هن جي مڙس جون ٻيون زالون به آهن جو سنڌي ترجمو)
تنھنجي نه ھوندي، گھر جي فضا ۾
انتظار جي شدت وڌندي وڃي ٿي.
انتظار ڪندي
تنهنجي ورھايل ھئڻ تي ساڙ اچي ٿو.
منهنجي ڪمزور دل، ويڙھاڪ جو روپ ڌاري
قرب جي گھرج واري ترار کڻي ٿي وٺي.
ھي گھر توکان سوا خالي آ
جنھن جو مالڪ تون آھين
تنهنجي ورھايل وجود تي سوچيندي
تنهنجي ساھن جي گرمي محسوس ڪريان ٿي
ايئن خيال ھڪ ٻئي سان وچڙي وڃن ٿا
تون ايندين
الائي مان ايئن ئي رھنديس
مان ميوا پوکڻ لاءِ سوچيان ٿي
۽ سوچيان ٿي ته اسان جو پٽ اھي کائي
ايئن وري نئين سوچ ڪر کڻي ٿي
گھر ڌڻي تون ڪٿي آھين
مان ڀتين اندران تنهنجي منتظر آھيان.
**
نظم
سانگي شبير ڪنڀر
ڪير پيو جاڳي اڃان!
گـھـگھ اونــدهه ٿـي آهـي
ٿــڌ ڪــيـڏي پئـــي آهـــي
ڪــيـر پيــو جـاڳــي اڃـان
شــھـــر ســــارو آ ســـــتــل
نـنــڊ ڪنــهن جـــي آ ڦــٽـل
ڪـــيـر پــيو جاڳـــي اڃــان
ســال ٿــيا ھــــوءَ نـــه آئـــي
پـــــــر وري آ يــــــار وائـــــي
ڪــير پــــيو جاڳــــي اڃــان
اک ڪنهن جــي ڪــٿ لــڳـي
ســـــاھ ۾ آهـــــــي ســــڳـــي
ڪــير پـــيو جـــاڳـــي اڃــان
ڳـــوٺ ۾ ھــوءَ بـه ڪونــهـي
چـنـڊ ڪـنهـن کــي پيـو پـسي
ڪــيـر پـــيــو جـاڳـــي اڃـــان
بـــــاک بـــــي آهــــــي ڦـــٽـــي
رات بــــــــي آهـــــــي کــــٽـــي
ڪـــيـر پـيــو جــــاڳــــي اڃـــان!
**
گيت
مجاز سولنگي
سـمـنــڊُ جِـي واري ٿَــڌڙِيءَ مَـٿــان او پـريــن
شــــام ڌاري اَچِـــي تـنـهـنـجــو شـرمـائِـجَــــڻ
تنهنجـو هَـرڻِـيءَ جـيـان يـاد پـئـي ٿـو ڪُــڏَڻ
مـون کـان وسـري نه ٿـو تنهنجـو هَر هَر کِلَـــڻ
چيلـھ تنهنجـي لَڳِـي ٿِــي شهــر سونهــن جــو
مـان تـه چاهيـان ٿــو اهـڙو سفـر سونهـن جـو
دِل پُـڇــي ٿِــي ڪـڏهــن ٿينــدو اُن ۾ وڃــڻ
مـون کـان وسـري نه ٿـو تنهنجـو هَر هَر کِلَـــڻ
تــون نِـهـارِيــن جڏهــن ٿِــي کَـڻِـي شــام کــي
نـيـڻ تـنـهـنـجـــا ڏيـــن ٿـــا ڦَـڻِــي شـــام کــي
چـنــڊُ تنهنجــي چَـڳـُن کـي اچــي ٿــو چُـمَــڻ
مـون کـان وسـري نه ٿـو تنهنجـو هَر هَر کِلَـــڻ
تنهنجـي ذُلفَــن مــان گُـذرَي هَـوا ٿِـي جڏهــن
مـون لاءِ بَڻجِـي اچــي ٿِـي شِفــا ٿِــي تـڏهــن
ٿِـي وڃـي ٿِـي دَوا تنهنجــو مــون کـي ڏِسَــڻ
مـون کـان وسـري نه ٿـو تنهنجـو هَر هَر کِلَـــڻ
تنهنجـو ڀَـر ۾ اچِـي مون سان چُلـھ تي ويهَـڻ
منهنجَـــي هَـٿ مـــان رِسـالــو اَچـانَــڪ ڦُــرَڻ
منهنجِـي تحريـر کـي تنھنجـو دِل سان پَڙهَــڻ
مـون کـان وسـري نه ٿـو تنهنجـو هَر هَر کِلَـــڻ
تـوسـان آهــي سَچــو نِينهَــن منهنجــو مجــاز
ڇـــا ٻـڌايــان تُـــون آهِـيـــن اَنــــدرُ جـــو آواز
تــو پُـڄـاڻــان لَـڳَــي ٿـــو هِــي جِـيــوَن ڌُٻَـــڻ
مـون کـان وسـري نه ٿـو تنهنجـو هَر هَر کِلَـــڻ
**
نظم
سجاد سهتو
ڪلهه کان وٺي
چپن جو ٿڙڪڻ
بند ناهي ٿيو
اڃان تائين
تنهنجي چپن جي گرمي
منهنجي پوري وجود کي
گرمائي رکيو آهي
منهنجي سيني جي
سختي تي
اڃان به ڪي نرم
جبلن جي چوٽي
جي گرمي محسوس
ڪري رهيو آهيان
هرپل ائين ٿو لڳي
ڄڻ هنئر ئي تون
پاڻ ڇڏائي وئي آهين.
***