شاعري August 2021
راج راڄپر
اَکڙين ۾ اَبهام، اَلائي ڇا مَعنيٰ
هُن آڇيو سو جام اَلائي ڇا معنيٰ!
پاڻَ مِٽيءَ جا ماڻھو، ڪومل آسِيسون
سُونهن صَمد سَنگرام، الائي ڇا معنيٰ!
سو تمغو يا طوق، خوديءَ لئه ڪا ڦاهي
سونو لالُ لَغام، اَلائي ڇا معنيٰ!
پَت وِڃائي ويٺو، آخر مَت مُوڙھو
نامارو بدنام، الائي ڇا معنيٰ!
ديش ڀَڳت ئي ديش دَروهي سَڏجي ٿو
هي اُبتو الزام، الائي ڇا معنيٰ!
مون سمجهيو اسلام: محبت ۽ شانتي
تو سمجهيو اسلام الائي ڇا معنى!
آزادي پئي جُهولي، هيمونءَ رُوپ اڃان
دارَ مَٿي وِسرام، الائي ڇا معنيٰ!
ڌارَ ته غائب، گَڏجن جِيون ڏِسجي ٿو
جِيمَ پُٺيان ڪو لام، الائي ڇا معنيٰ!
ڪو موهن جو من، پَرُوڙي ڪِين سگهيو
راج! اياز ۽ شيام، الائي ڇا معنيٰ!
***
غزل
منتظر سومرو
زندگيءَ جو سفر، سرمئي سرمئي،
پدمڻي کڻ نظر، سرمئي سرمئي.
خواب جي پنڌ تي مون ڏٺو چئوطرف
ننڊ جو هو اثر، سرمئي سرمئي.
جام نيڻن سندو جي پيارين مون کي،
شام ٿيندي مڌر، سرمئي سرمئي.
ڇر مٿي گهر ڇنو، سر مٿي ڪونجڙي،
تڙ، بتيلا، بحر، سرمئي سرمئي.
ڊيل ڊوڙي پئي، مور آ ”منتظر“،
ڏس سڄو پارڪر، سرمئي سرمئي.
***
جوت
چندر ڪيسواڻي
ڏينهن ڪاٽيندي،
مان تنهنجي دل سُرڪندي محسوس ڪيان ٿو،
مان پنهنجي هٿ ۾ جهليل،
تنهنجي هٿ جي گرمي سڃاڻان،
جڏهن مان نٽهڻ اُس مان گذران ٿو،
تون ڇانورو ٿيو مون ساڻُ هلين ٿي،
تون اونداهين راتين ۾ منهنجو سڪون آهين،
مان تنهنجي چُميءَ جي چاشني چکان ٿو،
جذبي سان تار تار تنهنجي ڇُهاءَ کي سڃاڻان ٿو،
توکي ويٺي،
مونکي ڏسندي ۽ مرڪندي محسوس ڪيان ٿو،
مان تنهنجا مٺڙا ٽهڪ ٻڌان ٿو،
تنهنجي چپن کي پنهنجا لڙڪ اگهڻ ڏيان ٿو،
جڏهن اسان جي پيار جا ڏينھڙا گذري رهيا هوندا آهن،
توڙي جو وچ ۾،
هڪ وٿي موجود آهي،
پر پاڻ ڪڏهن به ڌار ناهيون هوندا،
تون مون کي ايڏي ويجهي آهين،
جيڏي اُها هوا،
جنهن ۾ مان ساهه کڻان ٿو،
مون کي ته توکي ڇُهڻو به ناهي پوندو،
تنهنجي رس ڀريل محبت کي محسوس ڪرڻ لاءِ،
تون ته هتي ئي آهين،
هميشه منهنجي ويجهو،
منهنجي دل ۾.
***
نظم
اصغر باغي
علم جي عينڪ اهڙي وتي ٿم
فهم جي چسڪي اهڙي چکي ٿم
نفاق ۽ نيستي ڇڻي ٿي جن تي
منفيت پسندي وڻي ٿي تن کي
عداوتن کي جي سٺو پيا سمجهن
غلاضتن کي سٺو پيا سمجهن
مفلوج خيال ۽ ڪند ذھني پرائي ڦرلٽ ۽ ڪيڏي بي رحمي
سينور مثل هن جن جون سوچون
آ گهڙيال گهنڊ وڄايو اهڙو ڪمال جدت اتساهيو اهڙو
سالن صدين کان اهو پي سوچيم
۽ عروج جا دائرا ٽوڙي ڇڏيم سڀ
وقت جون ڌارا موڙي ڇڏيم سڀ
بغاوتن کي جنم ڏنو ٿم
۽ رفاقتن کي جنم ڏنو ٿم
سوچون سندر سڀ عقل کي ارپيم
۽ مبالغن کي فهم سان پرکيم
ڪفر جا قلمه پڙھي ٿڪو هئس
فتويٰ بازن مڙھي پي فتويٰ
دوزخ جا دڙڪا گهڻا مليا پر
اجر اسان کي ملي ويو هتڙي
جنت مون جوڙي وتي آ هتڙي
چون پيا ”باغي“ آھين تون سرڪش
ندامتن کي ير ننگو ڪندو هل
رنده پيو روڙيان سڏيان پيو جڳ کي
نگاهه فلڪ ڏانهن تڏهن تڪي ٿم.
***
ڪافي
ٿلهه: ديد دلبر تنهنجي ٿي ديدار کان واڌو وڻي!
شاعر: صوفي نيڀراج گمنام
محمد بخش ٿيٻو
جلوه تنهنجو ٿيو جمالي حيف ابرو ٿو هڻي!
اک ڪاري هڻي ڪٽاري، ماري موچاري مرڪ سان،
جڏهن ديد ديدن سامهون دلدار ٿو کوڙي تکي!
…..
نڪ جون ناليون، ڪن ڪماليون، بني دناليون، ڌڪ هڻن،
ڏند گوليون ۽ ڏين لوليون، ميدان ۾ دشمن ڌڻي!
…..
زلف سياه، ڪري ڪاه، ڪڍن ساهه، ڏئي وڪڙ،
واسينگ نانگ، ڏئي ڇانگ، ڏنگين گهور مان گهڻي!
…..
تنهنجي حلق، ماري خلق، مشهور ملڪ، ٿيو منٽ ۾،
منيا زبان ”گمنام“ ڪان، ماريا مشتاق ڪئين مڻي!
***
عاشق هالائي
ڪهڙي ضرورت خودڪشي ڪجي
۽ اوهان سان دوستي ڪجي.
سون کان وڌ انمول هيءَ زندگي
ايڏي ڀلا ڇو سستي، ڪجي.
جيئرو هجي جيئڻ جو جذبو
اجائي نه ڪا بيوسي، ڪجي.
عشق جي ايوان ۾ هميشه
سُونهن جي سرپرستي ڪجي.
خود پرستي نه ڪا بُت پرستي
حقيقت اوهان سان سر بستي ڪجي.
عمر جي اهڙي حد ۾ اي ”عاشق“
ڪهڙي وري ڪا مستي، ڪجي.
***
وڪرم آڏواڻي.
دل جي آرن کي پرين نه سمجھيو،
نظرن جي وارن پرين نه سمجھيو.
گُلن جو مرجھڻ پرين نه سمجھيو،
پکين جو اُڏرَڻ پرين نه سمجھيو.
وکريل وارن کي پرين نه سمجھيو،
نيڻن جي نارن کي پرين نه سمجھيو.
ٻي خدائي پرين نه سمجھيو،
ويس فقيري پرين نه سمجھيو.
دل جا درد پرين نه سمجھيو،
خيال وکريل پرين نه سمجھيو.
لکڻيون ”وڪرم“ پرين نه سمجھيو،
ماٺ، معيارون پرين نه سمجھيو.
***
جڏهن مون کي خبر پئي
زاهده ابڙو
جڏهن مون کي خبر پئي…
ته مون کي ڌرتيءَ تي
هڪ عورت بڻائي اماڻيو پيو وڃي…
مان جلد ئي
مصور جي در تي پهتس
در بند هئا..
پوءِ به ڪاوڙ ۾ اندر گهڙي ويس
مون کي ڏسي مصور مُرڪي ڏنو…
مُرڪندي پڇيائين
ڇا ڳالهه آهي..؟
تنهنجي اندر ايڏو تاءُ!!
ڇو، ڇا لئه؟
مون ساڻس اکين ۾ اکيون ملايون
ڪاوڙ مان سوال ڪيم..
تون مون کي ڇو ٿو اماڻين..
وري مارائڻ لئه..!
ڪاري ڪرائڻ لئه..!
وئيشيا بنائڻ لئه..!
طعنا ٻڌرائڻ لئه..!
مصور مرڪي ڏنو
۽ چيائين
ان کانسواءِ ڪو چارو ناهي
ناريءَ بنا سڀ نرڳ آهي
تون ئي ته آهين…
جو اتي جيون آهي، سونهن آهي
پريم آهي، شڪتي آهي
تون ئي اتي منهنجو مان آهين..
توکانسواءِ سڀ تباهي آهي
تون ئي ته سڄي ان وايو منڊل کي تبديل ڪندينءَ
توکي منهنجو ساٿ ڏيڻ گهرجي
مون کي توتي ڀروسو آهي..
۽ مان مُرڪي پيس..
***
غزل
اقرار جوڻيجو
هَڙئي هَيج تُنهنجَي حَوالي ڪَيا؟
سَڀئَي نَظُم تُنهنجَي مُون نَالي ڪَيا
تُون گَهڻو ٿِي وَڻَين تُنهنجَو قَسم
پَنڌ تَوڏي مِٺي مُون سَنڀَالي ڪَيا!
ڀَرتَ دِل تَي ڀَري پَيار اِهڙَو ڇَڏيو
هَوشَ مُنهنجَا خَطا نِيهَن نِرالي ڪَيا
تُنهنجِي پَوتِي اُڏاڻي هَوا ۾ هُئي
مَاڻھو بيهَوش ڪَن جي وَالي ڪَيا
نِنڊ مُنهنجَي اَکيَن مَان اُڪري چُڪي
دَردَ مُون ڀَي وَڏا آھن پَالي ڪَيا
هَاڻ تَو ڀِي پَرڻجَي وَسايَو آ گَهر
تَو تَي ڏَانٽَا اُڀا ڇَورَي دَالي ڪَيا
وَار تُنهنجُي حُسن جِي ڏِيَن شَاهِدي
سُن سَارا جَسم هِن جَمالِي ڪَيا
مَن لِيڊَر اَچي تَه ڪَڍان ڪَوئي فَوٽو
ڏِينهَن سَارو جَتَن ٿِي جِيَالِي ڪَيا
وَقت مُون کِي وَڄائي ڇَڏيو پِرين
سُک مُنهنجَا صَنَم چَٽ ڀَالي ڪَيا
هَاڻ ”اِقَرَارَ“ گَڏَجَڻ ٿِئَي نَه ٿِئَي
پَير تَقدِيرَ ڪَونِهي اُجَالِي ڪَيا
***
افغانستان ۾ سوشلسٽ انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ نجيب الله جي نياڻي مُسڪان کي منظوم ڀيٽا.. جنهن کي شرپسندن قتل ڪيو.!
احمد شاڪر
ڪيتريُون ئي ڪامڻيُون
ڪُفر جي ڪوڙڪيُن ۾،
قيد ڪيُون ويُون آهن!
ڪيتريُون ئي ڪامڻيُون
ڪارنهن جِي ڪِرت،
حوالي ڪيُون ويُون آهن!
روز راڪاسَ
راهـ جِي راهيءَ کي،
نينگري ڏاهيءَ کي،
مُحبت جِي منزل ماڻيندڙ
پيار ۾ هر واعدو پاڙيندڙ
هر اُن انسان کي،
هر اُن مُسڪان کي،
خوامخواهـ خاموش
ڪيو ويو آهي!
تاريڪ راتيُن ۾ هيءُ ڏوهـ
ڪيو ويو آهي!
اي نجيبَ!
تنهنجي مُرڪندڙ ‘مسڪان’
ڪالهـ ڪابُل جِي ڪُک ۾،
ڪانئرن ڪُٺي آهي!
هر اُها ڪُٺي آهي!
جا به مُسڪان جيان،
سُهڻي ۽ سُٺي آهي!
جا به مُسڪان جيان،
سُهڻي ۽ سُٺي آهي!
***