الله رب العالمين عز و جل جا ڪروڙ ها ڪروڙ بيشمار احسانات جو انهيءَ اسان کي اهڙي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو امتي بڻايو آهي. جنهن جي لاءِ تمام انبياءَ ڪرام، رسولن، پيغمبرن امتي ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندي فخر محسوس ڪيو ۽ انهيءَ عظيم هستيءَ جي پوئلڳي ۾ پنهنجي دائمي عافيت سمجهندي هر وقت درود و سلام جي ڪثرت ڪري الله جو راضپو حاصل ڪيو. هونئن ته پوري دنيا ۾ هر هنڌ تي بيشمار انسان ته انسان پر پرنده چرندا، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، هر خشڪ و تر الله عز و جل جي پياري حبيب رئوف رحيم حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جي نعت خواني ڪرڻ لاءِ مختلف انداز ۾ ثنا خواني ڪندا رهن ٿا. هيءَ دنيا جي واحد هڪ اهڙي عظيم هستي ۽ ذات پاڪ آهي جنهن لاءِ جيڪڏهن پوري دنيا جا وڻ قلم ڪري ۽ پوري جهان جا سمنڊ مس ڪري سرڪار دو عالم ﷺ جي ساراهه، واکاڻ، تعريف ۽ توصيف ۾ لکيا وڃن تڏهن به انهيءَ عظيم ذات پاڪ جي عظمت شان اقدس جو ڪاٿو نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ عظيم هستي جي پاڪيزه ذات مبارڪه ۾ بيشمار الله تعاليٰ معجزات رکيا آهن ۽ خدا تعاليٰ پنهنجي پياري حبيب ڪريم ﷺ جي ولادت با سعادت کان اڳ ۾ ۽ بعد ۾ ۽ پردي مٽائڻ بعد جا بيشمار معجزات ظاهر ٿيا. انهيءَ عظمت جي سمنڊ مان هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪندي سنڌ جي عالمن، بزرگن، درويشن، صوفين، الله لوڪ هستين جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ملهائڻ لاءِ پنهنجي اسلاف جي نقش قدم تي هلندي اسلامي تاريخ جي هڪ اهم ۽ مکيه خوشي ٻين عيدين جي ڏهاڙي جيان ملهائڻ ثابت آهي 12 ربيع النور معنيٰ 12 ربيع الاول اها عيد سعيد آهي جنهن جي ڪري ئي اسان توهان کي عيدالفطر ۽ عيد الاضحيٰ به ملي آهي نه ته ڪا به خوشي ۽ ڪابه عيد نه هجي ها جيڪڏهن اسان جا پيارا آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ دنيا ۾ نه هجن ها ته ڇا دنيا جهان جون بيشمار الله رب العالمين جون ڏنل نعمتون نصيب ٿين ها؟ وڏي ۾ نعمت خدا وند ڪريم جي اها آهي ته اسين مومن مسلمان ٿياسين ڪلمي پڙهڻ بعد امتي ٿيڻ جي نعمت ملي، انهيءَ کانپوءِ پنهجي محسن آقا و مولا حضور سراپا نور ﷺ جي عشاقن رسول ۾ نالو جي سعادت نصيب ٿي ۽ هر جاءِ جهر جهنگ، برپٽ بيان، نگر نگر، وستي وستي مقصد ته جتي به هجون اتي پنهنجي مٺڙي آقا مرسل مهربان، مدني منٺار مدني لڄپال حضور سراپا نور ﷺ مٿان درود و سلام پڙهڻ وارن جي سعادت حاصل ڪندڙن وارا بڻاسين. الله جي رضا ۽ مديني واري مير حضور عليه الصلوات والسلام جي مٿان درود پڙهڻ جا بيشمار فضائل آهن، سائين ڪريمن ﷺ جن جو فرمانِ عاليشان آهي جنهن جو مفهوم آهي ته “جنهن به مون تي هڪ دفعو درود سلام پڙهيو، الله تعاليٰ انهيءَ جا 10 گناهه مٽائيندو، 10 درجا بلند ٿيندس، 10 نامه اعمال ۾ نيڪيون لکيون وينديون ۽ وڏي ۾ وڏي مهرباني ۽ ڪرم نوازي اها ٿيندي ته سائين ڪريمن ﷺ جي ديدار جي سعادت نصيب ٿيندي. الحمدلله! سنڌ دنيا ۾ هڪ اهڙو خطو سر زمين آهي جنهن جا رهواسي سنڌي پنهنجي وڏڙن جي ٻڌايل واٽ تي هميشه گامزن رهندي مديني واري شهنشاهه حضور عليه الصلوات والسلام جي عظيم ۽ شاندار اسلام لاءِ بي انداز قرباني ڏيندڙ صحابه ڪرام حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت سيدنا عثمان غني ذوالنورين رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله تعاليٰ عنه هي اهي سرڪار مدينه ﷺ جا جانثار صحابه ڪرام آهن جن جي بدولت اسلام جو پاڪيزه پيغام دنيا جي هر پاسي ملڪان ملڪ باقي آهي. حقيقتِ اسلام انهن ئي نفوسه قدسيه جي ڪوششين ۽ ڪاوشن جو ثمر آهي.